ڄام شورو: حيدرآباد ڊويزن جو ضلعو، جنھن جو صدر مقام ڪوٽڙي شھر آهي. ڊسمبر 2004ع ۾ دادوءَ کان الڳ ڪري انتظامي طرح ڌار ’ڄـام شـوري‘ کي ضلـعـي جو درجو ڏنو ويو. ضلعي ۾ چار تعلقا: سيوهڻ، مانجهند، ڪوٽڙي ۽ ٿاڻو بولا خان شامل آهن. ضلعي جي اتر ۾ دادو ضلعو، اوڀر ۾ سنڌو ندي ۽ حيدرآباد ضلعي جو ڪجهہ حصو، اولھہ ۾ کيرٿر جبل ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد، ٺٽو ۽ ڪراچي ضلعا اچي وڃن ٿا. ضلعي جـو صنـعتـي عـلائـقــو ڪوٽڙيءَ کان نوري آباد تـائيـن پکـڙيـل آهــي، جتـي سـائيـٽ ايـريـا ۾ 500 کان وڌيڪ ننڍا ۽ وڏا ٽيڪسٽائيل، سيمينٽ ۽ گيھه وغيرہ جا ڪارخانا قائم آهن. ضلعي ۾ قديم ماڳن جو هڪ سلسلو موجود آهي، جيڪو موهن جي دڙي ۽ مھرڳڙھہ واري دور کان شورع ٿئي ٿو. هن ضلعي جي قديم ماڳن مڪانن ۽ شھرن ۾: رني ڪوٽ جو قلعو، سيوهڻ شھر، سيوهڻ جو قلعو، قلندر شھباز جو مقبرو، ڀڳو ٽوڙهو جبل، لڪي تيرٿ، شاھہ صدرالدين لڪياريءَ جو مقبرو، ڪائيءَ جو غارون، آمري، ڪوهتراش بُٺي، علي مراد واهڻ، ڪرچات، پوکڻ ڪوٽيرو، بيبيءَ جي ڀٽ، نئنگ، احمد شاھہ سائيٽ، عارب جو ٿاڻو، کجور لانڍي، ٻچائي لانڍي، حجوڻو، ٽڪو بارڻ، سن شھر، شاھہ حيدر سنائي، شاھہ جرار ۽ جي. ايم. سيد جون مزارون،ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار جي مزار، نئن موهن ۽ نئن بارڻ وغيرہ شامل آهن. ضلعي جي قديم ماڳن مڪانن تي آثار قديمہ جي ماهرن فيئر سروس ۽ اين. جي. مجمدار ڪم ڪيو آهي. هن ضلعي جي قديم ماڳن مان آمريءَ جا آثار وڏي اهميت رکن ٿا، جيڪي موهن جي دڙي جي تھذيب کان بہ آڳاٽا آهن. ضلعي جي جهانگارا باجارا علائقي واري قديم سڙڪ وسيلي، قافلا عربي سمنڊ ۾، سامونڊي سفر لاءِ، سامونڊي بندرن تي پھچندا هئا. هن ئي سڙڪ سان محمد بن قاسم کي گرفتار ڪري واپس بغداد موڪليو ويو هو. ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منڇر ڍنڍ بہ هن ضلعي ۾ واقع آهي. ڄام شوري کي سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) لاءِ مکيہ لنگهہ بہ ڪوٺيو وڃي ٿو، هتان ئي سيوهڻ کان پوءِ کيرٿر جو جابلو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جنهن جي ڄمار ايم. ايڇ. پنهور 39 کان 47 ملين سال ڄاڻائي آهي. ضلعي جي ڪجهہ حصي ۾ کيرٿر نئشنل پارڪ بہ اچي وڃي ٿو. ڪوهستاني جابلو پٽي بہ هن ضلعي ۾ آهي. هن ضلعي ۾ ڪانڀو، ڪارو ۽ سورجاڻي جبل بہ آهي. سنڌو ندي هن ضلعي جي سيوهڻ کان ڄام شوري تائين سڌي سينڌ وانگر وهي ٿي، جنھن جي ڪپ تي لڪي شاھہ صدر، آمري، سن، مانجهند، ٻڍاپور، انڙپور، علي آباد، پيٽاري، ڄام شوري ۽ ڪوٽڙيءَ جا شھر واقع آهن. مشھور تفريحي ماڳ، بڊو جبل بہ هن ئي ضلعي ۾ آهي. ڄام شوري ويجهو المنظر وارو تفريحي ماڳ سنڌو نديءَ جي ڪناري، ڄام شوري پل ويجهو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺھرايو هو. هتان ئي ڦليلي واھہ، ڪوٽڙي بئراج جا واھہ نڪري سنڌ جي لاڙ واري حصي کي آباد ڪن ٿا. هي ضلعو سنڌ صوبي توڙي پاڪستان جي اهم تعليمي درسگاهن: سنڌ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) ۽ مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي (MUET) جي ڪري بہ مشھور آهي. ان کان علاوہ هن ضلعي ۾ سنڌي ادبي بورڊ، بيورو آف ڪريڪيولم، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڊاڪٽر اين اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ، ايم. ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽ (SIMPA)، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ ٻيا ڪيترائي علمي، ادبي ادارا موجود آهن. ضلعي جي توانائي وارن منصوبن ۾: ڄامشورو ٿرمل پاور اسٽيشن، لاکڙا پاور پلانٽ ۽ گيس ٽربائن پاور اسٽيشن (GTPS) شامل آهن. ضلعي جي قديم ترين قبرستانن ۾: بونيشن وارو قبرستان ۽ ڄام لوهار وارو قبرستان (تؤنگ، ٿاڻو بولا خان) اچي وڃن ٿا. هتي تاريخ کان اڳ واري دؤر جون ڪيتريون قديم روهيون ۽ ڪوٽيڙا موجود آهن، جھڙوڪ: حسين شاھہ ڪوٽيڙو، سَند ڪوٽيڙو، رجب باريجو، حاجي قاسم باريجو وغيرہ. زردتشت دؤر جا ڪيترا گبربند جھڙوڪ: دنبار گبربند ۽ گز گبربند بہ هن ضلعي ۾ موجود آهن. خود رني ڪوٽ جي دروازي تي زردتشتين جو آتشڪدو ۽ ميري ڪوٽ ۾ زردتشت دور جا نشان ملن ٿا. ضلعي جي ڳوٺ انڙپور لڳ دولھه خان جي اوطاق'>دريا خان جي اوطاق بہ موجود آهي، جنھن جي تازو سنڌ حڪومت مرمت بہ ڪرائي آهي. 2017ع جي آدمشماري موجب هن ضلعي جي آبادي نو لک ٽيانوي هزار، نو سو اٺ (993،908) آهي.