ڪراچي ڪاٽن ايسوسيئيشن: سنڌ ۾ صدين کان ڪپھه جي پوک ڪئي ويندي آهي. انگريزن جي بئراج سسٽم ڪري سنڌ ۾ زراعت ۾ انقلاب آيو، ٻين فصلن سان گڏ ڪپھه جي پيداوار ۾ واڌارو ٿيو. سنڌ ۾ 1883ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ ڪپھه ٽاڻڻ جا ٻہ ڪارخانا لڳايا ويا.
1860ع کان پوءِ ريلوي نظام شروع ٿيو تہ سنڌ جا ٻيا حصا بہ ڪراچي شھر ۽ بندر سان ڳنڍجي ويا. 1926ع تائين ڪراچيءَ ۾ واپارين جا الڳ الڳ ڪپھه جي خريدڻ ۽ وڪري لاءِ ٺيڪيدار هئا. 24 آگسٽ 1926ع تي ’انڊين مرچنٽس ايسوسيئيشن‘ ۽ ’ڪراچي چيمبر آف ڪامرس‘ پنھنجي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ هڪ گڏيل ڪاٽن ڪاميٽي ٺاهي. هن ڪاميٽيءَ ڪپھه جي درجابندي، واپارين کي سھوليتون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪاميٽيءَ جو پھريون صدر رائل برادرس جي ڪاٽن ڊپارٽمنٽ جو مئنيجر، مسٽر پاناس هو. 20 اپريل 1933ع تي اهو فيصلو ڪيو ويو تہ ڪپھه جي واپار لاءِ جدا تنظيم جوڙي وڃي. انهيءَ ڪري ساڳئي ڏينھن تي ’ڪراچي ڪاٽن ايسوسيئيشن لميٽيڊ‘ جو بنياد وڌو ويو. نومبر 1934ع ۾ ڪراچي ڪاٽن ايسوسيئيشن جا 81 ميمبر هئا، جن مان 30 سنڌي، 6 يورپين، 3 جپاني، 16 بامبي واسي ۽ احمدآبادي، 16 پنجابي ۽ 10 مارواڙي هئا. ڪراچيءَ ۾ ايسوسيئيشن پاران ڪپھه جي واپارين لاءِ قائدا ۽ قانون مقرر هوندا هئا. ايسوسيئيشن جو ڪم بورڊ آف ڊائريڪٽر هلائيندا هئا. انھن جو انگ 16 هوندو هو، جيڪي ايسوسيئيشن جي ميمبرن مان هر سال عام گڏجاڻيءَ ۾ چونڊيا ويندا هئا. ڊائريڪٽرن جو بورڊ هر سال چئرمئن ۽ وائيس چئرمئن چونڊيندو هو. بورڊ جو سيڪريٽري پگهاردار هوندو هو. ڪراچي ڪاٽن ايسوسيئيشن جو پھريون ڊائريڪٽر بورڊ 31 آگسٽ 1933ع تي چونڊيو ويو، جنھن ۾ لالا نرنجن پرساد چئرمئن چونڊيو ويو. ان وقت بورڊ تي ايسرداس ورندمل، نھلچنداس ڇاڱومل، چترومل نارائڻداس ۽ چيلارام شيوارام چونڊيل هئا، ٽي. بي دلال پھريون سيڪريٽري چونڊيو ويو. ڪراچي ڪاٽن ايسوسيئيشن جي هاڻوڪي شاندار جاءِ جيڪا سٽي اسٽيشن سامھون ميڪلوڊ روڊ تي آهي، اها زمين 1938ع ۾ خريد ڪئي ويئي. پيڙھہ جو پٿر 14 ڊسمبر 1938ع تي مکي ليلارام تلوڪچند رکيو، مھورت 13 مئي 1940ع تي ايسوسيئيشن جي چئرمئن لالا نرنجن داس پرساد ڪيو.
لالا نرنجن پرساد، 1933ع کان 1947ع تائين مسلسل چئرمئن چونڊجندو رهيو. 1947ع ۾ سنڌ جون حالتون خراب ٿيون تہ لالا نرنجن پرساد استعيفيٰ ڏيئي ڀارت هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ 17 ڊسمبر 1947ع تي سيٺ ايسر داس ورندمل بورڊ جو چئرمئن چونڊيو ويو، ڇھن مھينن کان پوءِ 16 جون 1948ع تي ايسرداس بہ استعيفيٰ ڏيئي ڀارت هليو ويو. 14 جولائي 1948ع تي مسٽر جانسن بورڊ جو چئرمين چونڊيو ويو. جانسن جي استعيفيٰ کانپوءِ 18 آڪٽوبر 1948ع تي سيٺ سکديو اوڌو داس بورڊ جو چئرمئن چونڊجي آيو. پھرين فيبروري 1949ع تي حاجي امير بخش چئرمئن چونڊيو ويو. هن وقت ’ڪراچي ڪاٽن ايڪسچينج‘ جي نالي سان مشھور هي پاڪستان جو وڏي کان وڏو ڪپھه جي واپار جو ادارو آهي.