ڄام نواز علي

ڄام نواز علي: سنڌ جي مشھور ڳوٺ ڄام نواز علي، جوڻيجا سياسي خاندان جو آبائي ڳوٺ آهي. جڏهن ڄام صادق علي سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو، تڏهن پنھنجي ڳوٺ/ شھر کي تعلقي جي حيثيت ڏنائين. ان ريت هيءُ شھر ضلعي سانگهڙ جو ڇهون تعلقو بنجي ويو. بعد ۾ هتي ڪيئي سرڪاري عمارتون ۽ ريسٽ هائوس تعمير ڪيا ويا. هيءُ وڌندڙ شھر سانگهڙ کان 60 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ بہ هتي واقع آهي.


لفظ ڄام نواز عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو