
ڏُونگر نيٺ ڏَرن
ڏُونگر نيٺ ڏَرن (ڪتاب): هي ڪتاب رنڌير سنگهہ جي ڪتاب جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي، جيڪو اديب ۽ ايڊووڪيٽ امان شيخ ترجمو ڪيو آهي. اصل ڪتاب جو مهاڳ هندستاني جي مشھور انقلابي اجئه ڪمار گهوش جو ڊسمبر 1945ع ۾ لکيل آهي. هن ننڍي ڪتابچي ۾، ننڍي کنڊ ۾ غدر پارٽيءَ جي انهن سورمن (15-1914ع) جو داستان آهي، جيڪي نہ رڳو قومي تاريخ جو حصو آهن، پر سندن منهن تي موت جي دهشت جا ڪڏهن بہ گهنج پئجي نہ سگهيا. هيءَ ٽيهن سالن جي قرباني ۽ جدوجھد جو هڪ اڻ وسرندڙ باب آهي. قومون گاتا مارُو واقعي ۾ (15-1914ع ۾) ڪيترا ماڻهو ڦاهي چاڙهيا ويا هئا ۽ ڪيترا قتلام ڪيا ويا هئا، ان تاريخي باب جو ذڪر غدر پارٽيءَ جي باني بابا سوهن سنگهہ بکنا جي ٻڌايل واقعن جي بنياد تي سنواري پيش ڪيو ويو آهي. هي انهن سادن سودن اٻوجهہ هارين ۽ پورهيتن جي جدوجھد جي ڪهاڻي آهي، جن هٿياربند انقلاب لاءِ ڪم ڪيو. اهو اهڙو وقت هو، جڏهن ٻيا قومي اڳواڻ هوم رول کان اڳتي سوچي نہ پئي سگهيا، تڏهن غدر هلچل وڏو ڪردار ادا ڪيو. هن جو بنياد هندستان ۾ نه، پر آمريڪا ۾ رکيو ويو هو. هن تحريڪ جا باني وچولي درجي جا نوجوان نه، پر اهي هاري ۽ پورهيت هئا، جن پرڏيھہ وڃي رت ست جي ولوڙ مان پئسو ڪمايو. انهن پورهيتن ۾ وڏو حصو پنجابي سکن جو هو. پهرئين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ پارٽيءَ جي هاءِ ڪمانڊ جي حڪم تي هي انقلابي ننڍن جٿن جي صورت ۾ هندستان موٽڻ شروع ٿيا، جن جو تعداد 8000 جي لڳ ڀڳ هو. هنن مان ڪيترن انقلابين کي ڪاري پاڻيءَ جي سزا ملي، انهن ۾ 60 ورهين جي پوڙهن کان وٺي مڇين جي ريھہ وارا ڳڀرو بہ شامل هئا. انڊمان ٻيٽن ۾ مٿن سخت ظلم ڪيو ويو. پر هو ڏاڍ ۽ لالچ جي دٻاءَ ۾ نہ آيا. انهن پنجاب ۾ ڪميونسٽ تحريڪ ۽ هاري هلچل کي مضبوط بنائڻ ۾ وڏي هٿي ڏني. اهڙن انقلابين جي اڳواڻن ۾ شھيد ڪرتار سنگهہ، سوهن سنگهہ بکنا، بابا ڪيسر سنگهہ، بابا اروڙ سنگهہ، گرمک سنگهہ، پرٿوي سنگهہ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، جن لاءِ اڄ بہ پنجاب جي ٻهراڙين ۾ حد درجي جي عزت ۽ پيار آهي. هي ڪرائون سائيز جي 81 صفحن جو ڪتابڙو، جون 1985ع ۾، سڳنڌ پبليڪيشن، لاڙڪاڻي پاران ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جي قيمت 8 روپيا آهي.