
ڀڳت چنديرام
ڀڳت چنديرام: ڀڳت چنديرام رهڙڪي آستان جو ڀڳت هو. ڀڳت ڪنور رام جي ديھانت کان پوءِ ’رھڙڪي‘ آستان کي ڀڳت چنديرام سنڀاليندو ھو. سادي پوشاڪ، سادو چولو، ڌوتي ۽ مٿي تي اڇي ٽوپي ۽ ڪڏهن اڇي پڳ پائيندو ھو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ راڳ جون محفلون ڪندو ھو، جيڪي ڪجهہ پئسو ڏوڪڙ، ڪپڙو لٽو راڳ جي محفل ۾ ملندو ھوس، سو غريبن، يتيمن ۽ بيواھن ۾ اتي جو اتي ورھائي ڇڏيندو ھو. جيئن ڀڳت ڪنوار رام ڪندو هو. سندس آواز بلند ۽ مٺو ھوندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ڳائيندي ڳائيندي سندس من ڀرجي ايندو ھو. سدائين نماڻائي ۽ نھٺائيءَ ۾ رھيو. ڀڳت چنديرام ڪيترن ئي اناٿن (بي سهارا) کي گهر وٺي ڏنا. جيڪڏھن ڪو سوالي ڀڳت وجهندي سوال ڪندو ھوس تہ اتي جو اتي جهولي ڪري سواليءَ جو عرض پورو ڪندو ھو. رھڙڪي آستان تي ڀڳت چنديرام، چيٽي چنڊ ۽ پوھي چنڊ جا ميلا منعقد ڪرائيندو هو. ميلي ۾ ڪيترن ئي ڀڳتن جون ٽوليون اينديون ھيون. ڀڳت چندي رام پاڻ بہ راڳ جي محفل مچائيندو ھو، ميلي تي ايندڙ مھمانن ۽ ڀڳتن لاءِ لنگر ھلندو ھو. هُو 42 ورھين جي ننڍي عمر ۾ 29 ڊسمبر 1969ع تي گذاري ويو.