چانڊيو، عبدالرحمان: عبدالرحمان چانڊيو، ڳوٺ نواب غيبي خان چانڊيي، تعلقي قنبر ۾ 1857ع ڌاري ڄائو. ديني تعليم ۽ فارسي پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پڙهيو. هي اڪثر شام جو پنهنجي ڳوٺ ۾ سگهڙن ۽ سياڻن جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو. هي قت جي مشهور شاعرن جي صحبت ۾ رهيو. جنهن ۾ شاهه محمد ديدڙ، حاجي خانڻ، موهن فقير، عارف ڪلهوڙو، ڇتو سانگي ۽ عبدالڪريم شامل هئا. عبدالرحمان ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو. هن کي بيشمار قصا، ڪهاڻيون ۽ لطيفا ياد هوندا هئا. هن جي ڪلام ۾ نج ديسي ۽ ڳوٺاڻي ماحول جي عڪاسي ڪيل آهي. هن لوڪ ادب جي صنفن جهڙوڪ: هنر، ڳجهارت، دوهو، سينگار، ڪافي، لولي، سهرا، نڙ بيت ۽ مناظرن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس باري ۾ لکيو آهي ته: ”آخوند عبدالرحمان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد شاگردن کي پڙهائيندو هو. سندس ڪلام گهڻو تڻو ڇپيل آهي. هنر ۽ سينگار جا بيت ۽ ٽيهه اکريون مشهور شاعر شاهه محمد ديدڙ جي تتبع تي چيائين.“
عبدالرحمان چانڊيي 28 جمادي الاول 1344/ 15 ڊسمبر 1925ع ۾ وفات ڪئي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس شاعري پنهنجن ڪتابن ’سنڌي ڪافيون‘ ۽ ’سنڌي سينگار شاعري‘ ۾ ڏني آهي.