
ڪوڏومل ’جانب‘ واڌواڻي
ڪوڏومل ’جانب‘ واڌواڻي: ڪوڏومل مولچند واڌواڻيءَ جو جنم 04 نومبر 1947ع تي درازا شھر (خيرپور ميرس) ۾ ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي احمد آباد (هندستان) ۾ رهيو. سندس تعليم ست درجا هئي ۽ پيشي جي لحاظ کان هيءَ هڪ درزي هو. ننڍي ڄمار کان ئي شاعري ڪندو ۽ لکندو رهيو. سندس شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾: ’ڇو دل ٿي دل کان ڌار پرين‘، ’رُڪجي ويندي رات‘، ’روشني‘ ۽ ’سُرمائي شام‘ ڇپيل آهن. 23 سيپٽمبر 2023ع تي احمدآباد ۾ وفات ڪئي.