چوئٿرام گدواڻي، ڊاڪٽر

چوئٿرام گدواڻي، ڊاڪٽر

چوئٿرام گدواڻي ڊاڪٽر

چوئٿرام گدواڻي، ڊاڪٽر: سنڌ جو ناميارو سياستدان ۽ تحريڪ آزاديءَ جو سرگرم ڪارڪن، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ولد پرتابراءِ سنـتـداس گدواڻي، 25 ڊسمبـر 1889ع ۾، گدواڻي گهٽي، حـيـدرآبـاد ۾ ڄـائـو. سندس ڏاڏو ديوان مولچند سنت هو. چوئٿرام پنهنجي پيءُ جو ٽيون نمبر فرزند هو ۽ ننڍي هوندي کان وٺي محنتي ۽ هوشيار هو. هن پرائمري تعليم پاڙي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي. بعد ۾ هيرانند اڪيڊمي، حيدرآباد مان 1908ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، دادو ضلعي جي ڳوٺ بوبڪ ۾ ماستر مقرر ٿيو. 1909ع ۾ حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول ۾ داخلا وٺي ڊاڪٽري پڙهڻ شروع ڪيائين، جتان 1913ع ۾ ايل ايس پي ايس جو امتحان پاس ڪري ڊاڪٽر ٿيو. کيس حيدرآباد جي پسگردائيءَ واري تعلقي ۾ ڊاڪٽر مقرر ڪيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس مقرري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ٿي، جتي قيدين جو علاج ڪندو هو. پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران کيس عربستان وڃڻ جو حڪم مليو، پر هن انڪار ڪري 1915ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي باقاعدي سياست ۾ حصو ورتو. سنڌ جي ڪانگريسي اڳواڻ آچاريه ڪرپالاڻيءَ سان ويجهڙائيءَ سبب هن سياست ۾ پير پاتو. حيدرآباد جي ڦليليءَ واري رستي تي مهراج شنڪر دت آشارام جي جاءِ تي ’سناتن سڀا‘ هڪ آشرم کوليو هو، جتي ڊاڪٽر چوئٿرام ٻارن کي حساب، جاگرافي، ورزش سان گڏ سادي کائڻ ۽ سادي پهرڻ بابت سکيا ڏيندو هو ۽ کين قومي آزاديءَ جي تحريڪ لاءِ تيار ڪندو هو. ڊاڪٽر چوئٿرام ننڍيءَ عمر کان آدرشي سوچ رکندو هو ۽ سنتن جي سنگ ۾ رهڻ سان گڏ قومي درد رکندڙ شخص هو. اسڪولي تعليم دوران جڏهن 1908ع ۾ ٻن انگريز عورتن کي بم سان اڏائڻ جي ڏوهه ۾ بنگال جي خوديرام بوس کي ڦاسي ملي ته هن ورت رکيو ۽ جڏهن 13 جولاءِ 1908ع تي بال گنگا ڌر تلڪ کي 6 سالن جي سزا ملي ته احتجاج ڪندي هڪ وڏي جلسي ۾ جوشيلي تقرير ڪيائين. 1913ع ۾ لالا لجپتراءِ کي حيدرآباد گهرائي، سنڌ جو گشت ڪرائي، تقريرون ڪرايائين ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ رهندڙ هند سنڌ واسين لاءِ چندا گڏ ڪيائين. 1914ع ڌاري لوڪمانيا تلڪ جڏهن هوم رول ليگ ٺاهي ته ڊاڪٽر چوئٿرام اُن جي سنڌ ۾ شاخ قائم ڪئي. لوڪمانيا تلڪ جي لاڏاڻي کان پوءِ چوئٿرام گدواڻيءَ تلڪ هاءِ اسڪول قائم ڪري ان وسيلي شاگردن ۾ قومي جذبو جاڳايو ۽ نئشنل سروس آف اسٽوڊنٽس نالي جماعت ٺاهي، جئرامداس دولترام کي صدر ڪيائين. 1916ع ۾ پهريون ڀيرو انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي لکنؤ واري اجلاس ۾ شرڪت لاءِ رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سيٺ هرچند راءِ وشنداس، جيرامداس دولترام سان گڏ ويو ۽ اتان واپسيءَ تي سنڌ جو دورو ڪري ڪانگريس ڪميٽيون ٺاهيائين ۽ 1918ع ۾ ڪانگريس ڪميٽي، حيدرآباد جو صدر چونڊيو ويو. 1919ع ۾ مهاتما گانڌيءَ رولٽ بل خلاف هڙتال جو سڏ ڏنو ته هن حيدرآباد شهر بند ڪرائي زوردار تقرير ڪئي. ڊسمبر 1919ع ۾ ڪانگريس جي امـرتـسـر واري اجـلاس ۾ سنڌ مان خاص طور ٽرين ڀرائي ويو. اجلاس جـي صـدارت پـنڊت مـوتي لال نهرو ڪئي هئي، جتي ڌرين ۾ اختلاف ٿيو ته ڊاڪٽر چوئٿرام کين ٻيهر گڏائڻ لاءِ زبردست تقرير ڪئي ۽ قومي راڳ ڳائي ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪيو. 1920ع ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام کي سنڌ ڪانگريس جو صدر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي ورهاڱي تائين رهيو. 1921ع ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام ولايتي ڪپڙي جي بائڪاٽ ۽ قطع تعلقات تحريڪن ۾ حصو ورتو ۽ لالچند امرڏني مل سان گڏجي ’سوديشي ناٽڪ‘ لکي اسٽيج ڪيائين. جڏهن شڪارپور ۾ انگريزن زبردست سياسي گرفتاريون ڪري ماڻهن ۾ هراس پکيڙيو ته يڪدم اُتي پهچي، تقريرون ڪري ماڻهن ۾ آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪيائين. ان ئي سال جڏهن مهاتما گانڌيءَ سنڌ جي دوري تي آيو ته ڊاڪٽر گدواڻي سڄي سنڌ ساڻس گڏ گهميو. 18 مارچ 1922ع تي مهاتما گانڌيءَ کي 6 سال سزا آئي، ڊاڪٽر صاحب کي به ڏيڍ سال لاءِ جيل موڪليو ويو. 1929ع ۾ ’سائمن ڪميشن‘ ڪراچيءَ جو دورو ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب مخفي نموني سان سوين ڪارڪنن کي ڪراچي پهچائي، کين ڪارا جهنڊا ۽ پوسٽر ڏئي ڪميشن جي اچڻ کان 15 منٽ اڳ اهڙو احتجاج ڪرايو، جو ملڪ جا جاسوس ادارا ۽ پوليس دنگ رهجي وئي. 1930ع ۾ جنگي ڪائونسل ٺاهي سنڌ ۾ ’لوڻ جي قانون‘ جي ڀڃڪڙي ڪرايائين. جنهن تي کيس گرفتار ڪري مٿس بغاوت جو ڪيس هلايو ويو. سندس ڪيس ٻڌڻ لاءِ هزارين ماڻهن اچي ڪٺا ٿيا ته پوليس عدالت ۾ گوليون هلايون، جنهن ۾ مينگهراج ۽ دينچند قتل ٿي ويا ۽ مشهور اڳواڻ جيرامداس دولترام سخت زخمي ٿي پيو. هن ڪيس ۾ کيس 6 مهينا سزا ملي. 1932ع ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام بمبئيءَ ۾ ستياگرهه تحريڪ هلائي، جنهنڪري کيس ٻه مهينا جيل موڪليو ويو، جنهن بعد کيس حيدرآباد ۾ آڻي نظربند ڪيو ويو، جتان ڇهه مهينا وري جيل موڪليو ويو. ڊاڪٽر چوئٿرام نه صرف وڏو سياستدان هو، پر هڪ سماجي ڪارڪن به هـو. هـن جـي ڪـوششن سان حيدرآباد شهر ۾ ڪانگريسي رضاڪار شهر جي حفاظت ڪندا ۽ چورن ۽ ڌاڙيلن کي پڪڙيندا هئا. ڪوئيٽا جي 1935ع واري مشهور زلزلي ۽ سنڌ ۾ ٻوڏن ۽ برسات ستايلن لاءِ وڏا چندا گڏ ڪري ورهايائين. مهاتما گانڌيءَ جي حڪم موجب ڀنگي ڪوارٽرن ۾ وڃي سندن سڌ سماءَ لهڻ ۽ سندن رهائش وغيره جي سُڌاري لاءِ ڪوششون ڪيائين. 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ بعد 1938ع ۾ ديوان بهادر هيرانند کيم سنگهه جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيل سيٽ تي ٽنڊي محمد خان مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ الهه بخش سومري جو مددگار رهيو. 1940ع ۾ لاهور ۾ انگريزن خلاف تقرير ڪيائين ته ڏيڍ سال جي سزا مليس. 13 آگسٽ 1942ع تي ’هندستان ڇڏي وڃو‘ تحريڪ دوران گرفتار ٿي ڪراچي جيل پهتو. ڊاڪـٽر چـوئٿـرام ڪراچـي جـيـل ۾ ٻـه ٽـي سـال رهـيو. جيل دوران شاعري به ڪيائين. جڏهن آزاد ٿيـو تـه وري انگريزن خلاف سرگرم ٿي ويو. مطلب ته هن سڄي حياتي ڪانگريس لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو بهترين مقرر هـئـڻ سـان گـڏ صحـافي به هـو ۽ ’هـندو‘ نالي اخبار جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. جي ايم سيد سندس ويجهن دوستن مان هو. سندس قومي خدمتن عيوض خود مهاتما گانڌي ’ينگ انڊيااخبار جي هڪ ليک ۾ لکيو هو ته، ”ڊاڪٽر چوئٿرام ديس خاطر فقيري اختيار ڪئي آهي.“ ورهاڱي کانپوءِ هجرت ڪري بمبئيءَ وڃي رهيو. هن سنڌي هندن جي بحاليءَ لاءِ دهلي ۽ ٻين شهرن جا دورا ڪيا. ان ڏس ۾ مهاراجا اُديپور وٽ به ويو. جوڌپور ۽ اجمير طرف سنڌي هندن جي آبادڪاريءَ جو بندوبست ڪيائين. ڀارت ۾ سنڌي شرنارٿين جي بحاليءَ جي مسئلي تي سردار ولڀ پائي پٽيل سان اختلافن بعد ڪانگريس ڪاميٽيءَ تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين ۽ سڄي زندگي پاڻ کي شرنارٿين جي بحاليءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. هن سڄي زندگي شادي نه ڪئي. هن اهم سياستدان ۽ سنڏ جي عاشق، 12 سيپٽمبر 1957ع تي ڀارت جي شهر ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو، جتي هڪ روڊ سندس نالي سان منسوب ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.12.25  عيسوي

ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ولد پرتابراءِ سنـتـداس گدواڻي، 25 ڊسمبـر 1889ع ۾، گدواڻي گهٽي، حـيـدرآبـاد ۾ ڄـائـو.


1957.09.12  عيسوي

ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي 12 سيپٽمبر 1957ع تي ڀارت جي شهر ممبئيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد شبير احمد شاهه
صلاح الدين شاهه
اسلم تنيو
عبدالوحيد انڍڙ ڊاڪٽر
جان الله شاهه ثالث
اميد علي شاهه رضوي سياستدان
درويش علي
مظفر ڀٽو
فضل احمد بچاڻي
بنده بيراگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون