ڀڳت

ڀڳت: ڀڳت موسيقيءَ جو اهو نج سنڌي نمونو آهي، جنهن کي سٽاءَ ۽ پيشڪش جي لحاظ کان نه داستان گوئيءَ جي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو نه مروج ۽ نج موسيقيءَ جي ڳاڻاٽي ۾. ائين کڻي چئجي ته داستان کي موسيقيءَ جي سهاري سان اهڙيءَ ريت پيش ڪجي، جو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ جي ذهن کي ڇُهي. ڀڳت داستان گوئيءَ جو پراڻي ۾ پراڻو سنڌي ”بيان“ (Narrative) جو انداز آهي. ائين کڻي چئجي ته ڀڳت سنگيت جي هڪ اهڙي روايت آهي، جيڪا مختلف ارتقائي مرحلا طئه ڪندي اچي ناٽڪ جي مختلف صورتن تي بيٺي آهي. ڀڳت هندو تهذيب جي ڪٿڪ وانگر آهي، ڇو ته ان جي تاڃي پيٽي ۾ ڏوهيڙن، بيتن، ۽ ڪافين جي ذريعي جيڪا اُڻت ٿئي ٿي. اها اگرچه سنڌي هنر جو خالص نمونو آهي، پر ان جو بنياد اصولي طور ڪٿڪ جهڙي فني بندش ۽ هزارن سالن جي قديم فن تي آهي. ڀڳت، ڪهاڻي ٻڌائڻ جو هڪ انداز آهي، جنهن ۾ مُک ڪلاڪار ٿئي ٿو ۽ ٻيا مددي يا اوٺاڻي جو آواز ڏيندڙ ٿيندا آهن. مُک ڪهاڻي ٻڌائيندڙ پهرين نثر ۾ ڪهاڻي ٻڌائيندو ۽ پوءِ پنهنجن مددگارن جي مددي آوازن سان، ڪهاڻيءَ جي درميان مڪالمن کي نثر ۾ ته ڪٿي نظم ۾ ظاهر ڪندو ويندو. ڪهاڻيءَ اندر هڪ ڪهاڻي هوندي آهي، جيڪا ٻڌندڙ کي دنياوي جهنجهٽن کان آزاد ڪري، هڪ تصوراتي دنيا ۾ پهچايو ڇڏي.
ڀڳت جي ٽولي ۾ گهڻو ڪري چئن کان ستن تائين ڀڳت حصو وٺندا آهن، جيڪي سڀ سُر ۽ تال جا پڪا هوندا آهن. مک فنڪار راڳداري ۽ داستان گوئيءَ جو ماهر هوندو آهي. هڪ ڄڻو هارمونيم تي، ٻيو پڪواز تي، ٻه يا وڌيڪ ننڍي ٽهيءَ وارا گهڻو ڪري سٺا ناچو هوندا آهن، جن جو آواز ته مٺو هوندو ئي آهي، پر نچي به سٺو سگهندا آهن. ڀڳت گهڻو ڪري رات جي ٻئي پهر ۾ پوندي آهي، پر ڪو وقت مقرر نه آهي. سنڌ جي مشهور ڀڳتن ۾، ڀڳت ڄيٺارام کوکرن تڙن وارو؛ ڀڳت رتن چند، ڀڳت ڄيٺارام ابجي وارو؛ ڀڳت سدانند ۽ مولراج ملير وارو؛ ڀڳت ديوداس مانجهندن وارو؛ ڀڳت مير محمد ڪنڀر دادوءَ وارو؛ ڀڳت ماڻڪ کٽي نواب شاهه وارو؛ ڀڳت رامداس، ڀڳت ويڻسي رام، ڀڳت آئلرام ڦُليلي وارو؛ ڀڳت راءِ سنگهه کهري جي ڳوٺ وارو؛ ڀڳت ايسرداس تاراچند حيدرآباد وارو؛ ڀڳت چيتن سکر وارو ۽ خاڪو ميگهواڙ شامل آهن. مٿين ڀڳتن مان ڪيترن جي حياتيءَ جو احوال ميسر ناهي. گمان غالب آهي ته اهي ميرن جي آخري دور کان وٺي، انگريزن جي پهرين اڌ صدي تائين جا نامور ڀڳت هجن. انهن ڀڳتن، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀڳت جي ذريعي ڀڳت جي فن کي فروغ ڏنو ۽ هندو مسلم ڀائيچاري ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ويهين صديءَ ۾ ڀڳت ڪنور رام ۽ نارو ڀڳت وڏا نالا آهن. ٿر جي ايراضيءَ ۾ ڀڳت موهن، ڀڳت چاندارام مشهور ٿيا. ورهاڱي کان پوءِ گهڻي تعداد ۾ ڀڳت هندستان لڏي ويا، باقي چند وڃي بچيا، ڇڙوڇڙ هجڻ ڪري راڳ جو هي ادارو ڏينهون ڏينهن اجڙي رهيو آهي.


لفظ ڀڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو