
ڪڻڪ
ڪڻڪ: هن کي انگريزيءَ ۾ Wheat يا Ereat grain چئجي ٿو، جڏهن تہ تباتاتي نالو Triticum آهي. هي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اناج وارن فصلن ۾ اهم خوراڪ وارو فصل آهي، جيڪو ساليانو ربيع يا چيٽ ۾ پوکيو ويندو آهي. هن فصل جي پيداوار جو دارومدار پوکيءَ کان لاباري تائين بھتر سار سنڀال تي آهي. ڪڻڪ جو فصل سرد آبھوا سان موافقت رکي ٿو. جڏهن تہ گرم علائقن ۾ بہ پوکي سگهجي ٿو پر اتي پيداوار گهٽ ملي ٿي. هن فصل کي ٿڌي گهميل موسم گهرجي، داڻي ٺھڻ ۽ پچڻ لاءِ گرم ۽ خشڪ موسم موزون سمجهي وڃي ٿي. هن فصل لاءِ زرخيز، سٺي نيڪال واري لٽاسي، وارياسي لٽاسي ۽ چيڪي لٽاسي زمين بھتر رهندي آهي. اهڙي قسم جي زمين ۾ پوکي جي تڪڙي واڌ ٿئي ٿي. ڪڻڪ جو فصل ڪنھن حد تائين ڪلر کي بہ برداشت ڪري ٿو. ڪلراٺي زمين ۾ ڪڻڪ جي پوکي بيٺل پاڻي ۾ ڇٽ ذريعي ڪئي ويندي آهي، جنھن کي ’ڪُر‘ يا ’گهڙٻي‘ چئبو آهي. ڪڻڪ جي سٺي پيداوار لاءِ زمين کي چڱي طرح کيڙي، سنوت ۾ آڻي، گندگاھہ ختم ڪري تيار ڪيو ويندو آهي، جيئن زمين ۾ پاڻي جذب ڪرڻ جي صلاحيت ۾ واڌ ٿئي. ڪڻڪ جي ناڙي تي بہ پوک ڪئي ويندي تہ ڇٽ بہ ٿئي. ناڙي پوک لاءِ اڳي ڍڳن تي هر مٿان نڙ ٻڌي ان ذريعي پوکي ڪئي ويندي هئي پر هاڻي ٽريڪٽر جي هر تي ناڙي ڪئي وڃي ٿي. ڇٽ پاڻي ۾ ڪئي ويندي آهي. ڇٽ جي ڀيٽ ۾ ناڙي تي پوکيل فصل وڌيڪ اپت ڏئي ٿو. ناڙي تي مقرر وڇوٽي ۽ ٻہ انچ اونھائي تي ٻج پوکيو ويندو آهي. ٻج 3 کان 6 ڪلاڪ پسائي پوءِ ناڙي ڪرڻ سان ڦوٽھڙو وڌيڪ ڪري ٿو. ڪڻڪ کي ڀاڻ زمين جي خاصيت جي بنياد تي ڏنو ويندو آهي، عام طور فاسفورس جو سمورو وزن پوکيءَ وقت ۽ نائٽروجن ٻن ورڇيل وقتن تي ڏنو ويندو آهي. هن فصل کي 5 کان 6 دفعا پاڻي ڏنو ويندو آهي. پھريون پاڻي پوکيءَ جي 20 کان 25 ڏينھن تي ڏبو آهي. پوکيءَ جي 4 مھينن بعد فصل پچي راس ٿيڻ تي لابارو وڌو ويندو آهي. ڪڻڪ جي فصل مان في ايڪڙ 40 کان 60 مڻ تائين پيداوار ملي ٿي، ايتري ئي بوھہ ٿيندي آهي جيڪا مال جي چاري، گهرن جي گِـچ گاري ۽ سرن جي بٺن تي کُوريءَ جي ٻارڻ لاءِ وڪرو ٿيندي آهي.