چندر (ماسٽر چندر)

چندر (ماسٽر چندر)

چندر (ماسٽر چندر)

چندر (ماسٽر چندر): سنڌ جي جڳ مشهور راڳيءَ، سنگيت آچاريه، ماسٽر چندر جو اصل نالو، سندس دوست گوبند مالهيءَ چواڻي: چانڊو مل ڏامواڻي هو، پر ٺارو شاهه جي اسڪول رڪارڊ موجب چندر مل ڏامواڻي هو، پر کيس ’ماسٽر چندر‘ جي نالي سان ئي سنڌ- هند ۾ سڃاتو وڃي ٿو. ماسٽر چندر، 18 ڊسمبر 1909ع تي ساهتي پرڳڻي (ضلعي نوشهري فيروز) جي مشهور باغن واري تاريخي ۽ مرڪزي شهر ٺارو شاهه ۾، ڏامواڻي حويليءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد آسنداس کي چندر اڪيلو اولاد هو.
ماسٽر چندر جو گهر ٺارو شاهه ۾ ڦٽل نوَ لکي واهه تي ساڄي ڪپ تي ڏامواڻي حويليءَ ۾ هو، جيڪو اڄ به موجود آهي. هن شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول ٺارو شاهه ۾ ئي ورتي ۽ مئٽرڪ تائين لوڪلبورڊ هاءِ اسڪول ٺارو شاهه مان ڪئي، جيڪو هاڻي گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول سڏجي ٿو.
ماسٽر چندر ماءُ پيءُ جو اڪيلو اولاد هئڻ ڪري سندن سڪيلڌو پٽ هو. هن پڙهائيءَ بعد پبلڪ ورڪس (انجنيئري) کاتي ۾ پنج سال نوابشاهه ۾ نوڪري ڪئي. کيس راڳ سان ابتدا کان وٺي چاهه هو. ڪن ميراثين ۽ استادن کان سکيا ورتي هئائين. روز رات جو نوين بجي ٺارو شاهه ۾ گوڌورام جي ٽڪاڻي جي آڳنڌ مان هن جو بلند ۽ سريلو آواز گونجندو هو ۽ بنا لائوڊ اسپيڪر جي اڌ شهر ۾ ڦهلجي ويندو هو. جيوترام هن جو اُستاد هو، جيڪو سائين قطب شاهه جهانيان جي خاص مريدن مان هو، جڏهن ته هنسراج سونارو چندر جو ساٿي هوندو هو ۽ ساڻس طبلي تي سنگت ڪندو هو. چندر، جڏهن نوابشاهه ۾ نوڪري ڪندو هو ته اتي شام جو ’چندر سنگيت ودياله‘ کوليائين. پوءِ ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ سانگي ويو ته اتي به راڳ ۽ سنگيت جو شوق جاري رکيائين ۽ رام باغ، گاڏي کاتي ۾ موسيقي سيکارڻ جو اسڪول قائم ڪيائين.
چندر جي زندگيءَ جو پهريون ڪلام، ان دور ۾ پنهنجي نئين ورتل سائيڪل تي جوڙيل هو، هو شهر جو پهريون ماڻهو هو، جنهن وٽ سائيڪل هئي. ان ڪلام جا ٻول هن ريت آهن:
سير ڪيوسين سائيڪل جو، هئنڊل هٿ ۾ آهي، لوڏ ناهي!
مٿي چاڙهين تي مرد ڪي چڙهندا، بريڪ ڏئي پوءِ لاهيون لهندا،
وِيلن کي ته ورائي، لوڏو ناهي ...!
چندر جي زماني ۾ ڪنهن چڱي گهر جو نوجوان راڳ سکندو ۽ ڳائيندو هو ته ان کي ناچو، ٽاپو، ميراثي ۽ مڱڻهار سڏي، مٿس ٽوڪون ڪيون وينديون هيون. چندر کي به اهڙا طعنا ۽ مهڻا مليا، پر هن جو چاهه ماٺو نه ٿيو. هن موسيقيءَ جي ابتدائي سکيا جيوترام مٽائيءَ کان حاصل ڪئي. امر رام، جڏهن ته روهڙيءَ جي هڪ بزرگ جو گادي نشين، کيس خانصاحب امير خان وٽ وٺي ويو، جنهن کيس ابتدا ۾ ’درگا‘ راڳ سيکاريو. چندر جو چاچو هن لاءِ امرتسر مان باجو وٺي آيو ۽ پوءِ هن راج جا سُر، سُرن جون شڪليون ۽ سرگم سکيا. آروهي، امروهي، ڪومل ۽ شڌ جي ڄاڻ ورتي ۽ هڪ عظيم ڪلاڪار بنجي پيو.
چندر ابتدا ۾ بانسريءَ کي ’مائوٿ آرگن‘ (وات جي ساز) طور وڄائيندو هو، جنهن کان پوءِ ڏينهن رات هڪ ڪري باجو سکيو. هن سنڌ جي صوفي بزرگن جي صحبت مان وڏو فيض پرايو، جن ۾ روشن علي شاهه جهانيان وارو، سائين هادي بخش شاهه، دادن شاهه، نصير فقير جلالاڻي، درازن جا صوفي فقير، قلندر شهباز جا گادي نشين، هالا، مانجهند، ڀٽ شاهه، وسڻ گهوٽ، پارو شاهه ۽ ٻين درگاهن جا صوفي فقير ۽ سنت شامل هئا. اهي فقير جڏهن يڪتارا کڻي نچندا هئا ته چندر به ساڻن شامل ٿي ويندو هو.
هڪ دفعي سنڌ گراموفون ڪمپنيءَ جي ايجنٽ لالچند هڪ محفل ۾ چندر جو سريلو آواز ٻڌو ته مٿس موهت ٿي پيو ۽ کيس ٻين هنڌن متعارف ڪرايو، جنهن بعد سندس فن وڏي مڃتا ماڻي.
چون ٿا ته هڪ دفعي نامور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ ٺارو شاهه ۾ محفل ڪئي، جنهن ۾ ماسٽر چندر به ڳايو. چندر جو راڳ ٻڌي، جيوڻيءَ کيس رڪارڊنگ لاءِ زور ڀريو. بعد ۾ ماسٽر چندر ۽ نوري مسخري، ڀرين واري کي رڪارڊنگ لاءِ بمبئيءَ وٺي وئي.
گراموفون لاءِ ڀرايل ماسٽر چندر جو پهريون رڪارڊ، ان دور جي مشهور ڪليڪٽر، محمد بخش فوجيءَ جو ڪلام هو، جيڪو هن ’سر آساوري‘ ۾ رڪارڊ ڪرايو، جنهن جا ٻول هئا:
طبيبا خيال سان ڏسجو،
اٿـم ڪا دل جي بيماري،
جـســم تــازو تـوانــو آ،
ڍِري ٿَم نبض دِل واري!
چندر جا ڳايل اڪثر ڪلام ماڻهو جهونگاريندا هئا، اهو سندس گائڪيءَ جي فن جو ڪمال هو. اهڙن ڪلامن ۾:
(1) ’قسمت ڪئي جدائي، ڪنهن تي ميار ناهي‘،
(2) تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان، پر سهڻا ڪين رهايو تو‘،
(3) ’هڪ ڳالهه ته ٻُڌ، منهن هيڏي ڪر!‘
(4) دل آهه هٿن ۾، ٿو خريدار کي ڳوليان،
(5) سهڻا، پنهنجي اکين کي جهل تون (ضياء)
(6) سِڪ ۾ سِڪيءَ کي نه سڪاءِ پيارا!
(7) رُس نه، رُسڻ ۾ ڇا هي راڻا!
(8) تون هجين ۽ مان هجان، برسات جون راتيون هجن،
(9) رُٺائي رهن پر هجن حياتي،
(10) دل منهنجي، هن جي هڪ آ (ضياء)
(11) هڪ ڳالهه ته ٻُڌ، منهن هيڏي ڪري.
ماسٽر چندر عوامي محفلن ۾ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڀڳتن جي ڀڳتين وارن پروگرامن م شريڪ ٿيڻ سان ڪئي. چندر گائيڪيءَ کي نوان انداز ڏنا، ڳائڻ جي فن ۾ انوکا ۽ البيلا نمونا ايجاد ڪيائين. ان ڪري هن فن ۾ ٽرينڊ سيٽر (Trend- setter) هو. ڳائڻ وقت محفلن کي مُنڊي ڇڏيندو هو.
ماسٽر چندر جي آواز ۾ جادو هو. سندس مٺڙي ۽ درديلي آواز گهڻن کي مست بنائي ڇڏيو هو. ان جو هڪڙو مثال اهو آهي ته چندر هڪڙي ڀيري سري گهاٽ، حيدرآباد ۾ ڳايو پئي ته اوچتو مٿان ماڙيءَ تان نوٽن جا بنڊل اچي سندس مٿان ڪِريا. خبر پئي ته هڪ ارڙهن سالن جي ڇوڪري، حيدرآباد جي هڪ وڏي سيٺ جي نياڻي، راڳ ٻُڌندي ايڏي ته مستاني ٿي پئي، جو پنهنجي پيءُ جي ٽجوڙي کولي، ان مان سمورا نوٽ کڻي چندر ڏانهن اُڇلايائين. ان زماني ۾ لائوڊ اسپيڪر نه هئا. چندر جو آواز چِٽو ۽ سُريلو هو، جيڪو پري پري تائين ٻُڌڻ ۾ ايندو هو.
ماسٽر چندر کي حياتيءَ ۾ وڏي مڃتا ملي. رڪارڊ ڪمپنيءَ طرفان چندر جا وڌ ۾ وڌ گراموفون رڪارڊ ڀرائڻ جي پيش نظر، هن جي فن جي قدرداني ڪندي، سندس حسن ڪارڪردگيءَ تي کيس ڏهن تولن جو سونو ميڊل انعام طور ڏنو ويو. کيس ٻين ڪلاڪارن کان وڌيڪ رائلٽي ڏني ويندي هئي. هن راجائن ۽ نوابن وٽان به هن سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل حاصل ڪيا، کيس پنڊت ٺاڪر ۽ بڙي غلام علي خان ’سنگيت آچاريه‘ جو لقب عطا ڪيو ۽ سرڪار وٽان به ڪيترا انعام حاصل ڪيائين، پر چندر کي اُهو غريب ماڻهو ڪڏهن نه وسريو، جنهن کيس ميرپورخاص ۾ ڳائيندي، پٽڪي مان نوٽ ڇوڙي پئي ڏنا ۽ پئسن ختم ٿيڻ تي هن مٿي تان پٽڪو لاهي سندس پيرن تي اچي رکيو. چندر جو چوڻ هو ته هن کي اهو انعام زندگيءَ ۾ مـليـل سمورن لقبن ۽ اعزازن کان وڌيڪ هـو.
1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ اڪثر هندو سنڌ ڇڏي ڀارت هلـيـا ويـا. چـنـدر کـي به مجبـوراً سـنڌ ڇـڏڻي پـئي. ڀارت ۾ پـهـريـن اجميـر، پوءِ بمـبـئيءَ ۽ ڪلڪتي ويو. آخر ۾ بمبئيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.
ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ سنڌ جي اُڪير هڪ دفعو کيس واپس وطن جي زمين تي ڇِڪي آئي. 1955ع ۾ سنڌي عوام جي بيحد اسرار ۽ سرڪار جي دعوت تي ماسٽر چندر سنڌ ۾ آيو ۽ مختلف جاين تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. ٽي مهينا سنڌ ۾ رهيو. ان دوران ’قطب شاهه جهانيان‘ جي ميلي ۾ به شريڪ ٿيو. پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٺارو شاهه به ويو، جتي گوڌورام جي ٽِڪاڻي ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي راڳ جون محفلون مچايائين. چون ٿا ته راڳ دوران ماڻهن کيس پئسا ڏيڻ شروع ڪيا ته چندر اُٿي بيٺو ۽ هٿ ٻَڌي حاضرين کي چيائين: ”سڄڻو! پئسا ته منهنجي پٺيان هلندا وتن، مان صرف اوهان سان ملڻ آيو آهيان، اوهان سان دِل جا حال اورڻ آيو آهيان.“
ٺارو شاهه ۾ قيام دوران هو پنهنجو گهر به گهمڻ ويو. نلڪي جو پاڻي پيتائين. پاڻيءَ جي دِلِي ڀري کنيائين ۽ بعد ۾ اهو پاڻي پاڻ سان هندستان کڻي ويو، ان کان سواءِ سنڌي سازن مان ٻه ٽي گهاگهريون ٺهرائي پاڻ سان گڏ بمبئي کڻي ويو. چون ٿا ته سنڌ جي سفر دوران سرڪاري جاسوس چندر جي پٺيان پيا هلندا هئا، تن کي مخاطب ٿي ئي چندر هيٺيون ڪلام چيو هو:
’تنهنجي شهر ۾ آيس قسمت سان، پر سهڻا ڪين رهايو تو!‘
ماسٽر چندر پنهنجي اولاد ۽ گهر وارن سميت ڪيترن ملڪن جو سفر ڪيو ۽ اُتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ماسٽر چندر کي پنجن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جو اولاد ٿيو. سندس وڏو پٽ ڪنيالال 16 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. ٻيو پٽ مَنسُک ٽئين درجي ۾ پڙهندو هو ته گذاري ويو. سندس ٽيون پٽ گوپ چندر ڪاروبار ڪندو آهي ۽ ڳائيندو به آهي. سندس چوٿون پٽ هير چندر انڪم ٽيڪس جو وڏو وڪيل آهي، ساز وڄائي ڄاڻندو آهي، پر ڳائيندو نه آهي. چندر جو پنجون پٽ مهيش چندر، پيءُ وانگر وڏو فنڪار ۽ هندستان ۾ فلمن جو ناليوارو موسيقار آهي، سندس سنڌي ۽ هندي ڪلامن جا البم ۽ سي ڊيون جاري ٿيل آهن. چندر جا ٽئي پٽ پيءُ وانگر ملنسار ۽ خوش اخلاق آهن ۽ پيءُ جي ورثي جا وارث آهن.
ماسٽر چندر جي ڪلامن تي ڪجهه عرصو 1965ع جي جنگ کان پوءِ سنڌ ۾ ريڊيو، ٽي. وي تي بندش هئي، پر اڄوڪي سنڌ اهي بندشون ٽوڙي چڪي آهي. ڪنور ڀڳت ۽ ماسٽر چندر نه رڳو سرڪاري ميڊيا تي، پر پرائيويٽ چئنلن تي به اڄ ڳائجي رهيا آهن. چندر چون ٿا ته 3000 کان به مٿي ڪلام ڳايا ۽ انهن جون ڌُنون ٺاهيون.
سنڌ جو هي البيلو ڪلاڪار، 2 نومبر 1984ع تي اٽڪل 78 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئيءَ ۾ گذاري ويو. ماسٽر چندر جي زندگيءَ تي، ٺارو شاهه جي رهاڪو ۽ هن وقت احمد آباد ۾ رهندڙ، مشهور اديب، ارجن ڀمڀاڻيءَ، 1989ع ۾ هڪ ڪتاب ’سنگيت آچاريه ماسٽر چندر‘ ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس زندگيءَ تي ٻيو ڪتاب به سندس ڳوٺائي، ڊاڪٽر غلام قادر سومري ’سنگيت آچاريه، ماسٽر چندر مهان ڪلاڪار‘ جي عنوان سان لکيو، جنهن کي سندس فرزند افتخار سومري، 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.12.18  عيسوي

ماسٽر چندر، 18 ڊسمبر 1909ع تي ساهتي پرڳڻي (ضلعي نوشهري فيروز) جي مشهور باغن واري تاريخي ۽ مرڪزي شهر ٺارو شاهه ۾، ڏامواڻي حويليءَ ۾ جنم ورتو.


1984.11.02  عيسوي

سنڌ جو هي البيلو ڪلاڪار، 2 نومبر 1984ع تي اٽڪل 78 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئيءَ ۾ گذاري ويو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چندر (ماسٽر چندر)
خاصخيلي محمد ابراهيم
ديوان موتيهار
فقير عبدالغفور
رفيع
منظور سخيراڻي
سونا خان بلوچ
زينت شيخ
استاد گامڻ خان
ٻڍو فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون