
ڦوٽو رستماڻي
ڦوٽو رستماڻي: ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، ڪاڇي جي ڳوٺ سوري، لڳ واهي پانڌي، ضلعي دادوءَ ۾ 1932ع ڌاري ڄائو. هو پرائمري جا ڪجهہ درجا پڙهيو. ڪاڇي ۾ مسلسل ڏڪار ۽ برسات نہ پوڻ ڪري، 1958ع ڌاري لڏي، ٽنڊي الھيار ويجهو، چمبڙ روڊ تي ڪراچي هوٽل وٽ اچي رهيو ۽ ڪجهہ زمين مقاطعي تي وٺي، گذر سفر شروع ڪرڻ لڳو. 1962ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي سياست کان متاثر ٿي سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 1970ع ڌاري پاڻ کاٻي ڌر جي عزيز سلام بخاريءَ واري ڌڙي سان بہ لاڳاپيل رهيو. ضلعي دادوءَ جي هاري فرنٽ جو سيڪريٽري بہ رهيو. جيل ۽ ڦٽڪن جون اذيتون برداشت ڪندڙ ڪامريڊ ڦوٽو رستماڻي، زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين پورهيت سياست سان سلهاڙيل رهيو. پورهيت سياست ۾ سندس جدوجھد جي مڃتا طور، ٽنڊي الھيار جي مشھور ڳوٺ داد جروار جو پرائمري اسڪول ڪامريڊ ڦوٽي رستماڻيءَ جي نالي سان منسوب ٿيل آهي. هن 18 نومبر 2018ع تي وفات ڪئي.