ڪريم بخش خالد

ڪريم بخش خالد

ڪريم بخش خالد

ڪريم بخش خالد (صحافي ۽ اديب): ڪريم بخش خالد، 15 ڊسمبر 1926ع تي ضلعي شڪارپور جي شھر ڳڙھي ياسين ۾ حاجي محمد عثمان ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو. سندس والد چڱو سگهڙ ھو. هن ابتدائي تعليم کان پوءِ، 1925ع ۾ بمبئي مان انٽرميڊيٽ ڊرائينگ، 1956ع ۾ ڪراچيءَ مان بي اي ۽ 1957ع ۾ پنجاب مان صحافت ۾ ڊپلوما جون ڊگريون حاصل ڪيون. ساڳيءَ طرح ’سرڪاري ڪمن جي تشھير‘ ۾ ڊپلومه (لنڊن 1969ع) جي سند پڻ حاصل ڪيائين. ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات حڪومت سنڌ، ڪراچيءَ جي عھدي تان رٽائر ڪرڻ کان پوءِ، ھو پوريءَ طرح علم و ادب جي خدمت ۾ مصروف رھيو. ڪريم بخش خالد سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر، سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري، پي اي اين (P.E.N) ڪراچي ۽ پاڪستان رائٽرس گلڊ جو ميمبر رھيو. سندس تصنيف ڪيل ڪتابن جو وچور ھن طرح آهي:
(1) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (لطيفيات 1954ع)، (2) سنڌ ۾ تعليم ۽ امداد باھمي (سماجيات 1953ع)، (3) سنڌي صحافت (1955ع)، (4) خوشحاليءَ جو دور (عمرانيات 1955ع)، (5) خيرپور جو نئون دور (عمرانيات 1959ع)، (6) بنيادي جمھوريتون-حيدرآباد ڊويزن ۾ (انگريزي عمرانيات 1961ع)، (7) آثار لطيف (انگريزي- 1967ع)، (8) سچل سر مست (انگريزي) (شخصيات 1971ع)، (9) قلندر شھباز (انگريزي- 1971ع)، (10) سنڌ جو سالنامو (انگريزي) (عمرانيات 1971ع)، (11) عوامي دور (يارھن ڪتاب سنڌي ۾) (سماجيات- 1972ع)، (12) ڳوٺاڻي ترقي (پنج ڪتاب- سنڌي) (سماجيات 73-1972ع)، (13) نظارو نينھن جو (سنڌي) (سيرت حسين 1982ع)، (14) سچل سائين (شخصيات 1983ع)، (15) سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس (اردو 1983ع). جڏهن تہ ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ (1) ون يونٽ خلاف جدوجھد (انگريزي 1954ع)، (2) ماھنامو وادي مھراڻ، (سنڌي 1956ع)، (3) اولھه پاڪستان جو سالنامو (انگريزي - تحقيق/ تنقيد 1956ع)، (4) اولھه پاڪستان جو سالنامو (انگريزي - تحقيق/ تنقيد 1960ع)، (5) اولھه پاڪستان جو سالنامو (انگريزي - تحقيق/ تنقيد 1961ع)، (6) ھاڪي سووينيئر (انگريزي-رانديون رونديون 1961ع)، (7) پوئٽ لاريٽ آف سنڌي (انگريزي-لطيفيات 1961ع)، (8) گلستان لطيف (سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ ٽي جدا ڪتاب 1962ع)، (9) معرڪہ سيپٽمبر (سنڌي رزميه شاعري 1965ع)، (10) آزاديءَ لاءِ جدوجھد جو تصويري آلبم (انگريزي-1970ع)، (11) سچل سر مست (سنڌي ۽ اردو ۾ 1970ع)، (12) پيام لطيف (سنڌي، اردو ۽ انگريزي-الڳ الڳ 1971ع)، (13) دي پوئيٽ آف پيپل- انگريزي (لطيفيات 1972ع)، (14) نئون پاڪستان (سنڌي ۾ پنج-ڪتاب 1972ع)، (15) لطيفي تحريڪ (سنڌي-1977ع)، (16) شاھہ جو رسالو: سنڌ جي تاريخ جو ماخذ (سنڌي، اردو-الڳ الڳ-لطيفيات-1980ع)، (17) لطيف نامو (سنڌي، اردو - الڳ الڳ-لطيفيات 1980ع)، (18) شاھہ عبداللطيف ڀٽائي: احوال ۽ افڪار (سنڌي ۽ اردو -الڳ الڳ -1981ع)، (19) سچل سرمست (سنڌي، اردو -شخصيات 1986ع)، (20) نذر لطيف (سنڌي ۽ اردو 1986ع.) ان کانسواءِ اردو ٻوليءَ جي ليکڪا ثاقبه رحيم الدين جي ٻاراڻين ڪھاڻين جو ڳٽڪو ’جاڳو جاڳو‘ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين.
ڪريم بخش خالد ڪيترن ئي رسالن سان لاڳاپيل رھيو، جھڙوڪ: ماھوار ’پيغام‘ سنڌي، ماھنامه ’پيغام‘ اردو، ماھنامه ’اظھار‘ اردو، ٽماھي ’خبرنامه زڪوٰة‘ (اردو- سنڌي) ۾ ايڊيٽر، نگران يا سرپرست طور ڪم ڪيائين. کيس علمي ادبي خدمتن جي اعتراف طور صدارتي ايوارڊ پڻ مليو. سنڌ جي هن برک صحافي ۽ اديب 17 مارچ 2003ع تي 74 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ ڪريم بخش خالدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.12.15  عيسوي

ڪريم بخش خالد، 15 ڊسمبر 1926ع تي ضلعي شڪارپور جي شھر ڳڙھي ياسين ۾ حاجي محمد عثمان ميمڻ جي گهر ۾ ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الياس شاڪر
علي نواز وفائي
ظھير احمد
جاويد ڀٽي
تيرٿ گوبندرام سڀاڻي
الھہ بچايو جمالي
حاجي محمود هالائي
امان ﷲ چانڊيو سنڌي
حيات بلوچ
الطاف حسين قريشي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون