چانڊيو، عبدالرحمان: عبدالرحمان چانڊيو، ڳوٺ نواب غيبي خان چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ 1857ع ڌاري ڄائو. ديني تعليم ۽ فارسي پنھنجي ڳوٺ ۾ ئي پڙهيو. هي اڪثر شام جو پنھنجي ڳوٺ ۾ سگهڙن ۽ سياڻن جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو. هي قت جي مشھور شاعرن جي صحبت ۾ رهيو. جنهن ۾ شاھہ محمد ديدڙ، حاجي خانڻ، موهن فقير، عارف ڪلهوڙو، ڇتو سانگي ۽ عبدالڪريم شامل هئا. عبدالرحمان ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو. هن کي بيشمار قصا، ڪهاڻيون ۽ لطيفا ياد هوندا هئا. هن جي ڪلام ۾ نج ديسي ۽ ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪيل آهي. هن لوڪ ادب جي صنفن جھڙوڪ: هنر، ڳجهارت، دوهو، سينگار، ڪافي، لولي، سهرا، نڙ بيت ۽ مناظرن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ چٽيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس باري ۾ لکيو آهي تہ: ”آخوند عبدالرحمان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد شاگردن کي پڙهائيندو هو. سندس ڪلام گهڻو تڻو ڇپيل آهي. هنر ۽ سينگار جا بيت ۽ ٽيھہ اکريون مشھور شاعر شاھہ محمد ديدڙ جي تتبع تي چيائين.“
عبدالرحمان چانڊيي 28 جمادي الاول 1344/ 15 ڊسمبر 1925ع ۾ وفات ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس شاعري پنهنجن ڪتابن ’سنڌي ڪافيون‘ ۽ ’سنڌي سينگار شاعري‘ ۾ ڏني آهي.