کتري

کتري (ذات): هن ذات وارا سنڌ ۾ هندو توڙي مسلم مذهب سان تعلق رکندڙ آهن. کتري سنسڪرت جي لفظ ’ڪشتريه‘ مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ رنگريز ۽ واڍو آهي، يعني رنگ جو ڪم ڪندڙ ۽ ٻيو وڍ ٽڪ جو ڪم ڪندڙ يعني ڪاٺ جو هنرمند. هي اصل ۾ هندو راجپوت آهن. پنجاب کان آيل کتري پاڻ کي ’عامل‘ ۽ ’لالا‘ سڏائين ٿا. اهو به چيو وڃي ٿو ته کتري سنڌ جي راجا جئدرٿ جو اولاد آهن. هي راجا 730ع ۾ سنڌ جي ڪن حصن تي راڄ ڪندو هو، جنھن پنھنجي اولاد ۾’کتري‘ به رکيو ۽ ٻين راجائن به پيار مان اهي نالا رکيا. ڪن کترين جو واسطو راءِ گهراڻي جي جيٺوا ونش سان هو، جنھن ڪري انهن کترين کي ’جيٺوا‘ به چون ٿا.
کتري سنڌ جي ڪافي حصن ۾ آباد آهن، جن مان ڪي سنڌي ته ڪي گجراتي به ڳالهائين ٿا. هنن جا خاص پاڙا آهن: (1) ڀيڏا، (2) ٺاڪريا، (3) ڌارا، (4) سوڍا، (5) سونيجي، (6) ڪرٽيلا، (7) ڪريا، (8) ڪنٿ، (9) گرچ، (10) مڇڙ، (11) منڌو، (12) نانيز، (13) وردوئي، (14) بنجاهي، (15) بيدي، (16) باهري، (17) چارذاتي، (18) پنج ذاتي، (19) ڇھه ذاتي، (20) ڍائي گهر، (21) سوڍي، (22) شرين، (23) سيٺ، (24) ڪپور، (25) کنا، (26) کوکران، (27) مرهوترا، (28) برهم کتري.


لفظ کتريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو