
ڪرشن کٽواڻي
ڪرشن کٽواڻي (ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار): ڪرشن کٽواڻيءَ 7 نومبر 1927ع تي ٺاروشاھہ، ضلعي نوشھري فيروز سنڌ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو عيدن داس هو. شروعاتي تعليم ٺارو شاھہ ۾ ئي ورتائين. ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ هن ٽئگور جي اداري شانتينڪيتن مان (گريجوئيشن) تعليم مڪمل ڪئي. حشو ڪيولراماڻي ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو ويجهو ساٿي رهيو. ڪرشن اڃا شانتي نڪيتن ۾ هو تہ ورهاڱي سبب سندس خاندان کي سنڌ مان لڏڻو پيو ۽ راجستان (اجمير) جي هڪ ڳوٺڙي ۾ وڃي رهيو. جتي چند مھينا جهوپڙي نما هڪ مسواڙي گهر ۾ رهڻ بعد 1949ع ۾ ممبئيءَ وڃي وسايائين. هو شانتينڪيتن مان چترڪلا، سنگيتَ ۽ ساهت سان لاڳاپيل رهيو.
1949ع ۾ جڏهن شانتي نڪيتن مان نڪري ممبئي ويو تہ ابتدا ۾ مخزنن لاءِ چتر/ تصويرون پينٽ ڪندو هو. ان کانسواءِ هن مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾: ’سياسي مُدبر‘ (جيونيون: 1944ع)، ’ٽُٽل زنجيرون‘ (ڪھاڻيون: 1944ع)، ’امر پيار‘ (ناول: 1961ع)، ’منھنجي مٺڙي سنڌ‘ (ناول: 1962ع)، ’وندري ۽ ٻيون ڪھاڻيون‘ (ڪھاڻيون: 1964ع)، ’مٺڙي تو نہ سُڃاتو‘ (ڪھاڻيون: 1973ع)، ’ٻماهي ڪونج جو: گوبند مالهي شخصيت پرچو‘ (ترتيب: 1973ع)، ’آشيانو‘ (ٽه فصلو وڏو ناٽڪ: 1976ع)، ’ياد هڪ پيار جي‘ (ناول: 1978ع)، ’وئرٿ زندگيون‘ (ناول: 1978ع)، ’اڪيلي‘ (ڪھاڻيون: 1980ع)، ’پرديسڻ‘ (ڪھاڻيون: 1980ع)، ’ست ڏينھن‘ (ناول: 1985ع)، ’جياپي جو ساڌن‘ (ڪھاڻيون: 1985ع)، ’هڪ ڊگهي سانت‘ (ڪوتائون: 1989ع)، ’ٻپھري‘ (ڪھاڻيون: 1990ع)، ’منھنجا ماروئڙا‘ (ڪھاڻيون ۽ ڪوتائون: 1992ع)، ’ڌنڌلا چھرا‘ (ڪھاڻيون: 1993ع)، ’ترندڙ بادل‘ (ناول: 1998ع)، ’آکاڙ جو هڪ ڏينھن‘ (موهن راڪيش جي ناٽڪ جو ترجمو: 1999ع)، ’هِن پار مان، هُن پار تون‘ (ڪھاڻيون، ڪوتائون، مضمون ۽ تقرير: 2000ع)، ’پنھنجا پراوا‘ (ڪھاڻيون: 2002ع) شامل آهن: انھن مان امر پيار (ناول)، منھنجي مٺڙي سنڌ (ناول) ۽ ترندڙ بادل (ناول) سنڌ ۾ بہ ڇپيا، جن کي وڏي مڃتا ملي آهي. هن ٻين ٻولين مان ڪيترائي ڪتاب هنديءَ ۾ ترجمو ڪيا. ان کان سواءِ سندس ڪجهہ ڪتاب مليالم ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپيا آهن. انعام ۽ مڃتا ايوارڊ: ’آشيانو‘ (وڏو ناٽڪ: 1976ع) تي سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا پاران ’بھترين ڊراما ايوارڊ‘، ’ياد هڪ پيار جي‘ (ناول: 1978ع) تي مرڪزي ساهتيہ اڪيڊميءَ پاران (دهليءَ ۾)، 1980ع ۾ ايوارڊ ۽ ساڳئي ڪتاب تي 1978ع تي مڌيه پرديش سرڪار پاران ’سامي انعام‘، ’اڪيلي‘ (ڪھاڻيون: 1980ع) تي سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ (دهلي) پاران 1500 رپيا روڪ انعام، ’امر پيار‘ (ناول) تي منسٽري آف ايڊيوڪيشن پاران نئين دهليءَ ۾ ايوارڊ (1991ع)، ڀارتيه ڀاشا پريشد ڪلڪتي پاران (ڀوپال ۾) سنڌي ادب ۾ خدمتن جي اعتراف طور انعام (1991ع، ’آکاڙ جو هڪ ڏينھن‘، مرڪزي ساهتيہ اڪيڊميءَ پاران نئين دهليءَ ۾ ترجمي لاءِ انعام (2002ع)، N.C.P.S.L (نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج) پاران ساهتڪار سنمان (2005ع) وغيره، ’هجن هوت حيات‘: ڪرشن کٽواڻي- هڪ شخص، هڪ فنڪار جي نالي سان پريم پرڪاش ترتيب ڏئي سنگيتا پبليڪيشن، بڙودا پاران (ڊسمبر 1987ع) ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان کانسواءِ لکمي کلاڻي ٽماهي رچنا جو ’ڪرشن کٽواڻي نمبر‘، سنڌي ٻوليءَ جي هن نامور ليکڪ 11 آڪٽوبر 2007ع تي انڊور مڌيه پرديش انڊيا ۾ لاڏاڻو ڪيو.
1927.11.07 عيسوي
ڪرشن کٽواڻيءَ 7 نومبر 1927ع تي ٺاروشاهه، ضلعي نوشھري فيروز سنڌ ۾ جنم ورتو.
2007.10.11 عيسوي
ڪرشن کٽواڻيءَ 11 آڪٽوبر 2007ع تي انڊور مڌيه پرديش انڊيا ۾ لاڏاڻو ڪيو.