ڪوي

ڪوي

ڪوي

ڪوي: سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر ڪويءَ جو اصل نالو خير محمد ولد محمد دائود ميربحر آھي. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’ڪوي‘ آھي. هن 20 ڊسمبر 1965ع تي ڳوٺ گِهنڊڙي، جهمپير، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم گهنڊڙي، جهمپير ۽ لطيف آباد، حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ايم. اي (سنڌي) 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪئي. 1986ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جنھن ۾: غزل، گيت، وائي، نظم ۽ چوسٽا وغيره شامل آهن. خيال جي اڏام ۽ ادائگيءَ جي انفراديت ڪري، ھن جي، پنھنجي ٽھيءَ ۾ ھڪ جدا حيثيت آھي. مظفر چانڊيي پاران نوجوان شاعرن جي شاعريءَ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ جي مھاڳ ۾شيخ اياز، ڪوي جي شاعري ۾ گيت، خاص ڪري بادليئي جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. هن جي شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي.


لفظ ڪويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.12.12  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر ڪويءَ جو اصل نالو خير محمد ولد محمد دائود ميربحر آھي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جواد جعفري
صاحب ڏنو فاروقي
مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگي
بشير بيوس اوٺو
خٽڪ اجمل
شاهه عبداللطيف ڀٽائي
تنها اصغر
بشير سيتائي
راشدي زمان شاهه
اسير امتياز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون