ڪربلا: ڪربلا، عراق جو مشھور شھر آهي، جنھن ۾ سيد الشھداء حضرت امام حسين عليہ السلام پنھنجن عزيزن ۽ ساٿين سميت 10 محرم الحرام 61 ھہ/10 آڪٽوبر 680 تي شھيد ٿيو هو. قديم تاريخ ۾ ڪربلا جا غاضريه، نينوا، ماريه، حائر، شط الفرات ۽ صفورا نالا پڻ ملن ٿا. ڪربلا معليٰ، بغداد کان 105 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏاکڻي ۽ اولھائين ڪنڊ کان فرات جي ريگستان جي الھندي ڪناري تي موجود آهي. هن جي اتر ۾ الانبار، ڏکڻ ۾ نجف اشرف، اوڀر ۾ حله ۽ بغداد ۽ الھندي پاسي شام ۽ سعودي عرب جي سرحد لڳي ٿي. ڪربلا معليٰ شھر جي ماپ 6065 ڪلوميٽرن هم چورس آهي. اسلامي تاريخ جي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته، سن 36 هجري ۾ جڏهن امام علي عليہ السلام جنگ صفين ڏانھن ويندي ڪربلا جي سرزمين تي پھتا ۽ ڪربلا جو نالو ٻڌائون تہ پاڻ سواري تان هيٺ لٿا، وضو ڪري نماز پڙهيائون ۽ پوءِ ڪربلا جي خاڪ پنھنجي مُٺ ۾ کڻي اهو فرمايائون: ”هن سرزمين تي هڪ هانءُ ڏاريندڙ واقعو رونما ٿيندو، هڪ قافلو ايندو، ان جي رهائش ٿيندي ۽ هن ئي زمين تي سندن رتُ وهايو ويندو.“ جنھن کان پوءِ 61ھہ/680ع ۾ هتي امام حسين عليہ السلام کي 72 ساٿين سميت شھيد ڪيو ويو. 2 محرم الحرام 61ھہ/680ع تي حضرت امام حسين عليہ السلام ڪربلا ۾ پھتو ۽ اها زمين پنھنجي پُٽ حضرت علي اڪبر عه جي نالي تي بنو اسد قبيلي کان خريد ڪئي، انهي ڪري ڪربلا کي ’جاگير علي اڪبر‘ بہ چيو ويندو آهي. هن وقت ڪربلا ۾ حضرت امام حسين عليہ السلام ۽ حضرت ابو الفضل العباس عليہ السلام جا روضا زيارتگاھہ جي حيثيت رکن ٿا. شيعا مسلڪ موجب ڪربلا جي زيارت ڪري واپس پنھنجي وطن موٽي ايندڙ کي ’زوار‘ چيو وڃي ٿو. سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير محمد نصير خان ٽالپر پنھنجي دؤر ۾ هڪ وڏي رقم روضہ مبارڪ لاءِ وقف ڪئي ۽ پنھنجي خرچ سان امام حسين عليہ السلام جي روضي جي احاطي ۾ زوارن لاءِ هڪ کوھہ کوٽرايو، جنھن کي ’نھر نصير‘ جو نالو ڏنو ويو، پر هن وقت اها نھر ’حسيني نھر‘ جي نالي سان مشھور آهي، ان کانسواءِ ڪلڪتي ۾ مير حسن علي خان ۽ مير عباس علي خان عراق جي عالمن کي 2 لک رپيا ڏئي، ڪربلا ۾ سنڌ مان ايندڙ زوارن لاءِ خاص مسافرخانو تعمير ڪرايو. هن واقعي تي ٻين ٻولين وانگي سنڌي ٻوليءَ ۾ بہ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ويا آهن. شاھہ لطيف جي رسالي ۾ سُر ڪيڏارو موجود آهي، جيڪو امامن جي ياد ۾ چيل آهي. ان کانسواءِ سنڌيءَ جي ڪيترن ئي شاعرن ڪربلا جي واقعي تي مرثيا، سلام، نوحا، زاريون، لوليون ۽ ويڻ لکيا آهن.
680.10.10 عيسوي
ڪربلا، عراق جو مشھور شھر آهي، جنھن ۾ سيد الشھداء حضرت امام حسين عليه السلام پنھنجن عزيزن ۽ ساٿين سميت 10 محرم الحرام 61 هه/10 آڪٽوبر 680 تي شھيد ٿيو هو.