ڪن ڦل (ڳھه): هي ڪنن جي پاپڙين ۾ پائڻ جا ڳھه آهن. هي ڳھه اڪثر سون مان گهڙيا ويندا آهن، البت ڪن قبيلن ۾ چانديءَ جا ڪن ڦل پڻ مروج آهن. ڪن ڦل جا ڪيترائي نمونا ٿين. جھڙوڪ: لسا ڪن ڦل، وانڪا ڪن ڦل، ڄاري وارا ۽ ڍاٽي ڪن ڦل. ٺپي وارا ۽ ميناڪاري ڪن ڦل گهاڙيٽي جي لحاظ کان گهڻا مشھور آهن. وچولي ۾ هنن کي ’ٽافس‘ پڻ چئبو آهي. واڻين ۾ ڪن ڦل جو گهڻو رواج آهي. جن کي گهاڙيٽي جي لحاظ کان واڻڪا ڪن ڦل چيو ويندو آهي. گول ڪن ڦل ۽ سڌا ڪن ڦل وري واڻڪي ڪن ڦل جا قسم آهن.