چوهڙ سنگهہ رامداس سوامي

چوهڙ سنگهہ رامداس سوامي: مشھور سنت ۽ شاعر، چوهڙ سنگهہ سوامي، 1879ع ڌاري شڪارپور ۾ جنم ورتو. ’کٽ واري ڌر مسال‘ جي سنت ۽ گادي نشينن سوامي ڪاشيداس جي مرڻ کانپوءِ چوهڙ سنگهہ سندس گادي نشين ٿيو، ان ڪري سندس نالو بدلائي رامداس رکيو ويو. شڪارپور جا اڪثر هندو سندس معتقد هئا. هو هندو پنچائت شڪارپور جو سرپرست هو. هن شڪارپور ۾ ٻوڏ ۽ وبائي بيمارين جي پکڙجڻ وقت سماجي ورڪرن جي حيثيت سان ماڻهن جي اخلاقي توڙي مالي مدد ڪئي، تعليم جي بهتريءَ لاءِ جاکوڙيو، اسڪولن ۽ اسپتالن جي اڏاوت ۽ ترقيءَ لاءِ مالي مدد ڪيائين. هن شاعري بہ ڪئي. شاعريءَ ۾ ‘چوهڙ ’ تخلص ڪتب آندو اٿس. ورهاڱي تائين ‘سلوڪ رام’ مئگزين شايع ڪرايائين، ورهاڱي بعد شڪارپور مان لڏي بمبئيءَ ويو، جتي 14 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.12.14  عيسوي

چوهڙ سنگهه سوامي14 ڊسمبر 1955ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اٻوجهو الھہ بخش
بلبل کورواهي
ميون تماچي اوريئڙي وارو
فرزانہ شاهين
حبيب جالب
ديدڙ شاھہ محمد
غلام شاھہ سيد
سليم جعفر
گورڌن ڀارتي
توت فقير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون