چوهڙ سنگهه رامداس سوامي

چوهڙ سنگهه رامداس سوامي: مشهور سنت ۽ شاعر، چوهڙ سنگهه سوامي، 1879ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. ’کٽ واري ڌر مسال‘ جي سنت ۽ گادي نشينن سوامي ڪاشيداس جي مرڻ کانپوءِ چوهڙ سنگهه سندس گادي نشين ٿيو، ان ڪري سندس نالو بدلائي رامداس رکيو ويو. شڪارپور جا اڪثر هندو سندس معتقد هئا. هو هندو پنچائت شڪارپور جو سرپرست هو. هن شڪارپور ۾ ٻوڏ ۽ وبائي بيمارين جي پکڙجڻ وقت سماجي ورڪرن جي حيثيت سان ماڻهن جي اخلاقي توڙي مالي مدد ڪئي، تعليم جي بهتريءَ لاءِ جاکوڙيو، اسڪولن ۽ اسپتالن جي اڏاوت ۽ ترقيءَ لاءِ مالي مدد ڪيائين. هن شاعري به ڪئي. شاعريءَ ۾ ‘چوهڙ ’ تخلص ڪتب آندو اٿس. ورهاڱي تائين ‘سلوڪ رام’ مئگزين شايع ڪرايائين، ورهاڱي بعد شڪارپور مان لڏي بمبئيءَ ويو، جتي 14 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.14  عيسوي

چوهڙ سنگهه سوامي14 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اٽل مل بينام
سرمد چانڊيو
دريا خان فقير
شاهه علي محمد
زنگيجو خدا بخش فقير
گوورڌن شرما گھايل
دائم فقير
پرسرام ارجن داس ڪمل
مشتاق بخاري
صابر موچي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون