ڪنڌڪوٽ (شھر): هن شھر جو وجود ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ سنڌوءَ جي ڪناري تي پيو. ميرن جي دؤر ۾ سب ڊويزن بڻايو ويو. چيو وڃي ٿو تہ هتي مير نصير خان (اول) سنڌوءَ ڪناري/ ڪنڌيءَ تي هڪ ڪوٽ جوڙايو، تنھن ڪري هن شھر تي نالو ئي ڪنڌيءَ وارو ڪوٽ ۽ اڳتي هلي ڪنڌڪوٽ پئجي ويو. هتي 1902ع ۾ مختيارڪار آفيس، 1919ع ۾ پرائمري اسڪول ٺھيو. 1945ع ۾ ويم گهر ۽ خيراتي اسپتال قائم ٿي. ڊسمبر 2004ع ۾ ڪنڌڪوٽ، ڪشمور ۽ تنگواڻي تعلقن کي ملائي، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعو ٺاهيو ويو. جنھن جو هيڊ ڪوارٽر پڻ ڪنڌڪوٽ ۾ آهي. 2017ع جي آدمشماري موجب هتان جي آبادي هڪ لک آهي