
چانهه/ چاري پکي (Indian Roller/ Blue Jay/ Coracias benghalensis)

ڪشميري چانهه پکي
چانھہ/ چاري پکي (Indian Roller/ Blue Jay/ Coracias benghalensis): چانھہ پکي 30 سينٽي ميٽر جسامت جو ٿئي ٿو. هن جا نر ۽ ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن پکيءَ جو پيٽ، پٺي ۽ پيشاني بادامي، مٿو هلڪو نيرو، پرن جا کنڀ ترتيبوار هلڪا ۽ گهرا نيرا ٿين. هن جي پيٽ جو هيٺيون حصو هلڪو نيرو ٿئي. ان جي پڇ تي اڇا ۽ نيرا افقي پٽا ۽ پڇ جا وچان کنڀ سرمائي ٿيندا آهن. هي پکي گهڻو ڪري ٿنڀن يا ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺو هوندو آهي ۽ جڏهن پرَ ڦڙڪائي هيٺ لھندو آھي تہ ان جا اندريان ٻہ رنگا پر واضح ٿيندا آھن. چانھہ پکي ٽنڊڻ ۽ ٻيا جيت کائيندو آهي. هي پکي سنڌ کانسواءِ سڄي ڏکڻ ايشيا، عراق کان ٿائلينڊ تائين ملي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اڏري اولھہ ايشيا، بنگلاديش ۽ ونڌيا جبل جي قطارن تائين وڃي ٿو. هي پکي 3 کان ڏھہ ميٽر اوچائيءَ تائين اڏامڻ مھل ڪلابازيون کائيندو آهي. هي پکي مارچ کان جون تائين لڳ جهلي ٿو. پنهنجا آکيرا وڻن جي سوراخن يا ڪن حالتن ۾ ڪکن ڪانن سان ٺاهيندو آهي. چانھہ پکيءَ جا بيدا گول يا قوسي شڪل جا سفيد رنگ جا ٿين ٿا. هن پکيءَ جي مادي 3 کان 5 بيدا ڏيندي آهي، ۽ نر ۽ مادي ٻئي آنن تي آرو ڪندا آهن، جيڪو 17 کان 19 ڏينهن هلندو آهي. نر ۽ مادي مهينو کن آکيري ۾ رهندا آهن. هي پکي ’ڪَڪ-ڪَڪ‘ جو آواز ڪڍندو آهي. اهو آواز لَڳُ جهلڻ جي مند ۾ وڌي ويندو آهي. ڍنڍن جي ڪنارن تي هي پکي مڇي جهلي کائيندو آهي. چانھہ پکيءَ جو هندو ديومالائي ڪهاڻين سان بہ گهرو واسطو آهي، خاص طور دسهڙي جي مند ۾ هندو ماڻهو هن کي اُڏاريندا آهن. هن وقت بہ آنڌرا پرديش، بهار، ڪرناٽڪ ۽ اوڙيسا ۾ رياستي پکيءَ جو درجو رکي ٿو.
ڪشميري نيري چانھہ (European Roller/ Coracias garrulous): ڪشميري چانھہ پکي 30 سينٽي ميٽر جسامت رکي ٿو ۽ هن پکيءَ جا نر ۽ ماد هڪجهڙا آهن. هي پکي سڄو نيرو ٿيندو آهي، البت اُن جي پُٺي هلڪي چاڪليٽي رنـگ جـي ٿيـنـدي آهـي. هن جي کنڀڙاٽيءَ جو مٿيون حـصـو ڪـارو ٿيـنـدو آهي ۽ چوٽين وٽ ڪارڙا نيرا کنڀ ھوندا آهن. هن جي پرن جي پکيڙ 52 کان 58 سينٽي ميٽرن تائين ٿئي ٿي. هن جو پُڇ نيرڙو خاڪي نارنگي رنگ جو ذري گهٽ چورس شڪل جو هوندو آهي. نيري چانھہ عام طور ڪنهن وڻ، ٿنڀي يا ٽيليفون تار تي ويٺل زمين تي وڏن جيتن جي تاڙ ۾ نظر ايندي آهي. شڪار تي نظر پوندي ئي پنهنجا وڏا پر پکيڙي، ان تي جهٽ هڻندي آهي ۽ واپس ڪنھن اوچي جاءِ تي اچي ويهندي آهي. چانھہ پکي جيتن کي هوا ۾ بہ شڪار ڪري سگهندي آهي. لڳ جي مند ۾ چانھہ پکيءَ جو نَر هڪ خاص نمائشي اُڏار ڪندو آهي، هُو آسمان ۾ مٿي اُڏامندو آهي ۽ پوءِ خاص قسم جي گهُت هڻندو آهي، جنهن ۾ هن جا سھڻا ٻہ رنگا نيرا پَرَ واضح نظر ايندا آهن. ان نمائش دوران هو ڪانءَ جهڙي ڪَرڙاٽ ٻولي ٻوليندو آھي. هي چانھہ پکي جوڙو ٺاهي پنھنجي آکيري ۽ حدن جي حفاظت ڪندا آهن، پر لڏپلاڻ کان اڳ ولر ٺاهيندا آهن. هي پکي اتر آفريڪا کان موراڪو، تونيشيا، يورپ، ايشيا مائينز، سائبيريا، عراق، ايران، اوڀر ڪشمير، ترڪمانستان، ڪاغستان ۽ اتر اولھہ چين ۾ ڏٺو ويو آهي. ڪشميري چانھہ جي اڏام چڱي مٿي ۽ سڌي ٿيندي آهي. هي پکي وڻن جي ٿڙن، جبلن جي سوراخن ۽ ڪن حالتن ۾ وڻن جي ڪکن ڪانن تي آکيرو ٺاهيندو آهي ۽ 4 کان 6 آنا لاهيندو آهي.