گهانگهرو (ذات): هن ذات بابت خير محمد ٻرڙو پنھنجي ڪتاب ”ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا“ ۾ لکي ٿو ته، ”گهانگهرو ذات وارا سما ۽ ملاح آهن، آبڙ (ابڙن جو قبيلو/ابڙن جا رهائشي ماڳ) ۾ اچن ٿا. تاريخ ۾ هنن کي ڏيپر جو اولاد ڄاڻايو ويو آهي. هڪڙي ڦٽل دڙي جو نالو پڻ ”ڏيپر گهانگهرا“ آهي، جيڪو ڏيپر جي اولاد گهانگهرن سان منسوب آهي.“ جڏهن ته اياز ڀاڳت پنھنجي تصنيف ”ذاتين، قومن ۽ قبيلن جي انسائيڪلو پيڊيا“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، ’گهانگهرو‘، ’گهانگ‘ يا ’گهاگ‘ مان نڪتل آهي، سنڌيءَ ۾ گهاگ دلي، مٽ ۽ چاڏيءَ کي چيو ويندو آهي. انھيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، هي بنيادي طور مالوند ماڻهو هئا، جيڪي کير، ڏُڌ ۽ مکڻ ۾ شاهوڪار هئا ۽ سندن گهاگيون يا چاڏيون هميشه ڀريل هونديون هيون، انھي ڪري مٿن گهانگهرو ذات جو نالو پئجي ويو. گهانگهرو ذات وارا بنيادي طور مالوند ۽ زراعت ڪار آهن، جيڪي گڏيل سنڌ جي وقت ۾ درياءَ جمنا جي علائقي کان پٽياله، پنجاب ۽ سرائيڪي علائقن کان ٿيندا، سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي آباد ٿيا، پر هن وقت انھن جي گهڻائي نوشھري فيروز ضلعي ۽ تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ آهي، انھن جو تعلق ڪنھن قديم ذات وارن سان آهي. هي راجا ڪرن جي نسل مان آهن. سنڌ وارا گهانگهرا سما قبيلي جو هڪ پاڙو آهن ۽ کين سماٽ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.“