
ڪرونا / ڪورونا وائرس
ڪرونا / ڪورونا وائرس: هيءُ خوردبين سان نظر ايندڙ جيوڙي/وائرس جو هڪ گروھہ آهي، جنھن جي جينوم جو مقدار 26 کان 32 آهي. هن وائرس جو تعلق Coronaviridae خاندان سان ۽ سائنسي نالو Orthocoronavirinae آهي. ڪورونا Corona اصل ۾ لاطيني زبان جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ ’تاج‘ يا سج جي چوڌاري روشن پڙي/هالي، جي آهي. ڇاڪاڻ جو ان وائرس جي ظاهري شڪل تاج ۽ هالي(گول دائري) جهڙي ٿئي ٿي، جنھن ڪري ان وائرس کي ’ڪورونا وائرس‘ جو نالو ڏنو ويو آهي. هي وائرس جانورن يا پکين ۾ مختلف معمولي ۽ غير معمولي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. اهڙي ريت انسانن ۾ هن وائرس جي موجودگي سان ساھہ جي پيچيدہ بيماري ٿئي ٿي. عام طور هن وائرس جو اثر معمولي ۽ لِڪل هجي ٿو، پر اڪثر ڪنھن غير معمولي صورتحال ۾ موتمار بہ ٿئي ٿو. 2019ع ۾ ڪورونا وائرس کي ڪووڊ-19 (Covid-19) جو نالو ڏنو ويو. جيڪو دراصل 2019ع کان ڪورونا وائرس جي انفيڪشن سبب سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وبائي مرض طور پکڙيو. هي تمام پراڻو وائرس آهي، جيڪو پھريون ڀيرو 1930ع ڌاري ڪڪڙين ۾ ۽ پوءِ 1940ع ڌاري ڪوئن ۾ مليو. انسانن ۾ ڪورونا وائرس 1960ع جي ڏهاڪي ۾ دريافت ٿيو . تنھن وقت هن وائرس کي هيومن (انساني) ڪورونا وائرس E229۽ OC43 جو نالو ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ هن وائرس جا ٻيا بہ ڪيترا قسم هيٺينءَ ريت دريافت ٿيا: 2003ع ۾ ڪورونا وائرس SARS-COV دريافت ٿيو. 2004ع ۾HCOV-NL63 ڪورونا وائرس نمودار ٿيو. 2005ع ۾ ڪورونا وائرس HKU1 دريافت ٿيو. 2012ع ۾ ڪورونا وائرس MERS-COV منظر عام تي آيو. مٿيان سڀ وائرس محدود سطح تي ڦھلجڻ کان پوءِ ضابطي ۾ اچي ويا. جڏهن تہ ڪورونا وائرس ncov-2019 کي صحت جي عالمي اداري (WHO) عالمي وبا قرار ڏنو، جيڪا ڊسمبر 2019ع کان چين جي صوبي ’ووهان‘ کان اُڀري. نتيجي ۾ 25 جنوري 2020ع تي چين جي 13 شھرن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي. ان کان پوءِ هي وائرس يورپ سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڦھليو. هي وائرس ان ڪري بہ وڌيڪ خطرناڪ ٿئي ٿو جو هي انسانن جي وچ ۾ آسانيءَ سان ڦھلجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وائرس جي عام علامتن ۾: کنگهہ، زڪام، ساھہ کڻڻ ۾ تڪليف، بدن ۾ سور، ٿڪاوٽ/ٿڪ، اُلٽي، دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿيڻ شامل آهن. هفتي/ ڏهن ڏينھن ۾ ساھہ جي تڪليف ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو، ايتريقدر جو ساھہ نہ کڻي سگهڻ جي صورت ۾ موت واقع ٿي سگهي ٿو. هن وائرس جي علاج يا بچاءُ لاءِ صحت جي عالمي ادارن طرفان ڪجهہ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. جھڙوڪ: جسم توڙي آسپاس جي صفائي جو خيال رکڻ، هٿن کي بار بار ڌوئڻ، زڪام يا کنگهہ وقت ٽشو يا رومال جو استعمال ڪرڻ، ماڻهن جي ميڙ/ هجوم کان پاسيرو رهڻ يا وڌ کان وڌ ڇھه فوٽ جو مفاصلو رکڻ، سٺي غذا واپرائڻ ۽ ماسڪ جي استعمال کي يقيني بنائڻ سان هن وائرس کان گهڻي حد تائين بچي سگهجي ٿو. هن بيماري کان بچاءَ لاءِ سال 2020ع جي آخر ۾ چين طرفان ڪيتريون ئي وئڪسينون تيار ڪيون ويون، جن مان صرف ٽن: سائنو فارم (Sinopharm)، ڪينسينو (Cansino) ۽ سائنوويڪ (Sinovac) کي صحت جي عالمي اداري (WHO) طرفان منظوري ملي. آڪسفرڊ يونيورسٽيءَ جي تيار ڪيل وئڪسين آسٽرازينيڪا (AstraZeneca)، سٺ سال يا ان کان وڌيڪ عمر رکندڙ پوڙهن ماڻهن لاءِ تجويز ڪئي وئي. جڏهن تہ چين جي ڪينسينو وئڪسين ۽ روس جي تيار ڪيل اسپٽنڪ (Sputnik) وئڪسين جي فراهميءَ لاءِ معاهدو ٿيو ۽ اهي پڻ دنيا جي مڙني ملڪن ۾ فراهم ڪيون ويون. انهن وئڪسينز جي مقدار (Doses) جو تعداد بہ مختلف رکيو ويو. جيئن سائنو فارم ۽ آسٽرازينيڪا وئڪسين جا ٻہ ٻہ ڊوز مقرر ڪيا ويا. پھرئين ڊوز جي ٽن چئن هفتن کان پوءِ ٻيو ڊوز لڳايو ويندو هو. جڏهن تہ ڪينسينو وئڪسين جو صرف هڪ ڊوز ئي ڪافي سمجهيو ويو. هيءَ وئڪسين انجيڪشن ذريعي لڳائجي ٿي. صحت جي عالمي اداري (WHO) پاران ڪووئڪس رٿا (Covax Scheme) تحت ڪيترن ئي ملڪن جي مدد ڪئي وئي. هن اسڪيم تحت دنيا جي 190 ملڪن ۾ وئڪسين جا لڳ ڀڳ 2 بلين ڊوز فراهم ڪيا ويا. اهڙيءَ ريت هن وچڙندڙ وائرس/بيماريءَ تي ڪجهہ قدر ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي. 2021ع تائين سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جا 11 ڪروڙ 57 لک 79 هزار 7 سؤ 77 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 25 لک 72 هزار مريض فوت ۽ 9 ڪروڙ 14 لک 83 هزار 4 سؤ 68 ماڻهو صحتياب ٿيا. ڪورونا وائرس سبب وڌ کان وڌ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ (انساني جانين جي نقصان سان) آمريڪا ۾485،154 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. ساڳي ريت برازيل ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 239294، برطانيا ۾ 17396، اٽليءَ ۾ 93577، فرانس ۾ 81814، ايران ۾ 58945، جرمني ۾ 65566، پاڪستان 12333 (سنڌ صوبي ۾ 4219)، چين 4636، سعودي عرب 6433، جاپان 6912، سوئٽزرلينڊ ۾ 9765، آسٽريليا 909 ۽ انڊيا ۾ 155764 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون.