ڪڪري گرائونڊ لياري: هيءُ گرائونڊ ڪراچيءَ جي وسندي لياريءَ ۾، مٺي در جي اتر اولھه پاسي واقعي آهي. هيءُ ميدان ڪنھن دور ۾ لياري نديءَ جو حصو هو ۽ نديءَ جو رُخ جڏهن ڦيرايو ويو تہ مقامي ماڻهن هن ميدان کي راند لاءِ ٺاهيو. هتي ننڍيون ننڍيون ڪنڪريون جام هونديون هيون، جنھن ڪري ڪنڪرين وارو ميدان سڏجڻ لڳو. بعد ۾ بگڙي ’ڪڪري ميدان‘ ٿي ويو. هن جو سرڪاري نالو ’محمد علي جوهر ميدان‘ آهي. پاڪستان جي پھرين عورت وزيراعظم شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي شادي 18 ڊسمبر 1987ع تي هن ئي گرائونڊ ۾ ٿي هئي. ڪڪري گرائونڊ ۽ دادا مينشن جي سامھون هڪ وڏو قديمي ’ڀاڳناڙي مندر‘ بہ هو، جيڪو هاڻي ختم ٿي ويو آهي.