
ڪدو Bottle Gourp
ڪدو (Bottle Gourp): ڪدوءَ جو سائنسي نالو Lagenaria Siceraris Molina Standley آهي، گول ڪدو کي White Flowered Gourd سڏين. هن ڀاڄيءَ جي پوک دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پراڻي زماني کان ڪئي وڃي ٿي، تنھنڪري چئي نہ ٿو سگهجي تہ هن فصل جي شروعات ڪٿان ٿي پر هڪ اندازي موجب هن فصل جو اصل وطن پاڪستان ۽ هندستان وارا علائقا آهن، جتان هي فصل وڌي دنيا جي ٻين ملڪن تائين پکڙيو. هي فصل خريف جي مکيہ ڀاڄين مان هڪ آهي. ڪدو نہ صرف اڪيلو سائي ڀاڄيءَ طور استعمال ٿئي ٿو پر هن کي گوشت ۽ چڻن جي دال سان گڏي پڻ پچايو ويندو آهي. هن فصل کي گرم آبھوا جي ضرورت پوي ٿي، جيڪڏهن آبھوا وچولي هجي تہ انھيءَ ۾ ٻوٽي جي واڌ ويجهہ سٺي ٿئي ٿي، ڦر بہ سٺو لڳي ٿو. ڪدن جو فصل ٻن مندن فيبروري کان مارچ ۽ جون کان جولاءِ ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ سيپٽمبر ۾ لھڻ شروع ٿي ويندو آهي. ڪٿي ڪٿي ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي مھينن ۾ بہ ڪدن جي پوک ڪئي ويندي آهي. جيئن تہ ڊسمبر ۽ جنوريءَ ۾ گرمي پد تمام گهٽ هوندو آهي تنھن ڪري ٻج جي ڦوٽھڙي جو مسئلو هوندو آهي. ٻج کي پوکڻ کان اڳ ڍڳين ۽ مينھن جي تازن ڇيڻن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇھه کان اٺ ڪلاڪ پسائي پوءِ پوکڻ گهرجي. ٻج جي مٿين کل نرم ٿئي ٿي ۽ ٻج ۾ ڦوٽھڙي جي قوت بہ وڌي ٿي. هي فصل فيبروريءَ جي مھيني کان ئي ڦر ڏيڻ شروع ڪندو آهي. في ايڪڙ تي ٻج ٻہ ڪلوگرام استعمال ڪجي.
زمين ۽ تياري: ڪنر هر سان پھريون هر ڏيئي، وٿاڻ جي اٽڪل 50 کان 40 گاڏيون ڳريل ڀاڻ جون زمين ۾ پکيڙي، کرين ٺاهڻ کان اڳ زمين ۾ هڪ D.A.P ڀاڻ جي ٻوري ملائي، اٺن فوٽن جي مفاصلي تي ٻج رونبو ڪجي. ٻج پوکڻ کان پوءِ هڪدم پاڻي ڏيڻ گهرجي، پر ان ڳالھہ جو خيال ڪرڻ گهرجي تہ پاڻي ٻج واري سطح تائين نہ پھچي. ڪدن جي في ايڪڙ پيداوار 150 کان 200 مڻ لھي ٿي.