گلڪاري

گلڪاري (رسالو): ٻارن جو سنڌيءَ ۾ هي ماهوار رسالو، اجمير (انڊيا) مان 1952ع ڌاري جاري ٿيو. رسالي ۾ ٻارن جي ڏانوَ جون ڪھاڻيون، گيت، پروليون ۽ ٻيون تخليقون ڏنيون وينديون هيون. ٻارن ۾ اخلاق ۽ سيرت وارين خوبيون پيدا ڪرڻ سان گڏ کين وطن دوست بنائڻ لاءِ رسالي ۾ تاريخي ۽ بھادري وارين ڪھاڻين کي شايع ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو. رسالي پاران ”قومي ٻاري“ به هلائي وئي، جنھن جو بانيڪار ايسر سنگهه بيدي هو. ڪرائون سائيز ۾ تصويرن سان نڪرندڙ هن رسالي جي ايڊيٽر پشپا راڻي بيدي هئي. اٽڪل 2 سالن کان پوءِ هي رسالو بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو