
ڪراچي (شھر)

ڪراچي (شھر)

ڪراچي (شھر)

ڪراچي (شھر)

ڪراچي (شھر)

ڪراچي (شھر)
ڪراچي (شھر): ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي، ڪراچيءَ ۾ سامونڊي بندر هُجڻ ڪري پاڪستان جو وڻج واپار هن شھر ذريعي ٿئي ٿو. هن وقت هي شھر صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آهي. هي شھر دنيا جي مشھور شھرن ۾ ڇھين نمبر تي ٻڌايو وڃي ٿو. ڪراچي سمنڊ ڪناري "67°0'36 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ "24°51'36 اتر ويڪرائي ڦاڪ تي واقع آهي.
ڪراچي قديم ۽ وچين پٿر جي دور ۾ بہ موجود هئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ لڳ مرلي جابلو سلسلي مان قديم آثار مليا آهن. جن جي آڌار تي چيو وڃي ٿو تہ پٿر جي آخري دور ۾ هي خطو آباد هو، جو ڪيترن هنڌن تان پٿري اوزار پڻ مليا آهن.
ملير واري علائقي ۾ هڪ قديم ڳوٺ (الھہ ڏنو) جا آثار مليا آهن. انهيءَ آڳاٽي ڳوٺ جي کوٽائيءَ سان بہ پتو پيو آهي تہ هزارين سال اڳ سنڌ جا ڳوٺ بہ بھترين رٿابنديءَ سان ٺھيل ۽ گهڻو سڌريل هئا. اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ جا ٻيا بہ ڪيترائي قديم آثار مليا آهن.
سڪندراعظم جي دؤر ۾ باربيڪان يونانين پنھنجن سفرنامن ۾ ڪراچي بندر کي ڪروڪو سڏيو آهي. تاريخي روايتن موجب مغلن طرفان مقرر ڪيل گورنر مرزا غازي بيگ پھريون ماڻهو هو، جنھن سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي ڌيان ڏنو ۽ قلعا تعمير ڪرايا، جو کيس پورچوگيزن طرفان حملي جو خطرو هو. اهڙو اظھار مشھور امير البحر علي رئيس پڻ ڪيو آهي، جيڪو 1554ع ۾ سنڌ آيو هو. جنھن ديبل ۽ منھوڙي جو ذڪر پنھنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. چيو وڃي ٿو ته، سومرن جي صاحبيءَ ۾ اهو مھاڻن جو ڳوٺڙو هو، جنھن ۾ ‘ڪولاچي’ ذات جا مھاڻا ڪکاوان گهر اڏيو ويٺا هئا. اهو ’ڪولاچي‘ اچار ڦري ’ڪلاچي‘ ۽ پوءِ ’ڪراچي‘ ٿيو. هاڻوڪي ڪياماڙيءَ جي ويجهو هڪ ڪُن هو، جيڪو ’ڪلاچيءَ جو ڪن‘ سڏبو هو. ڪن حوالن ۾ اهو بہ سامهون آيو آهي تہ ڪلاچي هڪ مائي جو نالو هو، ان پٺيان ڪلاچي نالو پيو بعد ۾ اهو تبديل ٿي ڪراچي بڻيو.
ڪراچيءَ ۾ جيڪي مھاڻا رهندا هئا، تن جي مڇيءَ جي مياڻي هاڻوڪي نيٽي جيٽيءَ (جهونا بندر) جي ويجهو هئي. اڄ تائين ڪراچيءَ جي کاري در وارو پاسو ’مڇي مياڻي ڪوارٽر‘ سڏبو آهي. ان وقت بہ ڪراچيءَ طرف هندو واپاري هئا، پر اهي ’کارڪ‘ نالي بندر ۾ رهندا هئا. کارڪ بندر حب نديءَ جي پرئين پاسي ڪيپ ماتر (راس المعاريءَ) جي منھن وٽ، هاڻوڪي ڪراچيءَ کان ڏھہ ڪوھہ کن پري هو. اهو وڏو شھر هو. ڪراچيءَ جي ڀوڄواڻي سيٺين ۽ ڪن ٻين هندن جا وڏا اتي رهندا هئا ۽ سمنڊ جي رستي پوربندر، ملبار، ايراني نار وغيرہ سان واپار ڪندا هئا. 1725ع ڌاري سمنڊ اتان رخ مَٽيو تہ بندر جي منھن وٽ ايترو رءُ يا ريٽ چڙهيو، جو بندر تائين دنگيون وڃي نہ ٿي سگهيون. سندن واپار کي وڏو ڌڪ رسيو، تہ پوءِ اُهي هاڻوڪي ڪراچيءَ طرف لڏي آيا. ۽ هڪ ننڍڙو شھر ٻَڌائون، جو اڄ تائين ’اولڊ ٽائون‘ (جهونو شھر) سڏبو آهي. انهيءَ شھر جي چوڌاري عالم پناھہ يا قلعو جوڙايائون، جنھن کي ٻہ دروازا هوندا هئا: هڪڙي دروازي جو منھن هاڻوڪي نيٽي جيٽيءَ جي کاري پاڻيءَ طرف هو، تنھن ڪري اهو ’کارودر‘ سڏجڻ ۾ آيو، ٻئي دروازي جو منھن لياري نديءَ ۽ ان جي ويجهو کوٽيل مٺي پاڻيءَ جي کوهن ڏي هو، تنھن ڪري اهو ’مٺو در‘ ڪوٺجڻ ۾ آيو. کارڪ بندر جا واپاري لڏي هتي اچي رهيا تہ کارڪ بندر صفا ڦٽي ويو.
1785ع ڌاري قلات جي خان جو ناٺِي زرڪ خان سنڌ جي پوئين ڪلهوڙي حاڪم ميان عبدالنبيءَ جي مدد ۾ ميرن سان وڙهندي مارجي ويو. انهيءَ خون جي عيوض ميان عبدالنبي ڪلهوڙي قلات جي خان کي ڪراچيءَ جو شھر ڏئي ڇڏيو.
ڪراچيءَ قلات جي خان جي تابع ٿي، تہ ان جا ڀوڄواڻي سيٺ ۽ ٻيا خراسان سان وڻج واپار ڪرڻ لڳا. خراسان کان بہ قافلا ايندا هئا، جن جي رهڻ لاءِ ڪراچيءَ واري ڪوٽ يا عالم پناھہ کان گهڻو پرڀرو هڪ قافلہ سراءِ ٺھيل هوندي هئي. انهيءَ سراءِ واري پٽ تي هن وقت سنڌ مدرسته السلام، جو ڪجهہ ڀاڱو ٺھيل آهي ۽ اهو پاسو اڄ تائين ’سراءِ ڪوارٽر‘ سڏجي ٿو.
ڪلهوڙن کان پوءِ سنڌ ۾ ميرن جي صاحبي ٿي، تہ ڪراچيءَ جو شھر ان وقت بہ قلات جي خان جي تابع هو. ڀوڄواڻي سيٺ ۽ ٻيا هندو قلات جي خان سان ايتري قدر وفادار هئا، جو ڪراچيءَ هٿ ڪرڻ لاءِ ميرن ٻہ دفعا لشڪر چاڙهي موڪليو، تہ ڀوڄواڻين کين ڀڄائي ڪڍيو. آخر ڪن شرطن تي ڪراچي سنڌ جي ميرن کي ملي. ان وقت کان ڪراچيءَ جو شھر وڌيڪ وسيو. آهستي آهستي نصرپور، گهاري تعلقي ميرپور ساڪري، ٿاڻي بولاخان ۽ ٻين ڪن هنڌن جا ماڻهو بہ اتي آيا ۽ ائين آدم شماريءَ ۾ اضافو ٿيو.
ڪراچيءَ کي جڏهن مير فتح علي خان ٽالپر فتح ڪيو تہ هُن منهوڙي تي هڪ ننڍڙو قلعو جوڙايو. 1836ع ڌاري انگريزن کي ڊيڄارڻ لاءِ ميرن جي ماڻهن، قلعي مان توب ڇوڙي، تہ انگريزن توبون ڇوڙي منھوڙي وارو قلعو ئي اڏائي ڇڏيو. ميرن پوءِ مجبوريءَ ۾ سر جان ڪين سان عھدنامو ڪيو. ان وقت ۾ جڏهن شاھہ بندر وٽان بہ سمنڊ ۽ درياھہ رخ ڦيريو ۽ دنگيون ۽ جھاز بندر تائين وڃڻ ۾ ڏکيائي ٿي تہ اتي جا واپاري بہ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيا. ائين آدم شماري اڃا بہ وڌڻ لڳي. 1842ع ۾ سر چارلس نيپئر پوني مان سنڌ جو ريزيڊنٽ مقرر ٿي ڪراچي آيو، جنھن مير نصير خان ۽ ٻين ميرن سان ڳالهيون ڪري، ٻيو عھدنامو ڪيو، جنھن موجب ڪراچي، شڪارپور، امرڪوٽ ۽ سبزل ڪوٽ انگريزن کي مليا. 17 فيبروري 1843ع تي سر چارلس نيپيئر سنڌ کي پنھنجي قبضي ۾ ڪيو، پاڻ ان جو پھريون گورنر مقرر ٿيو ۽ گاديءَ جو هنڌ حيدرآباد مقرر ڪيائين. ٻئي سال (1844ع) ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ڦيرائي ڪراچي ڪيائين. پاڻ جنھن بنگلي ۾ رهندو هو، سو پوءِ سرڪار کانئس خريد ڪيو ۽ اهو پوءِ ’گورنمينٽ هائوس‘ سڏجڻ ۾ آيو. جتي اڄڪلھہ سنڌ جو گورنر هائوس آهي. سندس بنگلي کان اڌ ڪوھہ کن پرڀرو ملٽري وارن 1844ع ۾ پنھنجي ڇانوڻي جوڙائي ۽ اهو هنڌ اڄ تائين ’ڪئنٽونمينٽ‘ (ڇانوڻي) سڏجي ٿو. ملٽريءَ جو سامان رکڻ لاءِ جنھن هنڌ ڊيپو ٺھيا، اهو هنڌ اڄ تائين ڊيپو لائين سڏجي ٿو. هن وقت جتي پارسي ڪالوني ۽ نابينن جو اسڪول ٺھيل آهي، سمورو پاسو ملٽري وارن والاريو. ملٽري وارن جو جتي توبخانو هوندو هو ۽ پريڊ ڪندا هئا، اهو هنڌ اڄ تائين ’آرٽلري ميدان‘ سڏجي ٿو. 1932ع کان انهيءَ ميدان ۾ جايون ٺھيون آهن. جڊيشنل ڪمشنر جي ڪورٽ ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ بنھہ ويجهڙائيءَ ۾ آهن. سر چارلس نيپيئر جي وقت ۾ جتي سولجر رهندا هئا، اتي سندن سھوليت لاءِ بازار قائم ٿي، تنھن ڪري اهو پاسو اڄ تائين ’سولجر بازار‘ سڏجي ٿو. مطلب تہ آرٽلري ميدان، سولجر بازار ۽ ڊيپو لائين کان وٺي ڪئنٽونمينٽ تائين وارو سمورو علائقو ملٽري کاتي وارن آباد ڪيو. 1847ع ۾ سر چارلس نيپيئر استعيفا ڏئي هتان هليو ويو، تہ سنڌ جو پرڳڻو بمبئي جي ماتحت ڪيو ويو جنھن کان پوءِ سنڌ لاءِ وقت بوقت ڪمشنر مقرر ٿيندا آيا.
سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جي وقت (1859- 1850) ۾ ڪراچيءَ جي ترقي ٿيڻ لڳي. ڪراچيءَ ۾ يورپي ٻارن لاءِ اسڪول قائم ٿيو. هاڻوڪو ’گانڌي گارڊن‘ جو اڳي ’سرڪاري باغيچو‘ سڏبو هو، اهو بارٽل فريئر جوڙايو هو ۽ ان لاءِ قسمين قسمين پکي ۽ جانور گُهرايا، جن جو تعداد پوءِ ميونسپالٽيءَ وڌايو. ٽرنٽي چرچ سندس وقت ۾ 1855ع ڌاري ٺھيو. ضلعي عملدارن لاءِ آفيسون ۽ بنگلا ۽ عام خلق جي لاءِ مسافرخانا جوڙايائين. سنڌ جا ڪيترا رستا ٺھرايائين ۽ ڪيتريون ئي پليون ٻڌرايائين. ائين ڪيترائي سڌارا آڻي ڪراچيءَ جي رونق ۾ اضافو ڪيائين ۽ هر سال ڪراچيءَ ۾ ميلا لڳائڻ ۽ هنري نماءُ ڪرڻ جو پڻ رواج وڌائين.
سر بارٽل فريئر جي وقت ۾ ڪراچيءَ جو هُنري نماءُ ڏسڻ لاءِ جيڪي ماڻهو ٻاهران آيا، تن مان ڪي هميشہ لاءِ ڪراچيءَ ۾ رهي پيا. بمبئيءَ جي ڪن واپارين هاڻوڪي کاري در ۽ مٺي در جي مھڙ وٽ پٽ خالي پيل ڏسي، اتي دڪان کوليا، تہ اهو پاسو ’بمبئي بازار‘ سڏجڻ لڳو. ڪيترا ڪڇي پنھنجو واڙو (لوڙهو) ٺاهي جنھن هنڌ رهيا، تنھن هنڌ پوءِ پڪيون جايون ٺھيون، تہ بہ اڄ تائين هو ’ڪڇي واڙو‘ سڏجي ٿو. ڪاٺياواڙ ۾ ’جوڙيا‘ نالي هڪ ڳوٺ آهي، اتي جا واپاري مصالحي ۽ ٻين جنسن جا دڪان کولي اچي ويٺا، اهو هنڌ اڄ تائين ’جوڙيا بازار‘ ڪوٺجي ٿو. ان جي ويجهو ڪيترو کليل ميدان هو. اتي اٺن جي کوڙي هئي. ڪنھن کي ٻاهر وڃڻ لاءِ اٺ کپندو هو، تہ اتان ڀاڙي ڪندو هو. اتي پوءِ باغيچو ٺھيو، ان ڪري هن علائقي جو نالو ’کوڙي باغيچو‘ نالو پيو. ڪن بوهرين هاڻوڪو سراءِ ڪوارٽر وار علائقو والاريو. سندن ويجهو ڪيترا ميمڻ بہ گهر اڏي ويٺا. ڪيترا ڪرستان، پارسي ۽ ٻيا بہ صدر ۾ وڃي رهيا. صدر ۽ شھر جي وچ ۾ مفاصلو گهڻو آهي، ان ڪري هوند وارا ماڻهو پاڻ کي ڏولين ۾ کڻائي ايندا ويندا هئا. اهي ڏوليون ڪھار کڻندا هئا. جن کي ججهي ڪمائي ٿيندي ڏسي، ڪن گهوڙي گاڏيون چالو ڪيون. گاڏين وارا پنھنجيون گاڏيون شھر ۽ صدر جي وچ ۾ بيھاريندا هئا، اهو ’گاڏي کاتو‘ سڏجڻ ۾ آيو، پر اتي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ جاءِ ان وقت ٺھيل هئي. ايئن شھر اڃا وسيو پئي، تہ 1859ع ۾ سر بارٽل فريئر بمبئي بدلي ٿي ويو. سندس ياد ۾ هڪ هال جوڙايو ويو، جو سندس نالي پٺيان فريئر هال سڏجي ٿو.
جيمس اسٽريچن نالي ميونسپالٽيءَ جي هڪ انجنيئر 1881ع ۾ ٽرام هلائڻ جي تجويز تيار ڪئي، جيڪا 1883ع ۾ بمبئي سرڪار منظور ڪئي. 20 اپريل 1885ع تي سنڌ جي ڪمشنر هينري ارسڪن ڪراچيءَ ۾ ٽرام نظام جو افتتاح ڪيو. شروع ۾ ٽرام کي ڪوئلي جي انجڻ سان هلايو ويو. پر مشينن جي گوڙ سبب شھرين جي احتجاج تي ٽرام کي گهوڙن سان ڇڪڻ جو سلسلو شروع ٿيو. 1909ع ۾ گهوڙن جي جاءِ تي پئٽرول جون انجڻيون لڳايون ويون، پر 30 اپريل 1975ع تي ڪراچيءَ مان ٽرام جو نظام مڪمل طور ختم ڪيو ويوسر چارلس نيپيئر جي وقت کان وٺي، ڪاميسريٽ کاتي ۽ ٻين کاتن جا پھريان مقاطعيدار پارسي هئا. ڪراچيءَ جي پورٽ ٽرسٽ آفيس اڃا نہ کلي هئي، مسٽر پيستنجي بيگاجي نالي هڪ پارسي، بندر جو سمورو ڪاروبار سنڀاليندو هو. ڪراچيءَ جي زمين جو ان وقت گهڻو ملھہ نہ هو. پھريون مسٽر ايڊلجي ڊنشا هو، جنھن هڪ ٻئي پٺيان ايترا پلاٽ ورتا، جو ميونسپالٽيءَ کي ملڪيت جو هڪ رجسٽر شھر جي ماڻهن لاءِ ۽ ٻيو رجسٽر خاص مسٽر ايڊلجيءَ جي پلاٽن جي داخلائن ڪرڻ لاءِ رکڻو پيومسٽر ايڊلجي، اهوئي پارسي هو، جنھن شروع ۾ هڪ خيراتي اسپتال، عام خلق جي ڀلي لاءِ ڪراچيءَ ۾ جوڙائي هئي. ڪراچيءَ ۾، ڪي وڏيون جايون ۽ نوان ڪارخانا پارسين کوليا هئا. بارٽل فريئر جي وقت ۾، هڪ پارسي سوڍا لمليٽ جوڙڻ جو سانچو گهرايو هو. پوءِ مسٽر بھرامجي ايڊلجيءَ سوڍا جي سانچي سان گڏ، برف جوڙڻ جو ڪارخانو بہ کوليو. کانئس پوءِ، مسٽر نسروانجي آر. مھتا بہ ائين ڪيو ۽ هڪ برف جوڙڻ جو ڪارخانو حيدرآباد ۾ بہ کوليائين. ڪيترن ورهين کان پوءِ، رنگين فرشي سرن (ٽائيلس) جو ڪارخانو، گانڌي گارڊن جي ڀر ۾ کوليو. ڪراچيءَ جو پھريون مکيہ واپاري، مسٽر ايڇ. جي. رستم جي هو.ڪراچيءَ ۾ پھريون ڇاپخانو سر چارلس نيپيئر جي وقت ۾، 1844ع ۾ کليو، جنھن کي ائڊورٽائيزر پريس چوندا هئا. انهيءَ مان سنڌ ائڊورٽائيزر نالي اخبار نڪرندي هئي. اها سرڪاري پريس، پوءِ عام طرح، سنڌ جي ڪمشنر جي پرنٽنگ پريس سڏجڻ ۾ آئي. رعيتي ماڻهن مان، پھريائين، هڪ پارسيءَ ڪراچيءَ ۾ ڇاپخانو کوليو، جنھن مان ’سنڌين‘ نالي هڪ هفتيوار انگريزي اخبار نڪرندي هئي. ان اخبار جو نالو پوءِ ڦيرائي ’بيڪن‘ ڪيائيون ۽ پوءِ وري سنڌ ٽائيمس نالو رکيائونس. 1884ع ۾ سنڌ ٽائيمس جو ايڊيٽر ساڌو هيرانند هو. اها سيٺ پوڄاجيءَ ۽ ٻئي هڪ پارسي سيٺ دورابجيءَ جي پريس هئي. ڪراچيءَ ۾ پھريون ڪاليج ڏيارام ڄيٺمل جي نالي سان 1887ع ۾ قائم ٿيو. سنڌ ۾ مئٽرڪ کانپوءِ هتان جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ بمبئي يا لاهور ويندا هئا، جنھن ڪري گهڻائي غريب شاگرد اعليٰ تعليم کان محروم پئي ٿيا. انهيءَ ڳالھہ کي مدنظر رکندي ڏيارام ڄيٺمل، ديوان ميٺا رام، ڏيارام گدومل، ديوان واڌومل، فتح چند آتما رام، شيون داس، بھرام جي ڪوتوال، سيٺ آلومل، ٽيڪم داس ۽ اڌارام مولچند سنڌ جي شھر ڪراچيءَ ۾ ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. آخرڪار سندن ڪوششن سان ’انڊين ايجوڪيشن ڪميشن‘ سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ جي اجازت ڏني، جنھن کانپوءِ 19 جنوري 1887ع تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جو پھريون ڪاليج ’سنڌ آرٽس ڪاليج‘ جي نالي سان قائم ٿيو. جنھن جو افتتاح بمبئي جي گورنر لارڊ ري ڪيو. شروع ۾ ڪاليج هڪ مسواڙي جاءِ ۾ هلندو هو. آخرڪار ڏيارام ڄيٺمل جي وڏين ڪوششن سان ڪاليج جي عمارت تيار ٿي. انهي ڪري سندس لاڏاڻي کانپوءِ ڪاليج جو نالو ’سنڌ آرٽس ڪاليج‘ مان تبديل ڪري ’ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج (ڊي. جي ڪاليج) رکيو ويو. ڪاليج جو پھريون پرنسپال ڊاڪٽر آر. ايم وامسلي صاحب مقرر ٿيو. پر ڪاليج کي شروع کان هر طرح زور وٺائڻ جي ڪوشش جنھن صاحب ڪئي، سو هڪ پارسي پروفيسر برجو جي پادشا هو، جو ڪاليج جو وائيس پرنسپال هو. ڪاليج جي شاگردن لاءِ هاسٽل جي گهرج ٿي، تہ چندي ڪٺي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ڪھي ويو. ديوان ميٺارام گدومل چڱي رقم ڏني جنھن ڪري هاسٽل تي ميٺا رام هاسٽل نالو پيو. هاسٽل لاءِ، اڃا گهڻو پئسو کپندو هو، ان ڪري پنھنجي صدارت هيٺ، ڪراچي ڪاليج جي شاگردن کان، هڪ اميچوئر ڊرئميٽڪ سوسائٽي برپا ڪيائين. سوسائٽيءَ ڊسمبر 1894ع ۾، پھريون ناٽڪ ’نل دمينتي‘ ڪيو. پوءِ، هر سال، نوان نوان ناٽڪ جا ڪتاب جوڙائي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ کيل ڪندا هئا. ائين سنڌي ساهت جو واڌارو ٿيو ۽ هاسٽل لاءِ بہ چڱي رقم ڪٺي ٿي.پروفيسر پادشا کان پوءِ، ديوان صاحب سنگهہ چندا سنگهہ شھاڻيءَ، سنڌ ڪاليج کي هيڪاري وڌيڪ اوج تي آندو. سندس ڪوشش سان، ڇوڪريون ڪاليج ۾ داخل ٿي، اعليٰ تعليم وٺڻ لڳيون. اِهوئي مڙس هو، جنھن انجنيئرنگ ڪاليج برپا ڪرايو. ڪاليج لاءِ پئسو کپندو هوس، تہ مسٽر جمشيد مھتا، مسٽر نادر شاھہ ايڊلجي دينشا جي اولاد وٽان هڪ لک روپيا آڻي ڏنس. جنھن ڪري، ڪاليج تي نادرشا ايڊلجي دينشا جو نالو پيو. ڪراچيءَ ۾ ’لا ڪاليج‘ بہ پرنسپال شھاڻيءَ کولايو. جيڪو سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو. هندستان جي وائسراءِ لارڊ رپن جي ايامڪاريءَ (1880- 1884ع) ۾ ڪيترا سڌارا ٿيا. ميونسپل سرشتو جاري ٿيو. پھرين ميونسپل جو ڪم ڪراچي ۾ هليو. شروع ۾ ديوان ٽھلرام کيمچند وزيراڻي ۽ پوءِ آنربل سيٺ هرچندراءِ وشنداس ڀارواڻيءَ، ڪراچي ميونسپالٽيءَ کي آدرشي ميونسپالٽي بڻائڻ لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيو. کانئن پوءِ، مسٽر جمشيد نسروانجي مھتا، ڪيترا ورهيہ ڪراچيءَ جو پريزيڊنٽ رهيو. ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي محل جهڙي عمارت، سندس وقت ۾ ٺھي. ڪراچي شھر کي وڌائڻ لاءِ، ماڻهن کي گهڻي قدر همٿايائين. آرٽلري ميدان، جمشيد ڪوارٽر، بندر روڊ ايڪسٽينشن وارا پاسا، ايتري قدر وسيا، جو مسٽر جمشيد مھتا، اڄ ’ڪراچيءَ جو معمار‘ سڏجي ٿو.
ڪلفٽن يا هوا بندر تي جيڪو عاليشان پرامينڊ، ڪراچيءَ جي عام خلق لاءِ ٺھيل آهي، سو سر جھانگير ڪوٺاريءَ جي خرچ تي ٺھيو. تنھن ڪري اهو عام طرح ڪوٺاري پريڊ ڪوٺبو آهي. مطلب تہ پارسين ڪراچيءَ کي ٺاهڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪي
سنڌ گزيٽيئر مان معلوم ٿئي ٿو، تہ سن 1900- 1901ع ۾، ساڍن ستن ڪروڙن روپين جو ۽ 1904-1905ع ۾ ساڍن ٻارهن ڪروڙن روپين جو مالسنڌ کان ٻاهر روانو ٿيو هو. موجودہ سنڌ گزيٽيئر 1907ع جو ڇپيل آهي. ان کان پوءِ، واپار اڳ جي ڀيٽ ۾ سؤ ڀيرا وڌيو آهي.هن وقت، ڪراچيءَ جي ريلوي بندر اسٽيشن ۽ نيٽي چيٽِ (جهونا بندر) جي وچ ۾، جتي چاڙهي آهي، اُتي اڳي هڪ وڏي پل، شاهي رستي (بندرروڊ) جي مٿان، ٺھيل هئي ۽ هيٺان، پل جي دروازن مان، گهوڙي گاڏيون ۽ ڍڳا گاڏيون اينديون وينديون هيون ۽ ٽرامون پل جي پاسي وٽان لنگهنديون هيون. ڪسٽم آفيس جي پريان، پورٽ ٽرسٽ آفيس، هڪ ساديءَ جڙيل جاءِ ۾ هئي. هينئر جتي پورٽ ٽرسٽ ۽ ڪسٽم آفيس آهن، اُتي اڳي وير چڙهڻ مھل سمنڊ جو پاڻي ايندو هو. وير لھڻ کان پوءِ، آلڙ هوندي هئي، اتان، پوءِ، سمنڊ جو پاڻي هٽائي، هاڻوڪيون عاليشان عمارتون جوڙيائون. يورپي لوڪن، ڪراچيءَ ۾ بئنڪون کوليون. ڪراچيءَ ۾ جهونيون يورپي بئنڪون نيشنل بئنڪ آف انڊيا ۽ مرڪنٽائيل بئنڪ آف انڊيا آهن. سن 1902- 1903ع ڌاري، چارٽرڊ بئنڪ کلي. ايمپيريل بئنڪ آف انڊيا اها اڳي ’بمبئي بئنڪ‘ سڏبي هئي. پوءِ ڪيترن يورپي توڙي ڏيھي ماڻهن جون بئنڪون، بلڪ ڪوآپريٽو بئنڪون بہ کليون، جنھن سان واپار ۾ واڌ آئي.
يھودين 1893ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سڀ کان پھريون سنگاگ ٺاهيو، جنھن جو نالو مگئن شالوم رکيائون. سيٺ هرچندراءِ وشنداس ۽ جمشيد مھتا ڪراچي جا ميئر رهيا، جن کي جديد ڪراچيءَ جو ابو سڏيندا آهن.
ڪراچيءَ ۾ ڪالرا جي بيماري پکڙجڻ سبب انگريز حڪومت 1846ع ۾ هڪ ڪنزروينسي بورڊ جوڙيو. ساڳيو بورڊ اڳتي هلي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (KMC) بنيو. 1933ع ۾ هتي شھري حڪومت قائم ٿي ۽ ميونسپل کي ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو، جنھن ۾ هڪ ميئر، هڪ ڊپٽي ميئر ۽ 57 ميمبر هئا. 1976ع ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو وڌائي ان کي ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾، مئڪينان مئڪنزي ڪمپنيءَ جا جھاز ايندا ويندا هئا، پوءِ برٽش انڊيا اسٽيم نئويگيشن ڪمپني، شيپرڊ ڪمپني،
ميشرس ايلرمن لائسنس ۽ ايشياٽڪ نئويگيشن ڪمپنيون جاري ٿيون. ان وقت کان مال جي آمدني ۽ روانگي گهڻي ٿيڻ لڳي. پھريون يورپي ڪمپنيون، جن وڏي پيماني تي، سنڌ مان ٻاهر مال موڪلڻ شروع ڪيو، سي ميشرس رالي برادرس، ميشرس ڪليمينٽ رابسن ۽ اسٽراس ڪمپنيءَ وارا آهن. لوئي ڊريفس ڪمپنيءَ وارا فرينچ آهن. ٻيون مکيہ يورپي واپارين جون ڪمپنيون گرهام ڪمپني، فاربس ڪمپني، ميشرس ڪاڪس وغيرہ آهن. واڪرٽ برادرس وارا سويڊن جا آهن.
سن 1900ع کان ڪراچيءَ جو وڌيڪ سڌارو ٿيڻ شروع ٿيو. مانجهوءَ جي هڪ وڏي سيٺ وشنداس جو پٽ هرچند راءِ وشنداس ڪراچيءَ جو 1911ع ۾ ميئر ٿيو، هن ڪراچي ۾ نوان روڊ رستا، باغ باغيچا ۽ گهرو شاندار رهائشون ٺھرايون. سندس مجسمو ميونسپل جي سامھون لڳل هو، جيڪو پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اتان هٽايو ويو. اڄڪلھہ اهو مجسمو بنا ڌڙ جي ڪراچي جي موهٽا پئليس ۾ رکيل آهي.
1948ع ۾ ’فيڊرل ڪيپيٽل ٽيريٽري آف پاڪستان‘ نالي نئون ادارو ٺاهي ڪراچيءَ جا 812 چورس ميل انهيءَ اداري جي حوالي ڪيا ويا. 1990ع ۾ سڄي ميٽروپوليٽن ايراضيءَ کي پنجن ضلعن ۾ ورهايو ويو. هر ضلعي کي پنھنجي ميونسپل ڪارپوريشن هئي. 2001ع ۾ ڪراچيءَ کي ضلعي حڪومت واري نظام ۾ شامل ڪيو ويو. جنھن ۾ 18 شھر (Town) ۽ 178 يونين ڪائونسلون ٺاهيون ويون ۽ ان جو پھريون ناظم نعمت ﷲ خان چونڊيو ويو ۽ شفيق پراچا پھريون سٽي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر مقرر ٿيو. انهي انتظام کي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جو نالو ڏنو ويو. 2011ع ۾ يونين ڪائونسلن/ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ کي ختم ڪري ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن نظام لاڳو ڪري هيٺيان ضلعا ٺاهيا ويا:
(1) ڪراچي ڏکڻ، جنھن ۾ لياري ٽائون ۽ صدر ٽائون شامل هئا.
(2) ڪراچي اوڀر، جنھن ۾ جمشيد ٽائون ۽ گلشن ٽائون.
(3) ڪراچي سينٽرل، جنھن ۾ لياقت آباد، نارٿ ناظم آباد ٽائون، گلبرگ ٽائون ۽ نيو ڪراچي.
(4) ڪراچي اولھه،جنھن ۾ ڪياماڙي، سائيٽ ايريا، بلديہ ۽ اورنگي ٽائون.
(5) ڪورنگي، جنھن ۾ ڪورنگي ٽائون، لانڍي ٽائون ۽ شاهراھہ فيصل ٽائون.
(6) ڪياماڙي، جنھن ۾ ڪراچي ڪنٽونمينٽ، ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ، ڪورنگي ڪنٽونمينٽ، فيصل ڪنٽونمينٽ، ملير ڪنٽونمينٽ ۽ منھوڙا ڪنٽونمينٽ وارا علائقا شامل ڪيا ويا.
(7) ملير.
ورهاڱي وقت ڪراچيءَ جي آبادي 50 سيڪڙو مسلمان، 40 سيڪڙو هندو ۽ 10 سيڪڙو ٻين مذهبن جي مڃيندڙن تي ٻڌل هئي، جن ۾ عيسائي ۽ يھودي شامل هئا. ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان اردو ڳالهائيندڙن جو هڪ وڏو ا ڪراچيءَ ۾ اچڻ شروع ٿيو. سنڌي هندن کي ڪراچيءَ مان لڏپلاڻ ڪري هندستان وڃڻو پيو. لڏپلاڻ وارو اهو سلسلو 1950ع تائين جاري رهيو. اهڙي نموني 1950ع ۾ هتي مسلمانن جو تعداد وڌي 96.5 سيڪڙو ٿي ويو.
هتي ڪيترين ئي ٻولين ڳالهائڻ وارا رهن ٿا، جن ۾ سنڌي، اردو، بلوچي، پشتو، گجراتي، بوهرا، مارواڙي، مڪراني، هزارا، گلگتي، بروشسڪي، بنگالي ۽ سرائڪي شامل آهن. ڪراچيءَ ۾ ڪل 93 ديھون آهن، جن ۾ آبدار، الھه ٻنون، الھه ڦھائي، اميلاڻو، ٻيراڻو، ٻاڪراڻ ديھه، بازار ديھه، ڀاڏ، بجار جي بُٺي، ٻٽي، عامري، ٻولھاڙي، بند مراد خان ديھه، ڇتارا ديھه، چوهڙ، درساڻو ڇنو ديھه، ڍانڍو، ڊھہ، دوزان، ڊرگهہ روڊ، گڏاپ، ڳاڱيارو، گابو پٽ، گهگهر، ڳجهڙو، گونڊ پاس هلڪاڻي، حب ديھه، حدر واھہ، ابراهيم حيدري، ڄام چکرو، جهنگ ڪنڊ، جهونجهار، جوريجي، ڪاري لڪي، ڪرمتاڻي، لٽ، ڪاٺوڙ، گڏيجي، کاکڙ، کانٽو، کرکرو، ڪونڪر، ڪوٽيرڙو، ڪنڊ، لعل بکرI، لعل بکر II، لانڍي، لوسر، لوهارڪو، لنگهہ، لنگهيجي، مھير جبل، مائي ڳاڙهي، ملھه، مانڊڙو، من ديھه، مواڇ، مھراڻ ديھه، مھيو مٺا، ميٽاڻ، ماڇڪو، موئيدان، موکي ديھه، ميندياري، نانگڻ، ناراٿر، اُڪيواري، اورنگي، ڦھائي پپري، پير منگهہ، ريڙهي صفوران، منھوڙو، شاھہ مريد، شاهي چٻ، شرابي، شور ڪنڊي، شورينگ، سونگل، سونڍي، سورجاڻي، تائيسر، تراڙي، ٿڌو، ٿاڻو ديھه، ٽوڙ ۽ واڻ ڪنڊ قابل ذڪر آهن.
ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي پرائمري ۽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج تعليم جي واڌاري لاءِ ڪوشان آهن. ڪراچيءَ ۾ هن وقت اهم سرڪاري توڙي خانگي يونيورسٽين جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) ڊي جي سنڌ سائنس ڪاليج، 1887ع، (2) سنڌ مدرسة الاسلام 1885ع، (3) ايِن اي ڊي يونيورسٽي، 1921ع، (4) ڊائو يونيورسٽي 1945ع، (5) يونيورسٽي آف ڪراچي، 1951ع، (6) آءِ بي اي يونيورسٽي 1955ع، (7) دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي 1962ع، (8) خان يونيورسٽي'>آغا خان يونيورسٽي 1983ع، (9) همدرد يونيورسٽي، (10) سرسيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي، (11) زيبسٽ 1995ع، (12) اقرا يونيورسٽي، (13) حبيب يونيورسٽي، (14) جناح ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج،
(15) ڪراچي ايئرفورس انسٽيٽيوٽ، (16) وفاقي اردو يونيورسٽي،
(17) لياري يونيورسٽي. ان کانسواءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو بنياد پڻ 13 اپريل 1947ع تي ڪراچيءَ جي پراڻي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي جاءِ تي رکيو ويو هو، جنھن جو پھريون وائيس چانسر اي. بي حليم هو. 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ۽ اها نووديالا هاءِ اسڪول گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ قائم ٿي. جتان پوءِ ڄامشوري منتقل ڪئي وئي.