ڪاٺياواڙ: ڪاٺياواڙ اولھه هندستان جو هڪ اپٻيٽ، قديم علائقو ۽ تاريخي شھر آهي، جيڪو گجرات صوبي جو حصو آهي. ڪاٺياواڙ علائقي جو پراڻو نالو سؤراشٽر آهي. ڪاٺياواڙ جي اتر ۾ رڻ ڪڇ جو وسيع علائقو، الھندي ۽ ڏکڻ پاسي عربي سمنڊ جڏهن تہ ڏکڻ اڀرندي ۽ اڀرندي ۾ کنڀات نار واقع آهن. هن جو سڀ کان اهم شھر راجڪوٽ ڪاٺياواڙ جي وچ ۾، ڄام نگر ڪڇ واري پاسي، ڀونگر کنڀات واري پاسي، سريندرنگر گجرات جي وچ ۾، پوربندر الھندي ساحلي پٽي تي، جهوناڳڙھہ جو تاريخي شھر ڏکڻ ۾، سومناٿ ۽ ان جو مندر ڏکڻ طرف ڪنڌيءَ تي واقع آهن.
مورخن ڪاٺياواڙ جو پراڻو نالو آنرت بہ ڄاڻايو آهي. هن تي ڪاٺياواڙ نالو پوڻ جو وڏو سبب اهو آهي تہ هن علائقي ۾ ڪاٺي قبيلو سنڌ مان لڏي، پھرين ڪڇ جي پوار/پاور (Pavar) واري علائقي ۾ ۽ پوءِ اُتان سؤراشٽر ۾ اچي آباد ٿيو.
پاڪستان جي قيام کان پھرين ڪاٺياواڙ مختلف رياستن ۾ ورهايل هو، جن تي مختلف نواب حڪومت ڪندا هئا. اهي رياستون مجموعي طور ڪاٺياواڙ ايجنسيءَ جي نالي سان مشھور هيون ۽ سڀ برطانوي حڪومت جي ماتحت هيون. ڪاٺياواڙ جو هڪ حصو انگريزن بمبئي سان بہ ملائي ڇڏيو هو. 1947ع ۾ آزاديءَ کان پوءِ ڪاٺياواڙ هندستان ۾ شامل ٿيو، پر جهوناڳڙھہ جي مسلمان حاڪمن پاڪستان ۾ شموليت جي خواهش ظاهر ڪئي، جنھن تي مقامي هندو ۽ هندستاني فوج جي پيش قدمي سبب مسلمانن کي وڏو نقصان ٿيو، ان ڪري کين هجرت ڪرڻي پئي. اهڙيءَ طرح جهوناڳڙھہ هندستان ۾ شامل ٿيو. ڪاٺياواڙ ۾ ڪاٺي، گونڊ، ڀيل، ڪالي پرچ، برهمڻ، راجپوت، رٻاڙي، ڪول، گراسيه، سيد، شيخ، مغل، پٺاڻ، ميمڻ، خوجا، بوهري، اهير، حبشي، مڪراني، بلوچ، لوهاڻا، بنيا (هٽ واڻيا)، ڪبني، ڪاسٿ، پرمار، واگري ۽ ٻين ذاتين وارا آباد آهن.
شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سير سفر دوران، ڀڄ کان ٿيندو، ڪاٺياواڙ جي ايراضي هالار طرف ويو. هالار پرڳڻو هن وقت ڪاٺياواڙ ۾ آهي. توڙي جو اصل ۾ اهو پرڳڻو ڪڇ جو حصو هو، شاھہ لطيف هالار مان ٿيندو دوارڪا ويو جتان پوربندر ۽ جهوناڳڙھہ ويو. جهوناڳڙھہ کان 10 ميل اوڀر طرف ڪاٺياواڙ (سوراشٽر) رياست ۾ گرنار جبل موجود آهي، جنھن تي جين ڌرم جا زبون حال مندر پڻ آهن. هي جبل سمنڊ جي سطح کان ساڍا ٽي هزار فوٽ بلند آهي. لوڪ ادب جي مشھور داستان ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ ۾ گرنار واري جنھن قلعي جو ذڪر آهي، اهو پڻ هن ٽڪريءَ تي موجود هو. جنھن ۾ راجا راءِ ڏياچ حڪومت ڪندو هو.