چئناڻي حشمتراءِ آتما

چئناڻي حشمتراءِ آتما

چئناڻي حشمتراءِ آتما

چئناڻي حشمتراءِ آتما (سي. ايڇ. آتما): بھترين شخصيت ۽ آواز جي مالڪ سي. ايڇ. آتما جو پورو نالو آتما حشمتراءِ چئناڻي آهي. هن جو جنم حيدرآباد، سنڌ ۾ 10 ڊسمبر 1924ع تي ٿيو. ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان گرئجوئيٽ ٿيو. اسڪولي ۽ ڪاليجي دور ۾ هن جي آواز کان هرڪو متاثر هو. سندس آواز مشھور گائڪ ڪي. ايل. سهگل سان مشابهت رکندو هو. سنڌ ۾ HMV ڪمپنيءَ سندس آواز کان متاثر ٿي هڪ رڪارڊ ڀرايو، جنهن ۾ هڪ ماتا جو اوراڻو ”ٻاجهہ ڪجانءِ ٻچڙن تي مائي، تنھنجا آهن ٻار“ ڏاڍو مشھور ٿيو. ان سال سي. ايڇ. آتما جو هڪ هندي گيت ’پريتم آن ملو‘ بہ بيحد مقبول ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ هن ڪيترين هندي فلمن ۾ پلي بئڪ گائڪ طور ڪم ڪيو ۽ پنھنجي طلسمي آواز جو جادو ڏيکاريو. هن گائڪ جون خانگي گيتن جون ڪافي رڪارڊنگس موجود آهن. اهي گيت آل انڊيا ريڊيو تان وقت بہ وقت وڄايا ويندا آهن. سندس ڳاتل گيتن جون ڪئسيٽون بہ نڪتل آهن. هن هڪ سنڌي فلم ”انصاف ڪٿي آ“ ۾ هڪ گيت ”اڃا ڪنهن جي نظر آهي ۽ مان آهيان“ ڳاتو، جنهن جو گيتڪار مشھور شاعر پرسرام ضيا هو، جڏهن تہ ان جي موسيقي، نامور موسيقار بلوسي راڻي ترتيب ڏني. هن پنجابي ۽ بنگالي ٻولين ۾ بہ گيت ڳايا آهن. هن هندي فلم ’بلوا‘ ۾ هيري جو رول ادا ڪيو ۽ ’گيت گايا پٿرون ني‘ فلم ۾ اداڪار طور ڪم ڪيو. سي. ايڇ. آتما جي هندي فلمن ۾ ڳاتل گيتن جو تفصيل هن ريت آهي: فلم ڀائي صاحب (1951): (1) ايڪ ستارا هئه آڪاس مين، موسيقار: شنڪر جئہ ڪشن، (2) روئون مين ساگر ڪي ڪناري، (3) تم ڪو اپني زندگي ڪا آسرا. فلم ڀائي صاحب (1954) (1) گهيرتا هي انڌيرا، (5) رات ڦاگن ڪي، (2) هزار رنگ مين راتون ڪو، (3) دنيا تيري رنگ نرالي، (4) دل ڪي لگي، (5) او نيچي نيچي نگر، (6) نظـر نـي ديا افـسـانا؛ فلم بلوا منگل (1954ع) ۾: (1) پن گهٽ په موري شام، (2) اب سوني پئي اٽريا، (3) ڇُپ گئي تو ري نين متوالي، (4) موهن پياري اب، (5) او ديواني ڪي دئي، (6) دن ني جاتي جاتي؛ فلم گيت گايا پٿرون ني (1966ع) ۾: (1) گايا پٿرون ني، (2) هو ساٿ اگر، (3) هر درد کي دوا وغيرہ. هن آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڪافي پروگرام پيش ڪيا. اڄ بہ ريڊيو تان سندس رڪارڊ وڄن ٿا ۽ هن مهان ڪلاڪار جي ياد تازي ڪن ٿا. سي. ايڇ. آتما 4 ڊسمبر 1975ع تي بمبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.12.10  عيسوي

چئناڻي حشمتراءِ آتما جو جنم حيدرآباد، سنڌ ۾ 10 ڊسمبر 1924ع تي ٿيو.


1975.12.04  عيسوي

سي. ايڇ. آتما 4 ڊسمبر 1975ع تي بمبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چنيسر
احمد جي چاڳلا
امام بخش صابر
شيام داس جوشي
اي آرملڪ ڊاڪٽر
قمر جھان مرزا ڊاڪٽر
ادراڪي بيگلار
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
قائداعظم محمد علي جناح
ادا قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون