چيري

چيري

چيري

چيري (Cherry): چيري جي وڻ جو نباتاتي نالو Prunus آهي. چيريءَ جو وڻ پاڪستان، ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو. انهيءَ کان سواءِ هماليہ سان لاڳاپيل علائقن ۽ افغانستان ۾ ٿئي ٿو. ان کانسواءِ يورپ ۽ اتر آفريڪا ۾ بہ هن وڻ جا ڪيترا قسم ملن ٿا. هي وڻ تاريخ کان اڳ بہ پوکيو ويندو هو. هن وڻ جي چٽسالي اطوليه جي مندرن مان جيڪي 72 ق. م جا قديم آهن. هن وڻ جو انگريزي نالو چيري (Cherry) آهي، جڏهن تہ ان کي فرينچ ۾ Cerise ۽ اسپينيءَ ۾ Cereza سڏين ٿا. چيريءَ جون دنيا ۾ 55 جنسون موجود آهن، جيڪي مختلف خطن ۾ پوکيون وڃن ٿيون. هي وڻ گهڻو ڪري اونهاري ۾ پوکيو وڃي ٿو. يورپ ۾ هي وڻ جُون مهيني ۽ برطانيہ ۾ جولاءِ مهيني ۾ پوکيو وڃي ٿو. دنيا ۾ هن جي پوکيءَ مان ملين ٽن ميوو ملي ٿو. رت جي کوٽ ۽ بلڊ ڪينسر ۾ غذا طور کارائڻ سان فائدي جا امڪان آهن. کٽي چيري بلڊ پريشر گهٽائي ٿي، ٻہ ٽي مهينا لاڳيتو کائڻ سان هاءِ بلڊ پريشر ۾ بہ فائدو ٿئي ٿو، آمريڪا ۾ هڪ ڀارتي سائنسدان تحقيق ڪئي آهي تہ چيري کائڻ سان سنڌن جو سور، هارٽ اٽيڪ ۽ دل جي دوري ۾ فائدو ٿئي ٿو.


لفظ چيريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو