نواب غيبي خان چانڊيو

نواب غيبي خان چانڊيو

چانڊيو نواب غيبي خان

چانڊيو، نواب غيبي خان: چانڊيا قبيلي جي سردار، نواب غيبي خان چـانڊيـي جـو اصـل نـالـو عـلـي نـواز خـان ولد سردار محمد خان چانڊيو هو. هن 25 ڊسمبر 1872ع تي ڳوٺ غيبي ديري (تعلقي ۽ ضلعي قنبر- شھدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو. نواب غيبي خان نَوَ لکي جاگير جو مالڪ هو. هيءَ جاگير سمن حڪمرانن سـندس خـانـدان جـي بـهـادر سـردار سريـمڻ چانڊيـي کـي بهـادريءَ عيـوض ڏنـي هـئي. سندن اها جاگير غيبي ديري قنبر کان وٺي مـيـهـڙ ۽ وارھہ تعـلـقـن ۽ جـيـڪب آباد ۽ شـهـدادڪوٽ تـائيـن ڦـهـلـيـل هـئي. نـواب غيبي خان جي ڏاڏي سريمڻ خان کي شاھہ بيگ ارغون جي ڪاھہ وقت ڄام نظام الدين (ڄام نندي) جي وزير دولھہ دريا خان جي مدد ڪرڻ ۽ شاھہ بيگ ارغون سان مقابلو ڪري قنڌار فتح ڪرڻ جي ڪري انعام طور جاگير ملي هئي. نواب غيبي خان معمولي پڙهيل هو. پنھنجي پيءُ سردار محمد خان چانڊئي ۽ وڏي ڀاءُ جي قتل کان پوءِ پڳ جو وارث ٿيو. 1894ع ۾ چانڊين جي قبيلي جو سالار ۽ پڳدار ٿيو. نواب غيبي خان انگريزن جو ساٿاري هو. چانڊين ۽ مگسين جي شاهي جرڳي ۾ سوڀ ماڻيائين. نيڪ نفيس، بلند اخلاق، صاف گو ۽ انصاف پسند شخص هو. هندو مسلمان ۾ فرق نہ ڪندو هو. رعيت جو خيرخواھہ ۽ چانڊين جو جان نثار هو. گهڻو ڪري راڄوڻا فيصلا پاڻ ڪندو هو. چانڊيا قبيلي جا ماڻهو سندس فيصلي کي حرف آخر سمجهندا هئا. نواب غيبي خان جي ڪچهري غريب يا امير لاءِ عام هوندي هئي. شڪار جو گهڻو شوقين هو. نواب غيبي خان سنڌ ۾ نالي وارو توپچي ليکيو ويندو هو. سندس قبيلائي طاقت بابت لاڙڪاڻي جي ان وقت جي ڪليڪٽر سيد هاشم رضا انگريز سرڪار کي لکيو هو تہ وٽس ڇھن پوليس ٿاڻن جيتري طاقت (Force) موجود آهي. گهٽ پڙهيل هجڻ جي احساس سبب پنھنجي زندگيءَ ۾ پڳدار پوٽي سردار احمد سلطان چانڊيي کي جديد تعليم ڏيارڻ لاءِ ماهر تعليم علي خان ابڙي کي ڪل وقتي استاد مقرر ڪيائين، جيڪو ان دور ۾ ماهوار پنج سئو رپيا پگهار کڻندو هو ۽ جنهن 20 مهينن جو اڳواٽ پگهار ورتو هو. نواب غيبي خان 1920ع ۾ خلافت تحريڪ جي سب ڪميٽيءَ جو اجلاس پنھنجي بنگلي تي سڏايو، جنهن ۾ تحريڪ جا اڳواڻ جان محمد جوڻيجو، پير تراب علي شاھہ راشدي، پير علي انور شاھہ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. بعد ۾ نواب غيبي خان، سر شاهنواز خان ڀُٽي جي گروپ ۾ شامل ٿيو.
نواب غيبي خان کي 25 مارچ 1945ع تي شهنشاھہ برطانيا ’سر‘ جو خطاب ڏنو. غريبن جو مددگار هو. ڪيترن کي ذاتي خرچ تي حج ڪرايائين ۽ ڪيترين يتيم نياڻين کي شاديءَ لاءِ روڪ رقم ڏنائين. نواب غيبي جا چانڊيي جا فيصلا اڄ بہ تاريخي حيثيت رکن ٿا. چانڊيا قبيلي جو هيءُ ٽيٽيهون سردار 04 ڊسمبر 1954ع تي وفات ڪري ويو. سندس وفات کان پوءِ نواب مير محد چانڊيو، نواب احمد سلطان چانڊيو، سردار نواب شبير احمد چانڊيو سردار ٿيا. جڏهن تہ هاڻي نوابزاده خان چانڊيو'>سردار خان چانڊيو چانڊيا قبيلي جو سردار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1872.12.25  عيسوي

چانڊيا قبيلي جي سردار، نواب غيبي خان چـانڊيـي جـو اصـل نـالـو عـلـي نـواز خـان ولد سردار محمد خان چانڊيو هو. هن 25 ڊسمبر 1872ع تي ڳوٺ غيبي ديري (تعلقي ۽ ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ) ۾ جنم ورتو


1954.12.04  عيسوي

چانڊيا قبيلي جو هيءُ ٽيٽيهون سردار 04 ڊسمبر 1954ع تي وفات ڪري ويو.


1945.03.25  عيسوي

نواب غيبي خان کي 25 مارچ 1945ع تي شهنشاهه برطانيا ’سر‘ جو خطاب ڏنو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظھير عباس
رستم علي ٻرڙو
آلندي سيلويڊار
جھانگير بادشاھہ
امام بخش گهرياڻي
حاتم ٽالپر ڊاڪٽر
شجاع حبشي
ذاڪر حسين طبله نواز
ڏيپچند ٽي اوجها
عرفان مهدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون