ڪياماڙي

ڪياماڙي (بندر): ڪياماڙي ڪراچي شھر جو قديم سامونڊي بندر آهي، نئين نظام هيٺ ڪراچيءَ جي ڊويزن واري حيثيت ختم ڪري، پنجن ضلعن کي ملائي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ٺاهي وئي آهي، جنھن ٽائون ۾ ڪياماڙيءَ سميت 18 ٽائون ڪائونسلون شامل ڪيون ويون آهن. جن ۾ ڪياماڙيءَ کي به ٽائون جو درجو ڏنو ويو. جنھن ۾ ڪراچي جا الھندي وارا حصا جھڙوڪ ڪراچي بندرگاهه، وسيع سامونڊي، وارياسي پٽي، ننڍڙا ٻيٽ ۽ تمر جا ٻيلا اچي وڃن ٿا. هاڻوڪو ڪياماڙي، ڪراچي (سنڌ) جو لڳ ڀڳ 300 سال پراڻو بندر آهي، جنھن جي اتر- اڀرندي حد ۾ نيشنل هاءِ وي ۽ لياري ندي، اتر- اولھه ۾ حب ندي ۽ ڏاکڻين حد ۾ عربي سمنڊ آهي. هتي جي آبادي ۾ سنڌي ڪڇي، بلوچ، سرائيڪي، بروهي، بوهري کان سواءِ هتي اسماعيلي، هندو ۽ عيسائي آهن. هن علائقي ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ (اين اي- 239) ۽ صوبائي (سنڌ) اسيمبلي جون ٻه (پي ايس- 89) ۽ (پي ايس- 90) سيٽون آهن. ڪياماڙي ۾ ڪُل يارنھن يونين ڪائونسلون بابا ڀٽ، ڀُٽا ڳوٺ، گابو پٽ، ڪاڪاپير، ڪياماڙي، مڇر ڪالوني، ماڙيپور، صالح آباد، شمس پير، شير شاهه ۽ سلطان آباد آهن.
ڪياماڙيءَ جي ڀرپاسي ۾ بابا ڀٽ ۽ گابو پٽ کي ڇڏي، باقي علائقن ۾ جهجهي تعداد ۾ رهائشي آباد آهي. بابا ڀٽ ۽ گابو پٽ ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان آبادي گهٽ آهي. بابا ڀٽ، ٽن ننڍن ٻيٽن تي مشتمل هڪ ڳوٺ آهي، جنھن ۾ ڪياماڙي ٽاؤن جي آباديءَ جو 5 سيڪڙو ۽ گابو پٽ ۾ ٽائونن جي شھري آباديءَ جو 10 سيڪڙو آباد آهي.


لفظ ڪياماڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو