ڪارو جبل

ڪارو جبل

ڪارو جبل

ڪارو جبل: هي جبل کيرٿر ۽ پٻ جبل جي جابلو قطارن جو ھڪ سلسلو آھي. ڪارو جبل جنگشاھي شھر (تعلقو ۽ ضلعو ٺٽو) کان اتر طرف چاليھه ڪلوميٽر پري هڪ وڏو جبل آھي. هي ”جبل ڪوهستان جو مرڪزي جبل آهي، جنھن جي بُلند ترين چوٽي (Peak) جو نالو ’ٺُل‘ آهي، جنھن جي اوچائي زميني سطح کان 2000 فوٽ مٿي آھي. جيڪڏهن سطح سمنڊ کان هن جي اوچائي جي ماپ ڪجي ته، اها هڪ اندازي موجب 5000 فوٽن کي ويجهي ٿيندي. هن جبل جو ڪجهہ حصو ڄامشوري ضلعي ۾ بہ اچي ٿو، جڏهن تہ ان مان نڪرندڙ ننڍين ننڍين ٽڪرين (Hills) جو سلسلو ڪراچي ڪاٺوڙ تائين وڃي ٿو.“
هي جبل صدين کان وٺي ڏڪار توڙي سُڪار ۾ چوپائي مال جي چاري لاءِ سٺي جُوءِ رھيو آھي. ھتي جي موسم ۽ آبھوا، جهنگلي جيوت جي ماحوليات لاءِ بہ بھترين آهن. ھن جبل جون ڪيتريون ئي ماحولياتي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ حياتياتي خاصيتون آھن. هن کي شاھہ لطيف سـُر سسئي ۾ بہ ڳايو آهي:
ڇپر ڇمر ڀانئيان، ڪانڀو ۽ ڪارو،
پٻ وجهنديس پٺ تي، صبح سوارو،
وڃڻ مون وارو، ڪين وھنديس وچ ۾.
هيءُ جبل ايترو ئي پراڻو آهي، جيترا کير ٿر سلسلي جا ٻيا جبل آهن. انگريزن جي حڪومتي دور ۾ ڪاري جبل جي بلند ترين چوٽيءَ ’ٺل‘ (جنھن جي اوچائي لڳ ڀڳ 2000 فوٽ آهي) تي سرڪار پاران ھڪ وڏي روشنيءَ وارو فانوس ۽ ان کي ٻارڻ لاءِ ھڪ ٻہ ماڻهو رکيل ھئا، جيڪي روز رات ٿيڻ وقت ان فانوس کي ٻاري ڇڏيندا ھئا. اڄ بہ ان جڳھه تي ان فانوس کي ٻارڻ لاءِ ٺھيل آثار موجود آھن، جتي انگريزن پاران بندوق کي ھڪ ماڊل طور جبل جي ڀت ۾ نصب ڪيو ويو هو. 12 ڊسمبر 1949ع تي، ڊوگلس سي-53 اسڪائي ٽروپر نالي هڪ جهاز، هن جبل جي چوٽيءَ سان ٽڪرائجي تباھہ ٿي ويو هو.
ڪاري جبل ۾ ٻن بزرگن ’ڪارو صحابو‘ ۽ ’سونھارو صحابو‘ جون مزارون موجود آهن، جيڪي آڳاٽيون ٻڌايون وڃن ٿيون. ان کان سواءِ هن جبل جي ڪڇ ۾ ’ڪارو اُرھہ‘ جي نالي سان هڪ قبرستان پڻ موجود آهي. ڪارو جبل جهنگلي جيوت جي وڏي پناھہ گاھہ بہ رهيو آهي. سياري جي مند ۾ پرڏيھي پکي هتي اچي رهن ٿا. وسڪاري جي مُند ۾ جيتوڻيڪ ڏاڍو حسين بڻجي ويندو آهي، پر هن جو زميني پيٽ پوءِ بہ ڪارو ئي هوندو آهي.


لفظ ڪارو جبلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو