ڪيرت مھرچنداڻي: ڪيرت مھر چنداڻي 22 جون 1933ع تي، شھر دريا خان مري (ضلعو نوشھروفيروز) ۾ ڪيولرام مھرچنداڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ورهاڱي کان پوءِ لڏي وڃي احمد آباد (هندستان) ۾ رهيو. ايم. اي ۽ بي. ايڊ ڪرڻ کان پوءِ، ڪبير نگر (احمد آباد) جي آدرش هاير سيڪنڊري اسڪول ۾، استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪيائين. ادبي ذوق سبب نوڪري دؤران هن ڪھاڻيون ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. پشپانجلي، وديارٿي، انجلي، جهرمر (ٻارن جو رسالو) جهلڪ، پدمڻي، بووڪ،چانڊوڪي ۽ سنڌيت جھڙن اهم رسالن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’چونڊ سنڌي چوڻيون‘ (لوڪ ادب-1971ع)، ’گناهه جي رات‘ (ناول)، ’جواني ديواني‘ (ناول)، ’رات ڏينھن‘ (ناول)، ’سپنو ۽ حقيقت‘ (ناول)، ’نئون صبح، نئون گيت‘، ’سپنو هي سنسار‘ (ناول، 1972ع)، ’الزام‘ (ناول)، ’انتظار‘ (ناول)، ’جيون ڌارا‘ (ڪھاڻيون)، ’مني ڪلاڪ جي ملاقات‘ (ڪھاڻيون)، ’هڪڙو هو سنڌي واپاري‘ (ڪھاڻيون)، ’سوجهرو‘ (سؤراشٽر يونيورسٽيءَ جو درسي ڪتاب)، ’سمترا‘ (ڪھاڻيون 1980ع)، ’سنگتراش‘ (ڪھاڻيون 1980ع)، ’زندگي تو بنا اُداس آ (ڪھاڻيون 1971ع)، ’ڪچي ڀِت‘ (چونڊ آکاڻيون، 1987ع)، ’دونھين جون لڪيرون‘ (ڪھاڻيون 1981ع)، ’ٽينڊر بحال نه ٿيو‘ (ڪھاڻيون 1984ع)، ’روشنيءَ جا تِرورا‘ (ڪھاڻيون 1984ع)، ’گلن جهڙا ٻارڙا‘ (ٻاراڻو ادب)، ’سدا مھڪن گلڙا‘ (ٻاراڻو ادب)، ’گرونانڪ‘ (سوانح ۽ فڪر 1979ع)، ’ساڌو ٽي ايل واسواڻي‘ (سوانح 1975ع)، ’سوامي وويڪ آنند‘ (سوانح)، ’شناخت، خط ۽ درخواستون‘ (مضمون)، ’مضمون مالها‘ (مضمون 1972ع)، ’سنڌي مضمون‘ (مضمون)، ’اُپٽارون‘ (چوڻيون)، ’ادبي گل‘ (مضمون)، ’پکڙيل گُل‘ (مضمون 1982ع)، ’سليس سنڌي ويا ڪرڻ‘ (1971ع)، ’تيسرو‘ (1985ع)، ’گل ڦل‘ (1983ع)، ’هڪ ٻيو دروناچاريه‘ (ڊرامو 1984ع)، ’اوطاق‘ (ڊرامو 1985ع)، ’گل ۽ آنسو‘ (شاعري)، ’اڌورا گيت‘ (شاعري)، ’اوائلي سنڌي نثر جو جائزو‘ (مرليڌر جيٽلي سان گڏ 1984ع)، ’جيون ڌارا‘ (ڪھاڻيون)، ’سُڌا‘ (ڪھاڻيون)، ’مونجهه‘ (ڪھاڻيون 1987ع) ۽ ’اتھاس جو اڻ ٽٽندڙ سلسلو‘ (آتم ڪٿا، 1988ع) شامل آهن. هن 1989ع ڌاري احمد آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو.