ڪاموڏ داستان

ڪاموڏ (داستان): شاھہ جي رسالي جو هي داستان نوري ڄام تماچيءَ جي قصي تي مشتمل آهي، هن قصي موجب نوري ذات جي مھاڻي هئي. سندس ذات وارا گهڻي زماني کان ڪينجهر ڍنڍ تي رهندا ۽ مڇي ماريندا هئا.
سنڌ ۾ سمي گهراڻي جو حاڪم ڄام تماچي سير سفر جو گهڻو شوقين ۽ فطرت پسند شخص هو. هڪ ڏينھن ڄام تماچيءَ، شڪار جي سانگي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، ڪينجهر جو سير پئي ڪيو تہ سندس نظر وڃي نوريءَ تي پئي. ’نوريءَ‘ جي معنيٰ ئي آهي: ’روشنيءَ واري‘. هن گندريءَ جي نيڻن کيس گهائي وڌو. نوريءَ جي عشق ۾ ڄام تماچي بہ مھاڻن جهڙو بڻجي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي رڇ لاهڻ ۽ مڇيون مارڻ لڳو. بادشاھہ جي اها هيٺاهين ۽ انداز نہ رڳو نوريءَ کي وڻيو پر مائٽن کي سٺو لڳو. ڪجهہ ئي وقت کان پوءِ سندس مائٽن کان نوريءَ جي سڱ جي گهر ڪيائين، جيڪا نوريءَ جي مائٽن قبول ڪئي. ائين ساڻس نڪاح ڪيائين ۽ مھاڻن کي هيرن ۽ لعلن سان نوازيائين. ڄام جي حڪم موجب سڀيئي توڙي راڻيون سميون سومريون نوريءَ جي سلام تي وينديون هيون، نوري هميشہ نياز ۽ نڙت سان ڄام کي پيش ايندي هئي. هڪ دفعي، ڄام تماچيءَ، نوريءَ جي نياز جي پرک لھڻ لاءِ، سڀني راڻين کي چيو تہ: ”اڄ شام جو مڙيئي سنڀري ويھجو، پوءِ جيڪا وڻندي، تنھن کي پاڻ سان گهمائڻ وٺي ويندس.“ ٻيون سڀئي راڻيون ڏاڍا هار سينگار ڪري، تيار ٿي ويٺيون، پر نوري پنھنجو اباڻو وڳو پھري، ڪنڌ نوائي ويھي رهي.اها نوڙت ڏسي، ڄام کيس پاڻ سان گڏ وٺي ويو ۽ موٽي اچي، کيس پنھنجي پٽ راڻي ڪيائين.
’جئن سڳو وچ سرندڙي، تئن راڻين ۾ راڻي‘
ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو: ”هن سُر ۾ شاھہ، ’الٽي طلب‘ جو ذڪر ڪيو آهي. ڌڻي بہ انهن مسڪينن تي فدا آهي، جن کي ظاهر ۾ ڪو بہ زيب يا زينت ناهي ۽ جن جو ڳھڻو نھٺائي ۽ خاڪساري آهي. دنيا جي نظر ۾ اهڙا انسان خسيس آهن، پر مالڪ وٽ انهن جو وڏو ملھه ۽ مـان آهـي. خـدا جي درگاھہ ۾ نہ هـار سيـنگار هلي ٿو ۽ نہ ئـي اتي ڪو حسب نسب جو حساب آهي. خدا تعاليٰ وٽ اهي اگهن ٿا، جي سراپا نياز آهن. هنن تي ڌڻي ائين موهت ٿيو پوي، جيئن تماچي نوريءَ تي مفتون ٿيو هو.“ هن سُر ۾ ٻہ داستان آهن ۽ مختلف رسالن ۾ بيتن جو تعداد مختلف آهي.
ٿيا تماچيءَ ڄام سين، مھاڻا محروم
ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ، مٿي ماڙيءَ
جي ڪينجهر جي روم، سي سڀ انعامي ٿيا.
-
هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻراھہ،
اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءِ،
لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
-
ڪاموڏ جي داستان کي لطيف سائين کانسواءِ ٻين ڪلاسيڪل شاعرن ۽ جديد سنڌي شاعرن بہ ڳايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو