
چرن سنگهه
چرن سنگهہ: ڀارت جو نامور سياسي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم چرن سنگهہ، 23 ڊسمبر 1902ع تي اتر پرديش جي ڳوٺ هاپور (Hapur)، ضلعي غازي آباد ۾ ڄائو. سندس وڏن 1857ع واري آزاديءَ جي جنگ ۾ انگريزن خلاف ڪردار ادا ڪيو هو. چرن سنگهہ، مهاتما گانڌيءَ جي اهنسا (Non Violence) واري سياست جو پوئلڳ هو، جنهنڪري 1930ع ڌاري ڇھہ مهينا جيل ياترا بہ ڪئي هئائين. هن 1937ع ڌاري ڪانگريس جي پليٽفارم تان سياست ۾ باقاعدي داخل ٿيو ۽ اتر پرديش جي ليجسليٽوِ اسيمبليءَ ۾ ميمبر چونڊيو. ان وقت سندس عمر 34 سال هئي. هن اسيمبليءَ ۾ Agriculture Produce Market Bill پيش ڪري وڏي مشهوري حاصل ڪئي.
جنهن ۾ هن هارين سان ڀلاوڻن جي زيادتيءَ خلاف آواز اُٿاريو هو. اهو بل منظوريءَ کان پوءِ ڀارت جي ڪيترين رياستن ۾ لاڳو ڪيو ويو. چرن سنگهہ 1940ع ڌاري ستياگرھہ تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ نومبر 1940ع ۾ کيس هڪ سال لاءِ جيل موڪليو ويو. 1942ع ۾ ٻيهر ڊي. آءِ. آر (D.I.R) هيٺ جيل ويو، جتان نومبر 1943ع ۾ آزاد ٿيو. هن انگريزن کان آزاديءَ واري پارلياماني جدوجھد ۾ ڀرپور حصو ورتو هو ۽ ڪانگريس سان لاڳاپيل رهيو. 1952ع ۾ کيس اتر پرديش رياست ۾ روينيو جي وزارت جو قلمدان مليو. هن رياست ۾ زرعي سُڌارا آڻي، وڏين زميندارين کي ختم ڪيو. هي جواهر لال نهروءَ جي روسي قسم جي اقتصادي پاليسين جو مخالف هو. هن جو خيال هو تہ ملڪ ۾ ڪوآپريٽوِ فارمن وارو نظام هلي نہ سگهندو. اڳتي هلي چرن سنگهہ 1967ع ۾ انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس تان استعيفا ڏئي، ’ڀارت لوڪ دل‘ نالي پنھنجي پارٽيءَ جو بنياد وڌو. هن جي جماعت کي هارين ۽ پورهيتن جي وڏي حمايت حاصل هئي. هن ئي سال (1967ع) ۾ راج نارائڻ ۽ رام منوهر لوهيا جي مدد سان اتر پرديش رياست جو وڏو وزير چونڊيو، جڏهن تہ 1970ع ۾ جڏهن جنتا پارٽيءَ کي اقتدار مليو تہ چرن سنگهہ اتر پرديش رياست جو ٻيهر وزيراعليٰ چونڊيو ويو. 1975ع کان 1977ع تائين محترمہ اندرا گانڌيءَ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي، جنهن دوران سندس مخالف، جن ۾ چرن سنگهہ بہ شامل هو، جيل ۾ رهيا. ان عرصي دوران چرن سنگهہ ۽ سندس پارٽيءَ کي وڏي عوامي مقبوليت حاصل رهي. چونڊن ۾ جنتا پارٽيءَ جو اڳواڻ مرار جي ڊيسائي وزيراعظم ۽ چرن سنگهہ ڊپٽي پرائيم منسٽر ۽ هوم منسٽر مقرر ٿيو. 1979ع ۾ مرارجي ڊيسائي رشوت جي الزام لڳڻ سبب استعيفا ڏني. جنهن کان پوءِ چرن سنگهہ ساڳئي سال اندرا گانڌيءَ جي مدد واپس وٺڻ سبب چرن سنگهہ وزارت عظميٰ جو عهدو وڃائي ويٺو. ان کان پوءِ چرن سنگهہ ’ڀارتيه لوڪ دل‘ جو صدر رهيو ۽ 29 مئي 1987ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. هن پُٺيان هڪ بيوھہ جياتري ديوي ۽ ٻہ پٽ ڇڏيا.
چرن سنگهہ ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ هو، جن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(1) Indias’ Economic Policy
(2) The Gandhian Blue Print
(3) Economic Nitghtmare of India
(4) Its causes and Cure
(5) Cooperative Farming X-Rayed.
1902.12.23 عيسوي
ڀارت جو نامور سياسي اڳواڻ ۽ اڳوڻو وزيراعظم چرن سنگهه، 23 ڊسمبر 1902ع تي اتر پرديش جي ڳوٺ هاپور (Hapur)، ضلعي غازي آباد ۾ ڄائو.
1987.05.29 عيسوي
چرن سنگهه ’ڀارتيه لوڪ دل‘ جو صدر رهيو ۽ 29 مئي 1987ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.