چَڙو
چَڙو: چڙو لوهه، پتل، ڪنجهي وغيره مان ٺھيل هڪ قسم جو ساز آهي. سنڌ ۾ مندرن ۽ صوفي فقيرن ۽ بزرگن جي درگاهن تي چڙا ٽنگيل ڏسڻ ۾ ايندا آهن، سڀ کان وڏا بلند آواز چڙا گهنڊ سڏبا آهن، جيڪي اڄ به مندرن توڙي چرچن تي لڳل آهن ۽ عبادت جي مھل جو اطلاع ڏيڻ لاءِ اسـتعمـال ٿيـندا آهـن. هـنن ۾ رسـا يا زنجيـر ٻڌل ٿيندا آهن ۽ ايڏا ته وڏا ٿيندا آهن، جو اڪيلو ماڻهو انهن کي وڄائي نه سگهندو آهي. ڪن بادشاهن جي درٻارن آڏو انصاف جا گهنڊ لڳل هوندا هئا. سنڌ ۾ هنن جا کوڙ قسم آهن، جن مان ڪجهه هي آهن: (1) کـرڪو، (2) چـڙو، (3) سـانڀر، (4) ڊگر، (5) گهنڊ، (6) مٽر، (7) دنبر، (8) چنگ، (9) گهڙيال، (10) چڙي، (11) گهنڊڻي، (12) ٽلي. (13) ڪڙڪ، (14) ڀورڙو، (15) لاڙو وغيره. هنن مان لاري نالي ننڍو گهنڊ، گهڙيال ساز به آهي، جيڪو ڌمال ۾ وڄي. ڊگرو وري اهڙو وڏو چڙو هوندو آهي جيڪو ڀڳل يا ٽٽل هئڻ ڪري بي سرو يا اڻ وڻندڙ آواز ڏئي ٿو. عام طور ٻاڪري، ريڍي، ماهيي، ڳائي، اوٺي مال وغيره جي ڳچيءَ ۾ ڪجهه خوبصورتيءَ لاءِ ته ڪجهه وري سار سنڀال ۽ ڳولا ڦولها جي خيال کان به مختلف نمونن جا چڙا ٻڌا ويندا آهن. قديم تھذيبي اهڃاڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته چڙا آڳاٽي وقت جي ايجاد آهن. قديم آثارن جي مدد آسٽريا وارن جا نئين هجري دور جي کوٽاين مان مليل پڪي مٽي يا ٺڪرن جا چڙا هن وقت تائين جا قديم ترين آثار آهن. رومين جي گهوڙن کي ٻڌل (Bell) چڙا ڪنجهي جا آهن، جيڪي قديم روم ۾ به مروج نظر اچن ٿا. چڙو وقت ٻڌائڻ، گڏجاڻين جو اطلاع ڏيڻ ، ڪم جي وقت ٿيڻ وغيره جي آگاهي طور به ڪم اچي. بناوٽ ۾ هي مختلف شڪلين ۽ آڪارن جا ٿيندا آهن. مٿان هڪ ڳاري جو ٻنڌڻ يا ڦاسائڻ لاءِ گول ڪنڊو لڳل/ ٺھيل هوندو آهي. هن جو آوازي کوکو گول ۽ ڊگهو، هيٺان کليل ٿئي ٿو، جنھن جي چوٽيءَ تي هڪ ٻي ڪنڊي ٺھيل هوندي آهي، جنھن ۾ لال (ڪاٺي، هڏي، لوهه وغيره جي ٺھيل) لڙڪايل هوندي آهي. جا لڏڻ سان چڙي جي پاسن ۾ لڳي آواز پيدا ڪندي آهي. چڙي جو ذڪر شاهه لطيف ۽ شيخ اياز پنھنجي شاعريءَ ۾ به ڪيو آهي: اديون! سڀ اندامَ، مُنھنجا چڙن چوريا. (سر سھڻي) چڙا چُپ ڪري ويا، چنگ نه ساڳيو چاءُ، اسان پليو آسرو ... ! (اياز) ڀورڙو: هي هڪ قسم جو واڄو يا چڙيءَ جو قسم آهي. جنھن کي مالوند ماڻهو پنھنجي شوق ۽ سھنج خاطر گهڻو ڪري ٻڪرين جي ڳچيءَ ۾ ٻڌندا آهن. ڀورڙو لوهه جي سنهي پٽ جو ٺھيل، اندران پورو ۽ هيٺان کليل هوندو آهي. ڊيگهه ۾ قطر کان ٿورو وڌيڪ هوندو آهي، قطر ۾ عام طور هڪ کان ڏيڍ انچ جو ٿيندو آهي. ڀورڙي کي اندران مٿئين پاسي هڪ ڪُنڊي ريھيل هوندي آهي، جنھن ۾ ٻه لارون، هڪ ننڍي ۽ ٻي وڏي جا اٽڪل ٻن کان اڍائي انچن جيتري ٿئي. جيڪي گهڻو ڪري لوهه جي تار يا ٽُڪر، ڪنڊيءَ جي وڻ جي پاڙ يا ورلي هڏي مان ٺھيل هونديون آهن. اُهي لارون آزاد لڙڪنديون رهنديون آهن، جيڪي پھروءَ جي هلڻ وقت ڀورڙي جي پاسن سان لڳي، ’ٽن ٽن‘ جھڙو آواز ڪنديون آهن. ڀورڙي جي ٻاهران چوٽيءَ تي هڪ ڪنڊي ريھيل هوندي آهي، جنھن جي سوراخ مان ڳاني يا مينڌ (ماهينڊ) گذاري پھروءَ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌو ويندو آهي. هي هڪ سينگار ۽ ٻيو چتاءُ جو ڪم ڏئي ٿو، جنھن سان ڌنار کي سندس ڌڻ جي موجودگي ۽ فاصلي بابت ڄاڻ پوي ٿي. هن قسم جي ننڍن وڏن وناڻن ٺاهڻ جو ڪم گهڻو ڪري سنڌ ۾ لوهار ڪندا آهن.