ڪوٽلو

ڪوٽلو: مير سھراب خان، ڪوٽ ڏيجي تعلقي ۾، مخدوم سلام الله جي جانشين پير محمد شاڪر شاهه کي، نئين درگاهه لاءِ هڪ وڏو ڪوٽ ۽ پوءِ ڪجهه تجرون پڻ ٺھرائي ڏنيون. جتي مريد، خادم ۽ ٻيا ڪافي انداز ۾ اچي رهيا ۽ آهستي آهستي هڪ چڱو ڳوٺ بڻجي ويو، جنھن کي ڪوٽلو سڏيندا آهن. اڄ به اتي ڪانڌڙا ذات جا ماڻهو رهن ٿا. سنڌ جي مشھور شاعر مراد فقير زنگيجي جو مقبرو به ڪوٽلي جي ڳوٺ ۾ آهي.


لفظ ڪوٽلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو