ڊٻ مھر شاھہ جيلاني (درگاھہ): ڊٻ مھر شاھہ ڳوٺ، ضلعي خيرپورميرس ۾ گنبٽ کان پنجن ميلن جي پنڌ تي هڪ بستي آهي. هيءَ بستي هڪ بزرگ سيد مھر شاھہ جي نالي سان منسوب آهي، جنهنڪري هن بستي کي بلند مقام ۽ مرتبو حاصل ٿيو. ٻارهين صدي هجري / ارڙهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ڊٻ مھر شاھہ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هتي اُڄڻ ذات جا ماڻهو آباد هئا. سندن آدمشماري ٿوري هئي. اهو ڳوٺ واريءَ جي دڙن ۾ لڪل هو. ڳوٺ جو نيڪ مرد ۽ اُڄڻ قبيلي جو سرپرست وسند اُڄڻ هن ڳوٺ ۾ رهندو هو. اڄڻ ذات جا قومي سردار ڊٻ کان ٽن ميلن تي ڏکڻ طرف کُهڙن جي شھر ۾ رهندا هئا. ان وقت ۾ حضرت مور شاھہ اُچ شريف مان پنھنجي والد حضرت غلام شاھہ سان گڏ سيد بچل شاھہ سجادہ نشين غوث بهاء الحق جي درگاھہ تي زيارت لاءِ آيو هو. اتان اوچتو پنھنجي والد کان وڇڙي ويو، جتان پوءِ سيلاني فقيرن سان گڏيو، جن سان گڏجي پهريائين راڻيپور پوءِ درازا شريف ۽ بعد ۾ کهڙن ۾ اچي پهتو، جتي کين مخدومن جي صحبت نصيب ٿي. ان کانپوءِ معرفت جا موتي ماڻڻ لاءِ اُڄڻ فقيرن جو قرب حاصل ڪيائين. ان وقت اڄڻ فقيرن جي خانقاھہ جو سجادہ نشين فقير محمد علي (پکي ڌڻي) هو، جنهن جي صحبت ۾ حضرت مھر شاھہ معرفت جي منزل طئي ڪئي ۽ حقيقت جو راز حاصل ڪيو.
ان بعد فقير محمد عليءَ جي چوڻ تي ڊٻ جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ فقير صاحب هن ڊٻ کي ’ڊٻ مھر شاھہ‘ جو نالو ڏئي، وسند اُڄڻ کي سندس خليفو مقرر ڪيو، جنهن مرڻ گهڙيءَ تائين هن درگاھہ جي خدمت ڪئي.
1833ع جي وچ ڌاري هيءَ بستي ڊٻ مان ڦري ڊٻ مھر شاھہ جي هڪ وڏي خانقاھہ بنجي ويئي. اُچ شريف کان مور شاھہ جو پورو خاندان حضرت غلام شاھہ، حضرت حسين شاھہ، حضرت ڇتن شاھہ هتي اچي رهيا هئا. حضرت مھر شاھہ بہ باڪمال ۽ بزرگ هستي هو، دور دراز ڳوٺن مان ماڻهو هن بزرگ جي خدمت ۾ پهچي مريديءَ جو شرف حاصل ڪندا رهيا. هن بستي جي آباديءَ ۾ واڌ ايندي رهي. ٿورن ڏينهن ۾ هن گاديءَ جو شمار سنڌ جي وڏين گادين ۾ ٿيڻ لڳو. هن وقت هن خاندان مان ۽ هن تڪ مان سيد بچل شاھہ جيلاني صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.