ڪُڙهي

ڪُڙهي (مڇي جهلڻ جو هڪ اوزار): ڪُڙهيءَ سان ميربحر مڇيءَ جو شڪار ڪندا آهن. ڪُڙهيءَ جو هيٺيون پاسو گول ويڪرو ۽ مٿيون ڀاڱو ننڍو ٿيندو آهي. هيٺئين پاسي ۾ ڄاري ۽ ڄاريءَ کي مٿان گول ننڍو سوراخ هوندو آهي، هن سان مڇيءَ جو شڪار هيئن ڪندا آهن، جو ڪُڙهي مٿي کڻي پاڻيءَ ۾ هڻندا ويندا، پوءِ جتي بہ ڪُڙهيءَ کي لوڏو آيو تہ اندر هٿ هڻي مڇي هئڻ جي پڪ ڪندا، جي مڇي آئي هوندي تہ اُن کي هٿ سان جهلي ٻاهر ڪڍندا.


لفظ ڪُڙهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو