گمبٽ (شھر): خيرپور ضلعي جو هڪ شھر، جنھن کي تعلقي هيڊ ڪوارٽر ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ جو درجو مليل آهي. هي شھر خيرپور ميرس کان 18 ميل پري محراب پور جنڪشن ۽ روهڙي ريلوي لائن تي آهي. هن شھر ۾ 2006ع ۾ پير عبدالقادر شاهه جيلاني انسٽيٽيوٽ آف مئڊيڪل سائنسز جو طبي ۽ تدريسي ادارو پڻ قائم ڪيو ويو. جيڪو عام طور گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف مئڊيڪل سائنسز گمس (Gims) جي نالي سان مشھور آهي. هن اداري ۾ ٻين طبي سھولتن سان گڏ جگر جي پيوندڪاري ڪئي وڃي ٿي. 2021ع کان هن اداري ۾ هڏين جي مِک (Bone Marrow) ٽرانسپلانٽ جو آغاز پڻ ڪيو ويو آهي.