
ڪروڙ پتي
ڪروڙ پتي: محمد حسين ولد غلام حسين اعواڻ، سنڌي ادب ۾ ’ڪروڙ پتي‘ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو 24 ڊسمبر 1923ع تي ٽنڊي آدم، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) نوابشاھہ جي آفيس ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو، جتان ترقي ڪندو، کاڌ خوراڪ واري کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. ڪروڙ پتي، جڏهن ڪوٽڙي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ انگريزي چوٿون درجو پڙهندو هو، تڏهن کان ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيائين. هن پنھنجي اُستاد نور محمد کان متاثر ٿي ادب جي ميدان ۾ پير پاتو ۽ مزاحيہ ادب لکڻ لڳو. 1947ع کان اڳ ۽ پوءِ واري دور ۾ ’ڪروڙ پتي‘ هڪ مزاح نگار جي حيثيت ۾ اڀريو. سندس مزاحيہ تحريرون، اصلاحي ۽ خالص مزاح سان ڀريل آهن. ڪروڙ پتيءَ جي افسانن جا ٻہ مجموعا: ’ماسي ۽ مجيد‘ ۽ ’نبض شناس‘ (1987ع) ۾ شايع ٿيا. هن 1994ع ۾ وفات ڪئي
1923.12.24 عيسوي
محمد حسين ولد غلام حسين اعواڻ، سنڌي ادب ۾ ’ڪروڙ پتي‘ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هو 24 ڊسمبر 1923ع تي ٽنڊي آدم، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو.