گهڙو (لوڪ ناچ جو قسم): سنڌ جو مشھور لوڪ ناچ، جيڪو شاديءَ ۽ وهانءَ کان سواءِ عام محفلن ۾ به پيش ڪيو ويندو آهي. هي ناچ عورتون به ڪنديون آهن، پر گهڻو ڪري مرد ڪن. عورتون جنھن مھل پاڻي ڀرڻ وينديون آهن ته هڪ ئي واري ۾ به گهڙا ۽ ڪي ته ٽي ٽي گهڙا هڪٻئي مٿان رکي اينديون آهن. ايئن ڪرڻ ۽ گهڙن کي متوازن رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي.
گهڙو ناچ خاص ڪري مرد ڪندا آهن، جنھن جي ناچ جي صورت هيءَ آهي ته، هڪڙي ڏيڍ يا پوڻا ٻه فٽ اوچي گول ڪاٺي اندران پوري ۽ موڪري کڻبي آهي، جنھن جو هيٺيون کليل پاسو سوڙهو هوندو آهي ۽ اهو نچڻ واري جي مٿي تي رکيو ويندو آهي، ٻي موڪري ۽ کليل ڇيڙي تي ڀريل پاڻيءَ، جو دلو رکبو آهي. ان بعد اهو نچڻ وارو اٿي بيھندو ۽ ڪو ٻيو دهل جهُمر وڄائيندو آهي. انھيءَ تال تي قدم کڄندا ۽ پيرن ۾ پيل هلڪي قسم جا گهنگهرو وڄندا آهن. نچڻ وارو هڪ طرف گهڙي کي سنڀاليندو، ٻئي طرف هٿن ۽ آڱرين سان، دهل جي لئي تي جهمريون پائيندو، اٿندو ۽ ويھندو، نچندو ويندو آهي، پر اهڙي ڪمال مھارت سان، جو پاڻيءَ جو ذرو به هيٺ نه ڇُلڪندو ۽ فن جي سمورين ڪسوٽين تي به پورو لھندو آهي.