ڦلڙي

ڦلڙي

ڦلڙي

ڦلڙي (ڳھه): نڪ ۾ پائڻ جو هڪ ڳھه. ڦلڙيءَ کي ڦُلي ۽ ڦلڻي بہ چيو ويندو آهي. ڦلڙيءَ ۾ رنگين جڙائون جڙيل هونديون آهن. هيءَ نٿ جي جاءِ تي نٿ کان ننڍي ڏائي ڦرڻيءَ جي سوراخ ۾ وجهي، اندران پيچدار يا لسي ڳن سان قابو ڪبي آهي، جيڪا پائڻ کان پوءِ نڪ سان ملي بيھندي آهي. ٿر ۾ ڪي ذاتيون وري نڪ جي ٻنهي ڦرڻين ۾ ڦلڙيون پائين. هن وقت ڦلڙيءَ جون ڪافي شڪليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سنڌ جي عورت ڦُلڙي شوق سان پائي ٿي، گهاڙيٽي جي لحاظ کان ڦلڙيءَ جا ڪيترا ئي قسم آهن. ست ٽِڪي ڦُلڙي، تيرهن ٽڪي ڦُلڙي، بُرج واري ڦُلڙي (هي ڦُلڙي اتر سنڌ جون عورتون پائين.) بٺوري ۽ ٺٽي واري ڦُلڙي لاڙ ۾ عام پاتي ويندي آهي. ان کان سواءِ رائيدار ڦُلڙي، جڙادار ڦُلڙي، ٽه ٽڪي ڦُلڙي، ڄاري واري ڦُلڙي ۽ ڪنگري واري ڦُلڙي سميت ڪيتريون ئي ڦُلڙيون سنڌ ۾ مشھور آهن. ڦلڙي سھاڳ جي نشاني سمجهي ويندي آهي. ڪن ذاتين ۾ عام طور بہ پاڻ ويندو آهي.


لفظ ڦلڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو