
ڪيلو
ڪيلو (ميوو): هيءُ نرم، مٺو، وڻندڙ ۽ غذائيت سان ڀرپور ميوو آهي. هن ۾ پٽاٽي کان وڌيڪ معدني ۽ غذائي جزا جھڙوڪ: فاسفورس، ڪئلشيم، مئگنيشم، پوٽاشئيم ۽ ڪلورين جي تمام گهڻي مقدار کانسواءِ وٽامن اي (E) ۽ وٽامن بي (B) موجود آهن. هن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو مٺاڻ به موجود آهي. 1958ع ۾ميرپورخاص ۾ باغباني جي تحقيقاتي اداري پاران ’بصرائي‘ نالي هڪ جنس متعارف ڪرائي وئي، جيڪا هن وقت مشھور آهي ۽ تجارتي مقصدن لاءِ سموري سنڌ ۾ پوکي وڃي ٿي. ڪيلي جي ڪاٺي نه هوندي آهي. هي ميوو ميرپورخاص، حيدرآباد، ٺٽي، سانگهڙ، بدين، خيرپور، نوشھري فيروز ۽ نوابشاهه ۾ تمام گهڻي ايراضي تي پوکيو وڃي ٿو. ڪيلي جي ٻوٽي کي زمين ۾ پوکڻ کان ڦر ڏيڻ تائين 15 کان 18 مھينن جوعرصو لڳي ٿو. ڪيلي جو باغ عام طور فيبروري کان مارچ ۽ ٻيو سانوڻ جولاءِ کان آگسٽ ۾ لڳايو وڃي ٿو. پر وڌيڪ پيداوار بھار واري مند ۽ نومبر کان ڊسمبر ۾ لڳايل ٻوٽن مان ٿئي ٿي.
نئينلڳايل باغ جي پھرين سال پيداوار گهٽ، ٻئي سال ٽيڻ ۽ ان کان پوءِ ڪيلي جي پيداوار ساريڪي ٿيو وڃي. ڪيلي جو هڪ ٻوٽو سراسري پيداوار 18 کان 25 ڪلو گرام ڏئي ٿو. اهڙي نموني هڪ ايڪڙ مان 600 کان 800 مڻ پيداوار حاصل ڪئي وڃي ٿي. ڪيلي جا ڇڳا ان وقت پٽيا وڃن ٿا، جڏهن ڦريون پنھنجي جنس موجب ٿولھه ڪن ٿيون ۽ انھن جو رنگ تيز سائي مان ڦري هلڪو سائو ٿئي ٿو ۽ ڦريون گول ٿي وڃن ٿيون. ڇڳا پٽڻ کان پوءِ انھن کي ڪيلي جي پنن سان ڍڪي ڇانوَ ۾ رکيو وڃي ٿو ته جيئن اهي ٿڌا رهن ۽ انهن ۾ موجود گِهم اڏامي نه وڃي. ڪيلي جا پن تمام ڊگها ۽ ويڪرا ٿين ٿا ۽ ان جي سطح کان پاڻي بخار جي صورت نڪرندو رهي ٿو. ان ڪري ڪيلي جي فصل کي پاڻيءَ جي ڪافي ضرورت پوي ٿي. گرميءَ جي مند ۾ هر هفتي پر سياري ۾ ڏهن کان ٻارهن ڏينھن جي وقفي يا گهرج موجب پاڻي ڏنو وڃي ٿو. ڪيلي جو فصل گرم ميداني علائقن ۾ ڪاميابيءَ سان پوکيو وڃي ٿو، جتي ڍنڍون، واهه ۽ درياهه ويجها هجن ۽ ساليانو مينھن اٽڪل 35 کان 40 انچ پوندو هجي. اونھاري جي مند ۾ گرمي پد 21.11C کان 23.88C سينٽي گريڊ ۽ سياري ۾ 15.55C کان 18.33Cسينٽي گريڊ هجي. ڪيلي جي ڪامياب پوک لاءِ ڪافي مقدار ۾ نباتاتي مادو ۽ ڀاڻ به گهربل هوندو آهي. ڀاڻ ڏيڻ جو عمل مارچ کان شروع ڪيو ويندو آهي، جيڪو آڪٽوبر تائين رهي ٿو. ان مقصد لاءِ اٺ ٻوريون يوريا، چار ٻوريون سنگل سپر فاسفيٽ، اٺ ٻوريون سلفيٽ آف پوٽاش 2:1:2 جي نسبت سان ڪيميائي ڀاڻ ۽ ان جي وزن کان ٻيڻ جيترو وٿاڻ جو سڙيل ڳريل ڀاڻ، اهي سمورا ڀاڻ پاڻ ۾ ملائي فصل ۾ وڌا وڃن ٿا ۽ ان کان پوءِ هلڪو پاڻي ڏنو وڃي ٿو.هلڪي وارياسي زمين کان چيڪي لٽياسي زمين ڪيلي جي پوک لاءِ موزون آهي. ڪيلو هڪ وڏي مدي وارو فصل آهي. ان جي پوک کان اڳ مٽيءَ ۽ پاڻيءَ کي ليبارٽريءَ مان چڪاس ڪرائڻ سان زمين کي گهربل ڀاڻ جي ضرورت جو صحيح اندازوٿيندو. ڪيلي جون ڪيتريون ئي جنسون ٻاهران به گهرائي سنڌ ۾ پوکيون ويون آهن، پر انهن سڀني جنس مان بصرائي ڪامياب وئي آهي. هن جو ٻوٽو قد ۾ ننڍو ٿئي ٿو. جڏهن ته ڦريون ٿلهيون، ڇُڳا وڏا ۽ وزندار ٿين ٿا. ان کانسواءِ ڪيلي جو ٻيو قسم وليم هائبرڊ بصرائي جي ڀيٽ ۾ ڏهه کان پندرهن سيڪڙو وڌيڪ پيداوار ڏي ٿو. ڪيلي جي ٻوٽي جي ٿڙ جي پاڙ وارو حصو رهائيزوم(Rahizome) آهي، جنھن مان ڪيترائي ٻچا نڪرندا آهن. ڪيلي جي پوک انهن ٻچن ذريعي ڪئي وڃي ٿي.