
چترال جو نقشو

چترال جو ڏيک
چترال: چترال، خيبر پختونخوا صوبي جو خوبصورت علائقو آهي. هي ايراضيءَ جي خيال کان سڀ کان وڏو ضلعو آهي، جيڪو صوبي جي پنجين حصي جي برابر آهي. هن ضلعي ۾ هيٺيان تعلقا اچي وڃن ٿا: (1) مستوج، (2) دروش، (3) تورکو، (4) موڙڪهو، (5) چترال ۽ (6) لٽڪوه. چترال ضلعو مالاڪنڊ ڊويزن ۾ شامل آهي. چترال جي اتر ۽ اولھہ ۾ افغانستان، اوڀر ۾ دِير ۽ دوست ضلعا آهن. هيءُ ضلعو هر پاسي کان ڪوھہ هندوڪش ۽ وڏن جبلن ۾ گهيريل آهي. هتي اوچين پهاڙين جون ڪيتريون چوٽيون آهن، جن ۾ ’ترچ مير‘ سڀ کان اوچي ۽ اڪثر برف سان ڍڪيل هوندي آهي. هن چوٽيءَ جي اوچائي سامونڊي سطح کان 25 هزار فٽ بلند آهي. ان کان سواءِ ’اسٽورو نال‘، ’نوشاق‘، ’سراغرار‘ ۽ ’بوني زوم‘ بہ اهم چوٽيون آهن. ’بروغل‘، ’درواز‘، ’دوراه‘، ’شندور‘ ۽ ’لواري‘ وارا لڪ مشھور آهن. ’چترال درياھہ‘ بروغل وٽان چيانتار نالي برفاني علائقي مان نڪري، افغانستان ۾ داخل ٿئي ٿو، جتي هيءُ ’ڪنٽر درياھہ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. چترال ۾ ساڍا ٽي چار هزار ق. م ۾ آريا آباد هئا. آرين کان پوءِ هيءُ علائقو ايرانين جي قبضي ۾ ويو. اڳتي هلي هن علائقي کي چينين فتح ڪري پنھنجي هڪ صوبي ’ڪاشنخر‘ ۾ شامل ڪري ڇڏيو، جيڪو پوءِ ’قسقار‘ نالي سان مشھور ٿيو. هاڻوڪو نالو ’چترال‘ اصل ۾ ’چترار‘ آهي. عام ماڻهو ان کي ’چترال‘ ۽ مقامي ماڻهو ’چترار‘ چون ٿا. اٽڪل ڏيڍ هزار سال اڳ چترال ۾ ٻڌ مذهب جا ماڻهو آباد هئا. 1100 سال اڳ مسلمانن هن علائقي جي مٿئين حصي کي فتح ڪيو. ان کان اٽڪل 200 سال پوءِ رئيس خاندان جي بادشاهن سو مالڪ کي شڪست ڏني، جيڪو چترال جي اترين علائقن کان گلگت تائين حڪمران هو. هن سموري علائقي ۾ اسلام کي پکيڙيو. رئيس خاندان جي فتح کان اٽڪل 200 سال پوءِ ڪٽور خاندان هن علائقي تي قبضو ڪيو. جن چئن سؤن سالن تائين چترال تي حڪومت ڪئي. انهيءَ خاندان جو مشھور بادشاھہ ’امان الملڪ‘ هو. 1892ع ۾ امان الملڪ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ سندس پٽن ۽ مائٽن ۾ ويڙھہ سبب هن علائقي ۾ بدامني پکڙجي وئي، ان ڪري انگريزي فوج کي مداخلت جو موقعو ملي ويو. انگريزن محمد شجاع الملڪ کي هتان جو سربراھہ بڻايو. شجاع الملڪ چترال ۾ امن قائم ڪرايو. عوام جي بهتريءَ لاءِ رستا، واھہ ۽ اسڪول قائم ڪيا، بجلي ۽ ٽيليفون جون سهولتون ميسر ڪرائي ڏنيون. 1936ع ۾ محمد شجاع الملڪ جي وفات کان پوءِ سندس پٽ محمد ناصر الملڪ چترال جو سربراھہ بڻيو. هن خاندان جي آخري حڪمران سر محمد ناصر الملڪ ’ناصر‘ بر صغير جي ورهاڱي جي اعلان کان اڳ ئي مئي 1947ع ۾ چترال کي پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ جو اطلاع، وائسراءِ هند کي ڪري ڇڏيو. ائين پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ پهرين رياست چترال هئي. 28 جولاءِ 1969ع تي چترال کي خيبر پختونخوا صوبي جو ضلعو بڻايو ويو. چترال شھر سمنڊ جي سطح کان 4900 فٽن جي بلنديءَ تي آهي. 15 ڊسمبر کان 15 مئي وچ ڌاري هتي شديد برفباري ٿيندي آهي. چترال ۾ پولو راند جو هڪ شاندار ميدان آهي، جيڪو دنيا جو بلند ترين پولو ميدان آهي. چترال سياحت لاءِ دلڪش منظرن وارو شھر آهي، هتي دنيا جي گهڻو ڪري سمورن ملڪن مان سياح ڪيلاش واديءِ جو نظارو ڪرڻ ايندا آهن. ڪيلاش واديءَ کي هتي جا ماڻهو ’ڪافرستان‘ بہ چوندا آهن.