ڏند
ڏند
ڏند (TEETH): ميڊيڪل سائنس جي شعبي ڏندن جي علم
(Dentistry) مطابق ڏندن جي بناوت هڪ خاص قسم جي سخت مادي ڊينٽين (Dentine) مان ٿئي ٿي. هي مادو وري ٻن خاص قسم جي مادن مان گڏجي ٺهي ٿو. هڪ مادو ڊينٽي نو جينيسس (Dentino Genesis) ۽ ٻيو مادو ’هائيڊروڪسي ايپيٽائيٽ ڪرسٽل’ (Hydroxyl Apatite Crystle)
آهي. هنن ٻنهي مادن جي ڪري ڊينٽين هڏي کان به وڌيڪ مضبوط ۽ سخت ٿئي ٿي.
جسامت (Body) جي حساب ساn ڏند (Tooth) کي ٽن حصن ۾ ورهائجي ٿو. پهريون حصو ڏند جي پاڙ (Root) آهي. هي ڏند جو حصو مهار
(Gum) کان هيٺ اندر کُتل هوندو آهي. ٻيو حصو ڏند جي وچ وارو حصو، ڏند جو ڍڍر (Neck)آهي. هيءُ حصو مهار جي چوڌاري ويڙهيل هوندو آهي. ٽيون حصو ڏند جي مٿان ٿئي ٿو، ان کي ڏند جي چوٽي (Crown) چيو ويندو آهي. ڏند جو هي حصو کاڌي کي چٻاڙڻ، ڪُترڻ ۽ کائڻ جو ڪم ڏئي ٿو. هر هڪ ڏند جي وچ ۾ هڪ کڏ ٿئي ٿي، جنهن کي ڳَرُ وارو پورُ
(Pulp Cavity) چئجي ٿو. ڏند جي پور ۾ وري رت جون ناڙيون ۽ نسون، ڳنڍيندڙ اُوڄا (Connective Tissues) ۽ ڪجهه جيوگهرڙا Cell ٿين ٿا. انهيءَ کانسواءِ ڏند جي مٿئين حصي تي هڪ ٻيو مادو ٿئي ٿو، جنهن کي انئمل (Enamel) چئجي ٿو. هي مادو ڊينٽين کان وڌيڪ سخت ۽ چلڪندڙ
(Luster) ٿئي ٿو. هن ئي مادي جي ڪري ڏند سهڻا، اڇا کير وانگي ۽ چلڪندڙ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هي مادو انئمل وري سيليڪيٽ آف لائيم
(Silicate of Lime)، ڪاربونيٽ (Carbonate)، ميگنيشيم (Magnesium)، سوڊيم(Sodium) ۽ پوٽيشيم (Potassium) مان ٺهي ٿو. هنن مادن جي ڪري انئمل ڊينٽين کان وڌيڪ سخت ۽ مضبوط ٿئي ٿي. تنهن کان سواءِ ڏندَ هڪ خاص قسم جي پروٽين (جنهن کي ڪو ليجن فائبرس
(Collagen Fibers) چئبو آهي) جي ڪري پنهنجو وجود برقرار رکي سگهندا آهن. هن پروٽين جي ڪري ڏند تُرش ۽کٽيون شيون کائڻ ڪري حساس ۽ کٽا نه ٿيندا آهن.
سوپارين کائڻ سان سوپارين ۾ موجود ٽارٽر (Tarter) ڄمڻ ڪري، يا سگريٽ جي نڪوٽين (Nicotine)جي ڪري ڏندن مٿان موجود انئمل ختم ٿي وڃڻ ڪري ڏندن جي چمڪ ختم ٿي ويندي آهي. ڏند بي رونق، ڀڌا، ڪٽيل، ڪارا ۽ ناسي ٿي پوندا آهن. ڏندن مٿان هي مادو (ائنمل) ختم ٿيڻ واري صورت کي عام ٻوليءَ ۾ ’ڏندن کي ماڪوڙي لڳڻ‘ يا ’ڏندن جي ڪٽ‘ سڏبو آهي.
(الف) ڏندن جي اوسر (Development of Teeths): ڏندن جي اوسر قدرتي طرح انسان ۾ موجود پيراٿائيرائيڊ غدود (Para thyroid Gland) مان نڪرندڙ هارمون جي ڪري ٿئي ٿي. ان کانسواءِ ڏندن جي اُوسر ۾ ڪيلشيم (Calcium) فاسفيٽ (Phosphate) ۽ وٽامن ڊي (Vitamin D) پڻ بنيادي طور ڪتب اچن ٿا، جيڪڏهن هي سڀئي عنصر گڏجي درست ڪم ڪن ۽ انسان کي صحيح مقدار ۾ وقتائتو ملندا رهن ته ڏندن جي نه رڳو اوسر وقتائتي ۽ درست ٿيندي، پر ڏندن ۾ ڪا به ڪمزوري پيدا نه ٿيندي آهي. ان کانسواءِ ڏندن جا ٻئي بنيادي مادا هڪ ڊينٽين ۽ ٻيو انئمل به صحيح سالم رهندا آهن.
(ب) ڏندن جي بيماري ٿيڻ جا سبب Aetiology: ڏندن جي جملي بيمارين جو سبب هڪڙو جيوڙو اسٽريپٽو ڪوڪس ميوٽنس (Streptococcus Mutans) آهي. کاڌي جا ذرا ۽ گِگَ گڏجي هڪ ليپ ٺاهين ٿا، جيڪو اڳتي هلي ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ پختو تهه ٺهي پوي ٿو جنهن کي Plaque (عام ٻوليءَ ۾ ڏندن تي ڪٽ چڙهڻ) چئبو آهي. هيءَ تهه ڏندن تي ڄمي پوندو آهي. ان ڄميل تهه ۾ جيوڙو (اسٽريپٽو ڪوڪس ميوٽنس) پنهنجو گهر ٺاهيندو آهي. جتي کاڌي ۾ موجود نشاستو (Carbohydrate) ملڻ ڪري هي جيوڙو نه رڳو جيئرو رهي ٿو، پر پنهنجي واڌ ويجهه به ڪري ٿو. هن جيوڙي کي نشاستو ملڻ جو دارومدار کاڌي جا اُهي ذرڙا آهن، جيڪي ڏندن ۾ کاڌي کائڻ کانپوءِ رهجي ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي هر مٺاڻ ۾ هوندا آهن. هي نشاستو، مٺائين، مٺين شين ۽ ننڍن ٻارن جي ٽافين، چاڪليٽن، آئيس ڪريم، مٺين سوپارين ۽ کنڊ مان ملندو آهي.
ڏندن جي تهه (Pleque) ۾ موجود جيوڙا ڏندن تي ٻه تيزابي مادا ٺاهيندا آهن: هڪ ليڪِ ٽِڪ ائسڊ (Lactic Acid) ۽ ٻيو پروٽيو لائيتڪ انزائيم (Proteolytic Enzyme)، جن ٻنهي مادن جو اهو ڪم آهي ته ڏندن کي هر حال ۾نقصان پهچائين. ليڪٽڪ ائسڊ جي تيزابي اثر ڪري ڏندن ۾ موجود ڪيلشيم سالٽ (Calcium Salt) جيڪو ڏندن جي تازگي، صحت، تندرستي ۽ ڏندن جي وجود کي قائم رکي ٿو، انهيءَ ڪيلشيم سالٽ کي نقصان پهچائيندو يا ختم ٿي ويندو آهي. ٻيو مادو پرولائيٽڪ انزائيم رهيل ڪم پورو ڪندو آهي. هن مادي جي ڪري ڏند ڀُرندا آهن، ڏندن کي ماڪوڙي لڳندي آهي ۽ ڏند ڳري ڪري پوندا آهن.