
ڏنگ
ڏنگ: ماکيءَ جي مک، ڏينڀو، چيلاٽي/ قنڌاري ڏينڀو، وڇون وغيرہ جي چڪ پائڻ کي ڏنگ چئبو آهي، جيئن تہ انهن ساهوارن جي پڇڙيءَ ۾ هڪ خاص قسم جو زهر ڀريل هوندو آهي، جيڪو چڪ پائڻ سان ٻئي ساهواري جي جسم ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. ان زهر واري چڪ کي ’ڏنگ‘ چوندا آهن، جڏهن تہ نانگُ وات سان ڏنگ هڻندو يا چڪ پائيندو آهي، جنهن کي عام زبان ۾ ’ڪکجڻ‘ چئبو آهي، پر ’ڏنگ‘ هڪڙي جيت جو نالو بہ ٿئي ٿو، جيڪو لاڙ ۾ تمام گهڻو ٿئي. لاڙ جو ڀاڱو ساريال هئڻ سبب گهڻو پوسل وارو هوندو آهي، تنهنڪري اتي مڇر، منگهڻ، ڪارڙا ۽ ڏنگَ جام ٿيندا آهن. هنن مان ڏنگ زهريلو جيت هوندو آهي، جنهن جي چڪ پائڻ سان ماڻهوءَ کي تمام گهڻي تڪليف پهچي ٿي. هن جيت جي چڪ پائڻ واري جاءِ سُڄي پوندي آهي ۽ ماڻهو ڪيترن ئي ڏينهن تائين سيءُ محسوس ڪندو آهي. گهوڙن ۽ ٻئي مال کي بہ هيءُ جيت چڪ پائي ٿو، جيڪو انهن جانورن لاءِ بہ نقصانڪار هوندو آهي. هن جي چڪ سان جانورن جي بت تي زخم ٿي پوندا آهن. هن جيت متعلق سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي: ”هي مڙس تہ بنھہ ڏنگ آهي.“ هيءُ جيت هلڻ دوران ٺڪر ڀتر مطلب جيڪا بہ شيءِ سامهون ايندي، ان کي ڏنگيندو ويندو آهي. هن جيت کي پر هوندا آهن، جن جي سهاري اڏامي بہ سگهندو آهي.