چندڻ ڳوھہ: هي ٿر ۽ لاڙ ۾ ٿيندڙ هڪ قسم جو سرڻو جيت آهي، جيڪو ’ڳوھہ‘ جي قسم ۾ شمار ٿئي ٿو. ٿر ۾ پيرن وارن جيتن مان چندڻ ڳوھہ عام ۽ مشھور آهي. هيءَ ڏيڍ فٽ ڊگهي ٿيندي آهي، ننڍڙن دڙن جي اڀ ڪپرن پاسن ۽ ٻُٿن وٽ نرم زمين ۽ ٻر کوٽي رهندي آهي. ڪنڊن وارن لوڙهن ۾ بہ رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن زبان ٻاهر ڪڍي لِٻرڪا ڪندي آهي. هن جي پيرن جي چنبن ۾ سخت ننهن ٿيندا آهن، جنهنڪري ڀتين تي بہ چڙهيو وڃي. هيءَ ڏيڏر، گونگهيون، گهرٽيون، ننڍا جيت ۽ جهرڪين جا آنا ۽ ٻچا کائيندي آهي. هن کي ڪي جوڳي ۽ ڪولهي کائيندا بہ آهن ۽ سندس کل ٻاهرين ملڪن ۾ وڪري لاءِ بہ موڪلي ويندي آهي.